انقلاب ڪيئن ايندو آهي ؟؟؟؟

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ مسيح مگسي طرفان آندل موضوعَ ‏27 ڊسمبر 2014۔

  1. مسيح مگسي

    مسيح مگسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2012
    تحريرون:
    161
    ورتل پسنديدگيون:
    411
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    قمبر
    اضافي نوٽ: سچ پچ هن ڪهاڻي مون کي بي حد متاثر ڪيو، پڙهڻ کان پوءِ يقينن اوهان به متاثر ٿي سگهو ٿا، ان ڪري هيءَ ڪهاڻي ”سنڌ سلامت“ تي ونڊ ڪريان ٿو: مسيح مگسي

    ٻن آمريڪي دوستن جي. هڪ سچي ڪهاڻي

    ’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’
    نوٽ: * هي ڪالم پاڪستان جي هڪ اردو اخبار منجهان کڻي ڪري ترجمو ڪيان پئي. اميد ته انقلاب جي خواهش رکندڙن لاءِ فائدي مند ثابت ٿيندو.: ڊاڪٽر شانزا سنڌي*
    ’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’

    انقلاب ڪيئن ايندو آهي ؟؟؟؟

    ڊاڪٽر شانزا سنڌي

    آمريڪي رياست ٽيڪساس ۾ ٻه دوست هينري ۽ ٽام رهندا هئا، هي ٻئي تمام غريب هئا ۽ ڪاري نسل سان تعلق رکندا هئا. ٻنهي چاهيو پئي ته هنن جي سياسي، سماجي ۽ معاشي حالت سڌري، ڪا انقلابي حڪومت اچي. ٻنهي تبديلي چاهي پئي پر ٻنهي جا اصول الڳ هئا.
    ٽام چاهيو پئي ته هڪ انقلابي حڪومت اچي جيڪا اسان سڀني جي حالت کي سڌاري، مان به گهر خريد ڪيان، مهانگي گاڏين ۾ گهمان.
    پر هينري جو خيال بلڪل مختلف هو، هن جي مطابق ڪنهن به ماڻهوءَ جي تقدير ڪو سياستدان نه ٿو بدلائي سگهي هر سياستدان پهنجي مفادن لاءِ سوچيندو آهي.
    هن سبب جي ڪري ٻنهي ۾ اختلاف ٿي ويا ۽ ٻئي الڳ ٿي ويا.
    هينري جو هڪڙو گهر هو جنهن تي هن جو سندس مائٽ سان ڪورٽ ۾ ڦڏو هلي رهيو هو پر هينري مائٽ جي گهر وڃي ان ڪيس تان هٿ کڻي ويو. هن پهنجو حق ٻئي کي ڏئي ڇڏيو.
    هينري پهنجي واحد گاڏي 5 هزار ڊالرن ۾ وڪڻي ڇڏي. اڍائي هزار پهنجي گهر وارن کي ۽ ٻارن کي ڏنائين باقي اڍئي هزارن ۾ هڪ سال لاءِ رڌ پچاءَ جو ادارو جوائن ڪيو. اتي ڪم ڪرڻ لڳ، اڌ پئسا بچائيندو هو ۽ اڌ گهر تي خرچ ڪندو هو. لڳاتار هڪ سال تائين پئسا جمع ڪيائن. سال پورو ٿيڻ کان پوءِ هينري وٽ 12 هزار ڊالر جمع ٿي ويا. انهن پئسن مان هن پهنجو ننڍڙو هوٽل کوليو جتان هو مختلف ڪمپنين ۽ اسڪولن ۾ پارسل ڏئي ايندو هو. لڳاتار ڪم جي ڪري هن جو ڪاروبار وڌندو ويو ۽ هن وقت هينري جو ڪاروبار آمريڪا جي 14 رياستن ۾ 24 ڪلاڪ هلي پيو. هن وقت هينري آمريڪا جي 14 امير شخصيتن مان هڪ آهي.
    هاڻي اچو ته ڏسئون ٽام سان ڇا ٿيو ؟؟؟؟
    ٽام به سياسي تبديلي لاءِ جدوجهد شروع ڪري ڇڏي. ان وقت هن صدارتي اميدوار بل ڪلنٽن کي سپورٽ ڪيو، ان جي هر جلسي ۽ ريلي ۾ ويندو هو، نعرا هڻندو هو، ڊانس ڪندو هو. بل ڪلنٽن به پهنجي هن مداح مان متاثر ٿيو ۽ هن کي سڃاڻي ويو. اليڪشن جي نتيجن ۾ بل ڪلنٽن آمريڪا جو صدر ٿيو.
    ٽام سان جڏهن ملاقات ڪيائين ته چيائينس ”مان توهان لاءِ ڇا ٿو ڪري سگهان ؟؟؟“
    ٽام بل ڪلنٽن کان فقط هڪ سٺي گهر جي درخواست ڪئي پر بل ڪلنٽن اهو چئي رد ڪيو ته اهو مهنجي اختيار ۾ ناهي. 8 سالن جي اقتدار ۾ بل ڪلنٽن کيس گهر نه ڏئي سگهيو.
    ٽام ان کان پوءِ مايوس ٿي جارج بش جو حامي ٿي ويو. ان جي هر جلسي ۽ ريلي ۾ ويندو هو، نعرا هڻندو هو، ڊانس ڪندو هو، هن جي هر مهم ۾ حمايت ڪيائين.
    جارج بش آمريڪي صدر ٿي ويو، ساڳي ريت ٽام بش کان به گهر جي گُهر ڪئي. بش پهنجي پارٽي فنڊ مان ٽام کي گهر خريد ڪري ڏنو. گهر وڃڻ کان پوءِ ٽام سوچيو ته فقط هڪ گهر انسان جي ضرورتن کي پورو نه ٿو ڪري سگهي. اهو سوچي ٻيهر بش ڏانهن ويو ۽ وظيفي جي درخواست ڪيائين پر بش کيس اهو چئي موٽائي ڇڏيو ته تو جهڙا 4 ڪروڙ ماڻهو آمريڪا ۾ رهن ٿا. هر ڪنهن کي سپورٽ نه ٿو ڪري سگهجي.
    ٽام ڏاڍو مايوس ٿيو ۽ وري اوباما جي حمايت شروع ڪئي. ان جي هر جلسي ۽ ريلي ۾ ويندو هو، نعرا هڻندو هو، ڊانس ڪندو هو، هن جي هر مهم ۾ حمايت ڪيائين.
    ٽام هاڻي اوباما جي دوستن مان هڪ ٿي ويو، اوباما کيس جلسن ۾ پاڻ سان گڏ بيهاريندو هو
    اليڪشن جو نتيجو آيو ۽ اوباما صدر ٿي ويو. اوباما دوست ٽام کي نه وساريو ۽ کيس ناشتي تي گهرايائين. اوباما کانئس پڇيو ”مان توهان لاءِ ڇا ٿو ڪري سگهان؟؟“
    ٽام اوباما کان نوڪري جي گذارش ڪئي، اوباما پڇيس ”ڇا ڇا ڪري سگهين ٿو ؟؟
    ٽام ڇيو .مون کي صرف گاڏي هلائڻ ايندي آهي“
    اوباما مسڪرائيندي پهنجي هڪ دوست کي فون ڪئي ۽ ٽام کي پهنجي ڪمپني ۾ نوڪري ڏيڻ جي گذارش ڪئي، دوست چيس ٺيڪ آهي.
    ٽام اڳلي ڏينهن ڪمپني جي ايڊريس کڻي اوڏانهن روانو ٿيو. هو هڪ 20 ماڙ تمام خوبصورت عمارت وٽ پهتو، سيڪريٽري سندس استقبال ڪيو. کيس لفٽ ۾ سڀ کان اوچي فلور تي وٺي آيو. ڪمپني جي صدر جي خوبصورت آفيس هئي.
    ٽام جيئن ئي اندر داخل ٿيو ڏٺائين ته هينري صدارتي ڪرسي تي ويٺو آهي......!!
    اهو هينري جنهن 30 سال اڳ اهو فيصلو ڪيو هو ته انسان پهنجي ذات جو ليڊر پاڻ هوندو آهي، ڪا به حڪومت انسان جي تقدير نه ٿي بدلائي سگهي، انسان پهنجي تقدير پاڻ بدلائيندو آهي.
    ان ڪري اسان جا ماڻهو اهو سمجهڻ ڇڏي ڏين ته انهن جي تبديلي ڪنهن جمهوري حڪومت سان سلهاڙيل آهي يا ڪو سياستدان انهن جي تقدير بدلائيندو. هو پهنجي تقدير پاڻ ئي بدلائي سگهن ٿا. هنن جي تقدير هنن جي هٿن ۾ آهي، تقدير هٿن جي ريکائن ۾ نه پر هٿ جي طاقت ۾ هوندي آهي
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ”سائل“ ڀويش ڪمار مهراڻ

    ”سائل“ ڀويش ڪمار مهراڻ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 ڊسمبر 2014
    تحريرون:
    16
    ورتل پسنديدگيون:
    32
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    بيشڪ تمام سهڻي ڪهاڻي
     
  3. سدیر احمد مهر

    سدیر احمد مهر
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 ڊسمبر 2014
    تحريرون:
    56
    ورتل پسنديدگيون:
    57
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Tiens International
    ماڳ:
    Nagar parkar
    واه زبردست سائین جیڈی وڈی سوج هوندی ایڈی وڈی کامیابی ملندی
     
  4. راشد علي چانڊيو

    راشد علي چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2014
    تحريرون:
    788
    ورتل پسنديدگيون:
    1,065
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    ضلو دادو تحصيل ميهڙ، وليج مٿيون عاليوال،
    بهترين ڪهاڻي آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو