عوامي دلين تي راڄ ڪندڙ شهيد بينظير ڀٽو محمد خان سيال ڪنهن به سياسي اڳواڻ لاءِ اها نهايت ئي عزت ڀري ڳالهه آهي ته عوام سندس وفات کانپوءِ کيس پنهنجن دلين ۾ جايون ڏئي ۽ اها ڳالهه شهيد بينظير ڀٽي توڙي سندن والد شهيد ذوالفقار علي ڀٽي، ٻنهي سياسي اڳواڻن سان لاڳو ٿئي ٿي. سوچڻ جي اها ڳالهه آهي ته اهو سماج جت ماڻهو مرڻ کانپوءِ ڪنهن کي ياد ڪونه ٿو ڪري، اتي عوام ٻنهي شهيدن کي آخر پنهنجن دلين ۾ ڇو ٿو جايون ڏئي؟ هنن عوام جي ڀلي لاءِ پاڻ پتوڙيو هوندو نه ته هن مطلبي دنيا ۾ شهادت کانپوءِ ڪير ڪنهن کي ياد ڪري ٿو؟ جيڪڏهن هو عوام جي خدمت ڪونه ڪن ها ته هيترا ورهيه گذرڻ کانپوءِ عوام به کين وساري ويهي ها جيئن ايوب کهڙي، پير علي محمد راشدي، اي ڪي بروهي، چوٿين ملٽري ڊڪٽيٽر جنرل ضياءِ الحق ۽ اهڙن ٻين سياسي اڳواڻن کي عوام وساري ڇڏيو آهي جن جو ڪوبه نالو وٺڻ وارو ڪونهي. ملڪ جي فوجي ڊڪٽيٽر جنرل ضياءِالحق پنهنجي يارهن ورهين جي اونداهي دور ۾ توڙي سندس اڻ سڌي ريت حامي ڪجھه سنڌي قومپرستن گھڻائي جڙتو قصا جوڙي اها ڪوشش ڪئي ته ڀٽي خاندان جون يادون عوام جي دلين کان ڪڍي سگھن پر کين منهن ڀر ڪرڻو پيو. شهيد بينظير ڀٽو جيڪا سنڌ جي نياڻي، شهيد راڻي يا ڊاٽر آف ايسٽ (اوڀر جي نياڻي) طور سڃاتي ويندي آهي تنهن ساري دنيا ۾ پنهنجي ساک قائم ڪئي جنهن کي ملڪ جو غريب ۽ مسڪين عوام خاص ڪري اڄ به ياد ڪري ٿو ۽ سڄي دنيا به کيس عزت جي نگاهه سان ڏسي ٿي. خميس 27 ڊسمبر 2007 پاڪستان جي تاريخ جو اهو ڪارو ڏينهن هو جڏهن مسلم دنيا جي پهرين اڳوڻي وزيراعظم ۽ سنڌ جي نياڻي محترما بينظير ڀٽو جنهن بين الاقوامي سطح تي پنهن جي اهليت جو ڌاڪو ڄمايو، تنهن کي پنجاب جي هڪ اهم شهر راولپنڊيءَ ۾ هڪ وڏي عام جلسي کي خطاب ڪرڻ کان ستت ئي پوءِ شهيد ڪيو ويو. ان کان اڳ، شهيد بينظير ڀٽي جي ڪراچيءَ پهچڻ کانپوءِ 18 آڪٽوبر 2007 تي سندن جلوس تي بمن سان حملو ڪيو ويو جنهن ۾ اٽڪل 180 ماڻهو شهيد ٿي ويا ۽ 500 کن ڦٽيا جڏهن ته شهيد بينظير انهيءَ موتمار حملي ۾ پاڻ بچي وئي هئي ۽ پوءِ ايڏي خطري جي باوجود لياري جنرل اسپتال ۽ جناح اسپتالن ۾ ڦٽيلن جي خيريت پڇڻ پهچي وئي ۽ جيڪي شهيد ٿيا تن جي پونئرين سان به عذرخواهيون ڪيائين. درحقيقت ڪارساز پل وٽ ڪنهن ماڻهوءَ بارود سان ڀريل کيس ننڍڙو ٻار ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي هئي جيڪو هڪ سنڌي پوليس آفيسر موٽائي ڇڏيو، بعد ۾ شهيد بينظير ان جي تصديق به ڪئي هئي ته کيس بارود سان ڀريل ٻار ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي. درحقيقت اڳ ۾ به شهيد بينظير کي قتل ڪرڻ لاءِ ڪيتريون ڪوششون ڪيون ويون جيڪي ڪامياب ڪونه ٿيون، هڪ اهڙي ڪوشش پنجاب جي شهر وزيرآباد ۾ به ڪئي وئي ۽ گرفتار ٿيل شخص اعتراف ڪيو هو ته سخت سيڪيورٽيءَ سبب هو پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ڪونه ٿيو جڏهن ته شهيد بينظير مڃيو هو ته دادو جي هڪ شخص کيس قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي جنهن جو واسطو مذهبي انتهاپسند گروپ سان هو. ڪراچيءَ ۾ ٿيل حملي کانپوءِ، پ پ پ جي اڳوڻي اڳواڻ ۽ هاڻ پاڪستان مسلم ليگ (فنڪشنل) ۾ شامل ٿيل غلام مصطفى کر (پنجاب جو اڳوڻو وڏو وزير)، ڪراچيءَ جي حادثي کانپوءِ انديشو ڏيکاريو هو ته بينظير کي پنجاب جي دوري دوران شهيد ڪيو ويندو پر انهيءَ ۽ اهڙين ٻين وارننگ جي باوجود شهيد بينظير ڀٽي کي ڪابه ڪارائتي سيڪيورٽي مهيا ڪرڻ جي ڪوشش ڪانه ڪئي وئي جڏهن ته راولپنڊي ۾ سندس عام جلسي دوران، مٿيس وڏي حملي جو خطرو موجود هو پر پاڪستان جي چوٿين ملٽري ڊڪٽيٽر ۽ نسلي مت ڀيد رکندڙ جنرل (ر) پرويز مشرف، اڳوڻي وزيراعظم ۽ ملڪ جي سڀ کان وڏي پارٽيءَ جي سربراهه شهيد بينطير کي اطمينان جوڳي سڪيورٽي ڪانه ڏني، بهرحال، گھڻو پوءِ سندس چوڻ هو ته سڪيورٽي مهيا ڪرڻ صدر جو ڪم ناهي جڏهن ته حقيقت اها هئي ته شهيد بينظير تي اڳ ئي ڪراچيءَ ۾ ٿيل حملي جنهن ۾ وڏو جاني نقصان ٿيو هو، تنهن کي نظر ۾ رکندي کيس سخت سڪيورٽي جا آرڊر ڏيڻ گهربا هئا جڏهن ته اڳوڻو ملٽري ڊڪٽيٽر ننڍي ننڍي ڳالهه تي هونئن ئي ڪيترن مامرن ۾ مداخلت ڪندو رهندو هو. شهيد بينظير جي سَهري ۽ هاڻوڪي صدر آصف علي زرداريءَ جي والد رئيس حاڪم علي زرداري مرحوم ميڊيا موجب پنهنجن آخري ڏينهن ۾ ڪراچيءَ ۾ ذاتي تقريب ۾ ڳالهائيندي چيو هو ته بينظير جي شهادت ۾ اصل هٿ جنرل (ر) پرويز مشرف ۽ لساني تنظيم ايم.ڪيو.ايم جو هو. جڏهن ته گڏيل قومن جي اداري جي تحقيقاتي رپورٽ موجب ۽ کين محدود اختيار ڏيڻ جي باوجود اها ڳالهه تسليم ڪئي وئي ته شهيد بينظير کي مناسب سيڪورٽي ڪانه ڏني وئي هئي. جيئن ته اهو جنرل (ر) مشرف جو دور هو سو سڪيورٽي ڏيڻ به سندس ئي ذميداري هئي. اها به پنهنجي جاءِ تي حقيقت آهي ته شهيد بينظير جي دور ۾ ، سندس ڀاءُ مرتضى ڀٽي کي ڪراچيءَ ۾ پوليس جي هتان شهيد ڪرايو ويو هو جنهن تي اسان جي ڪجھه دوستن جي خيال هو ته ان تي شهيد بينظير ڀٽي کي احتجاجي طور استعيفا ڏيڻ گهرجي ها. منهنجي خيال ۾ شهيد بينظير کان اهڙو مطالبو ڪرڻ غلط ۽ بي بنياد هو، پر مان سمجهان ٿو ته مرتضى کي انهيءَ ڪري شهيد ڪيو ويو ته جيئن بينظير کي وزيراعظم جي عهدي تان هٽائي سگھجي پر شهيد بينظير پنهنجي طرفان استعيفى نه ڏئي سندن منصوبي کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو. جيئڻ ته بينظير اسڪاٽلينڊ يارڊ کان مرتضى جي شهادت جي جاچ ڪرائڻ لاءِ ٽيم گھرائي پر ان کي ڪم مڪمل ڪرڻ ڪونه ڏنو ويو جنهن ڪري انهن کي بينظير کان جند ڇڏائڻ لاءِ سندس حڪومت کي ختم ڪرڻو پيو ۽ اهڙيون قوتون جيڪي جمهوريت تي راتاهو هڻنديون آهي، تن جي هڪ ڀيرو وري پت وائکي ٿي پيئي ۽ دنيا ڏٺو ته ڪهڙا ماڻهو جمهوريت جا اصل دشمن آهن. شهيد بينظير جي ٻنهي دورن دوران، ملڪ جو اميج بهتر بنائڻ لاءِ پرڏيهي پاليسيءَ تي گھڻو زور ڏنو ويو، جيئڻ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ ٿيندو هو جو پرڏيهي پاليسيءَ کي وڏي اهميت ڏني ويندي هئي. دنيا جي ڪيترن ملڪن جي سير سپاٽي تي وڃڻ دوران مونکي ڪيترا ئي اهڙا ٽيڪسي ڊرائيور ۽ دڪاندار مليا جيڪي ملڪ جو نالو ٻڌندا هئا ته چوندا هئا ته ڀٽو...ڀٽو جيڪو ڄڻ ته ڀٽو خاندان ملڪ جي سڃاڻپ بڻجي ويو هو. اها ته اسان سڀني کي خبر آهي ته شهيد بينظير جي دور ۾ سنڌ جي ترقيءَ تي خاص ڏيان ڏنو ويندو هو جنهن ۾ ڪيٽي بندرجي اڏاوت، اتي بجلي گھر ٺاهڻ، ٿر ڪوئلي جهڙا پراجيڪٽ وغيره شامل هئا جيڪي بعد ۾ نواز شريف جي ايندڙ حڪومت نه رڳو ختم ڪري ڇڏيا پر پنهنجي ٻنهي دورن (ڪل 6 ورهيه مدو) دوران سنڌ لاءِ به ڪي پراجيڪٽ ڪونه شروع ڪيائين ۽ سندس اقتدار جي ٽئين دور ۾ هاڻ به ذري گھٽ ساڳي ڳالهه آهي. شهيد بينظير سنڌ دشمن ڪالاباغ ڊيم واري رٿا کي رد ڪرڻ لاءِ ڪمون شهيد (سنڌ پنجاب بارڊر ) وٽ تاريخي ڌرڻو به هنيو هو ۽ چيو هئائين ته تڪراري ڪالاباغ ٺهيو ته سنڌ رڻ پٽ ٿي ويندي جڏهن ته سندس پارٽي جي مقبوليت تي پنجاب ۾ خراب اثر پوڻ جو انديشو هو. شهيد بينظير، ملڪي ۽ عالمي مقبول اڳواڻ هئي، پاڪستان جي ٽئين ملٽري ڊڪٽيٽر جنرل ضياءِالحق جي دور ۾ سال 1986 ۾ جڏهن شهيد بينظير لاهور ۾ آئي ته لکين ماڻهن سندس تاريخي آدرڀاءُ ڪيو ۽ فوجي ڊڪٽيٽر ڪوششن جي باوجود، عوام جي شهيد ڀٽي جي ڪٽنب لاءِ، دلين ۾ گهر ڪري ويل محبت ختم ڪري نه سگھيا. جنرل (ر) مشرف به شهيد بينظير جي اميج کي خراب ڪرڻ لاءِ وڏيون ڪوششون ڪيون پر کيس وريو ڪجھه به ڪونه ، اٽلندو کيس شرمندو ٿيڻو پيو، اهو ڊڪٽيٽر جيڪو بينظير خلاف گھڻو ڪجھه بڪندو رهندو هو، سو مجبور ٿي پاڻ شهيد بينظير وٽ گڏيل عرب ياستن ۾ هلي ويو ۽ اها ملاقات سندس پنهنجي مطالبي تي ٿي هئي ۽ پوءِ سندس ئي چوڻ موجب اين.آر.او رائج ڪيو ويو. شهيد بينظير جي مقبوليت جو اندازو ان کان لڳائي سگھجي ٿو جو سندس شهادت جو ٻڌي، ڄڻ ته سڄي ملڪ ۾ باهه لڳي وئي پر جنرل (ر) مشرف جي دور جي تڏهوڪي سنڌ جي وڏي وزير ڊاڪٽر ارباب رحيم، لساني تنظيم ايم.ڪيو.ايم جي سنڌ جي گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد سان ملي ڀڳت ڪري ست لک سنڌين خلاف ڪوڙا مقدما قائم ڪيا هئا جن ۾ ڪيترا معذور، بيمار، ٻار ۽ ڪي ملڪ کان ٻاهر به ويل هئا. حيرت ته ان ڳالهه تي ٿي ته ڪيترا اهڙا ماڻهو به شامل هئا جيڪي گھڻو وقت اڳ مري چڪا هئا ۽ ڪيترا ته داخل ڪيل ڪيسن وارن شهرن ۾ موجود به ڪونه هئا. مطلب ته زيادتي ۽ ناانصافيءَ جي حد ڪئي وئي ۽ افسوس ته سنڌ جو لٻاڙي اڳوڻو وڏو وزير ڊاڪٽر ارباب رحيم، اهڙا بيان ڏيندو ٿووتي ڄڻ ته سنڌ ۽ سنڌين جي درد ۾، کيس ماني جو ڳڀو به نڙيءَ کان هيٺ نه ٿو لهي. رڪارڊ کي درست رکڻ لاءِ هت اهو به ٻڌائڻ ضروري آهي ته بينظير جي شهادت کانپوءِ انهيءَ لٻاڙي اڳوڻي وڏي وزير چيو هو؛ مان جيڏانهن به وڃان ٿو ته هر طرف بينظير جي ياد ۾ ماڻهو ڏک جا گيت ڳائڻ ٿا ۽ اهڙيون ڪيسٽون وڄائن ٿا، تنهن ڪري اهو سڀ ڇڏي ڏيو، هوءَ مرڻي هئي سا مري وئي وغيره. شهيد بينظير جو فرزند بلاول ڀٽو زرداري جيڪو 26 ورهين جو نوجوان آهي، سو سياست ۾ پير پختا ڪري رهيو آهي. جيڪڏهن هن عوام جي سياست ڪئي ۽ ماڻهن جي خواهشن ۽ امنگن جو ڀرم رکندي ڀرپور سياست ڪئي ته پڪ آهي ته ملڪ جو عوام عام طور ۽ سنڌ جو عوام خاص طور بلاول ڀٽي زرداريءَ کي عزت ڏيندو ڇاڪاڻ ته عوام اڄ به شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي ڪٽنب سان ديوانگيءَ جي حد تائين پيار ڪري ٿو ۽ بلوچ قومپرست عطاالله مينگل جي چواڻي ، سنڌ جا ماڻهو اڄ به ڀٽي کي پير ڪري پوڄن ٿا. شهيد بينظير پنهنجي ٻنهي دورن ۾ ڪيترائي ڪارناما ڪياجن ۾ دوران جمهوريت ۽ ادارن کي مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. پاڪستان جي عام ترقي ۽ سنڌ جي خاص ترقيءَ لاءِ خاص ڪوششون ڪيون ويون.پرڏيهي پاليسي بهتر بڻائي وئي ۽ پاڙيسري ملڪن سان لاڳاپن ۾ بهتري آندي وئي. بنيادي انساني ۽ عورتن جي حقن جي بحاليءَ لاءِ ڪوشش ڪئي وئي ۽ پارليامينٽ ذريعي قانون سازيءَ کي زور وٺرايو ويو. ايٽمي ميزائيل ٽيڪنالاجيءَ کي پڻ ڀرپور ترقي وٺرائي وئي. هن ملڪ جي اها وڏي ٽريجڊي هئي ته شهيد بينظير جي ٻنهي حڪومتن دوران کيس پنهنجو پنجن پنجن ورهين جو مدو پورو ڪرڻ ڪونه ڏنو ويو ۽ جيڪڏهن هو پنهنجا ٻيئي ٽرم مڪمل ڪري ها ته پڪ آهي ته پاڪستان گهڻي ترقي ڪري ها پر افسوس ته جمهوريت خلاف سازشون ڪيون ويون، جنهن جي اسان اڄ به سزا ڀوڳي رهيا آهيون. شهيد بينظير جي مقبوليت جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگھجي ٿو جو سڄي دنيا جي عالمي ليڊرن ان تي عذرخواهيون ڪيون ۽ شهيد بينظير کي شاندار لفظن ۾ عقيدت پيش ڪئي ۽ بئريسٽر اعتزاز احسن جا اهي لفظ مان هتي ورجائڻ چاهيان ٿو ته جڏهن ذوالفقار علي ڀٽي جي شهادت ٿي هئي ته هماليا جبل رنو هو ۽ جڏهن بينظير شهيد ٿي ته ساري دنيا رني هئي. گڏيل قومن جي اداري پڻ شهيد بينظير کي زبردست عقيدت پيش ڪئي هئي ۽ دهشتگرديءَ خلاف سندس خدمتن جي واکاڻ ڪئي هئي. درحقيقت، شهيد بينظير دهشتگرديءَ خلاف جدوجهد جو اهڃاڻ بڻجي وئي هئي. پاڪستان ۾ به ملٽري ڊڪٽيٽر جنرل (ر) مشرف کي به پاڪستان جو قومي جھنڊو ٽي ڏينهن جھڪائڻو پيو هو. شهيد بينظير جو ملڪ کان جلاوطنيءَ دوران گھڻو وقت انٽرنيٽ تي گذرندو هو ۽ هو ڪيترن سوالن جا جواب پاڻ ڏيندي هئي، خود مون وٽ سندس اٽڪل ستن سالن دوران سوين اِي ميل موجود آهن ۽ منهنجا کانئس ورتل ٽي انٽرويو پنهنجي جاءِ تي يادگار آهن جن جو ذڪر مان اڳ به ڪجھه مضمونن ۾ ڪري چڪو آهيان. (27 ڊسمبر 2014)