چنيسر آريسر محمد حيات مغل جي گهر ۾ 7 جولاءِ 1961 تي جنم وٺندڙ رحمان مغل ميٽرڪ تائين تعليم ته پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪئي پوءِ خيرپور جي ٽيڪنيڪل ڪاليج مان ڊپلوما ڪرڻ کان پوءِ سب انجنيئر بڻيو 1975ع ڌاري دوستن سان ويٺي ماچس وڄائي ڳائڻ جي شروعات ڪندڙ رحمان مغل کي ڪوثر پرڙو ريڊيو تي متعارف ڪرايو، مشهور شاعر سيمح بلوچ جڏهن سرمد سنڌي کي ٽي وي تي معتارف ڪرايو تڏهن هن جي ڳاتل ڪلام ” رات آئي وئي“ سڄي سنڌ ۾ منفرد سڃاڻپ ماڻي سرمد سنڌي ته اهڙو راڳي هو جنهن کي مشهور شاعر تاجل بيوس ” راڳ جو راڻو“ ڪري سڏينديو هو ڊسمبر جي سرد رُت ۾ وڇڙي ويل سنڌ جي انقلابي شاعر شيخ اياز به سرمد سنڌي لاءِ رکيو هو ته سرمد جو آواز اڃان تائين ڪتين جي ڪنن ۾ گونجندو هوندو ۽ ستارا اهو ٻڌي عجب ۾ سوچيندا هوندا ته ڌرتي به اهڙو اپگرهه آهي جتي اهڙي لازوال ڏات پيدا ٿي سگهي ٿي ” سرمد سنڌي کي نه صرف راڳ جو راڻو پر سنڌ جو ٻيجل ڪري به سڏيو ويند هو، هن هميشه موسيقي کي پنهنجي اظهار جو ذريعو بڻايو، هن جو آواز مسڪين ماڻهن جي صدا ٿي گونجندو هو ته اها ڳالهه سچ ثابٿ ٿيڻ لڳندي هئي ته: مون ڏات انوکي آندي آ ٿي تند وڙهي تلوارن سان ٿو پنهنجا گيت جڏهن ٽڪرايان آئون ديوارن سان ٿا تنهنجا ڀاري برج لُڏن تون هڻيو آهن هٿيارن سان سرمد سنڌي جا ڳاتل گيت جڏهن ڌرتي مٿي گونجندا هئا تڏهن ايوانن ۾ ويٺل اقتدار ڌڻي به ڏڪي ويندا هئا، هن جڏهن اوقاتل بدلو وٺنداسين“ ته ان وڏي مشهوري ماڻي سرمد سنڌي سڀ کان وڌيڪ شاعر زاهد شيخ شاعري جي ڳاتي هئي، زاهد شيخ سرمد سنڌي جو ڳوٺائي هئڻ سان گڏ خوبصورت شاعر پڻ آهي. سرمد سنڌي جي اها به عجيب فطرت هوندي هئي ته هن کي ڪنهن جي به شاعري وڻي ويندي هئي ته هوءِ اها ضرور ڳائيندو هو. اهوئي سبب آهي جو هن جي ڪيترن ئي ڪلامن بابت اها به خبر ناهي ته اها شاعري ڪهڙي شاعر جي آهي. سرمد سنڌي شيخ اياز، استاد بخاري، حليم باغي، ۽ اياز گل۽ ادل سومرو جي شاعري کي به ڳاتو. قومپرست اڳواڻن جي جلسن ۾ جڏهن سرمد سنڌي ڳائيندو هو تڏهن سائين جي ايم سيد، شيخ اياز، عبدالواحد آريسر، ۽ ٻيا اڳواڻ سرمد سنڌي کي داد ڏيڻ کان سواءِ رهي ڪونه سگهندا هئا، جتي نوجوان کيس غور سان ٻڌندا هئا اتي وري عورتن ۽ ٻارن جي به پسند جو فنڪار به هو هن جي سڀ کان وڏي سلڇڻائپ ته اهائي هوندي هئي جو هوءِ سڀني سان مرڪي ملندو هو هن وٽ پنهنجي ٻڌندڙن جو قدر هو سنڌ هن کي جئَ ۾ جايون انهي ڪري ڏنيون ته هن ڪڏهن به پنهنجي دل ۾ وڏائي ۽ تڪبر کي اچڻ ڪونه ڏنو. پنهنجي ٻڌندڙن پاران اماڻيل خطن جا به هوءِ خوشي وچان جواب لکندو هو، هوءِ هر اچڻ واري ماڻهو جو آڌرڀاءُ ڪندڙ شخص هو هن کي سنڌ ڌرتي ٻولي ثقافت ۽ تهذيب سان بي انها محبت هوندي هئي، ميڊيا جي رنگين دنيا ۾ به هن سچائي جو پانڌ هٿن مان ڪونه ڇڏيو، ساري سڀ ڄمار پريت جي ريت نڀائيندي هن مسڪين ماروئڙن جي درد کي دل سان محسوس ڪيو شايد انهي لاءِ ئي هوءِ ڌرتي جي صدا بڻجي اڀريو. 27 ڊسمبر 1996 تي ديوان شگر مل جي ڀرسان حادثي ۾ هميشه لاءِ ڇڏي ويندڙ سرمد سنڌي اهڙو فنڪار هو جنهن سنڌ جي حقن لاءِ صدائون بلند ڪيون هن هر اسٽيج تي سنڌ جو ڪيس وڙهيو، هاڻ جڏهن سرمد سنڌي ناهي رهيو تڏهن ائين محسوس ٿئي پيو ته واقعي هاڻ ڪوبه اهڙو ماڻهو ناهي جيڪو موسيقي وسيلي سنڌ جي آواز کي آلاپي. سنڌ جي سر زمين تي موسيقي اڄ به معجزن ۾ آهي. اڄ به فنڪار پنهنجي فن جو مظاهرو ڪن ٿا پر سُرن جون اهي صدائون ڪٿي به ناهن جن سُرن تي سِر گهوري ڇڏيا آهن ڪٿ به ڪو اهڙو آواز ناهي جيڪو ڊسمبر وانگي ٺري ويل جذبن کي ڪو تاءُ بخشي. الائي ڇو هاڻ ڪٿي به زندگي جي ساز کي وڄائڻ وارا آرٽيسٽ نٿا ملن جن جون تخليقون روح ۾ ستارن جي ستار وڄائي وجهنديون آهن ڪيترائي سال گذري وڃڻ پڄاڻان سرمد سنڌي اڄ به عوام جي دلين ۾ موجود آهي سنڌ واسين سرمد سنڌي کي جيڪا محبتن ڀري موٽ ڏني ان کيس هميشه جي لاءِ امر بڻائي ڇڏيو سرمد سنڌي جاگيت اڄ به گونجن ٿا پر ان پڄاڻان اهڙو ڪوبه راڳي ناهي جيڪو سورن ۽ سنڌ جي صدائن کي بلند ڪري ۽ ڌرتي جو آواز اٿاري.