عظيم استاد مولوي محمد حسن پهوڙ!!!

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ جبار آزاد منگي طرفان آندل موضوعَ ‏27 ڊسمبر 2014۔

  1. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    392
    ورتل پسنديدگيون:
    1,111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    عظيم استاد مولوي محمد حسن پهوڙ!!!
    اڪبر ايس مڱريو



    نالو: مولوي محمد حسن

    ولد:بلو پهوڙ

    جنم تاريخ: 1906ع

    جنم هنڌ: ڳوٺ فتح خان مري تعلقو ٽنڊوالهيار

    تعليم:ديني تعليم ڳوٺ سلام الله، ڳوٺ محمد حسن، ڳوٺ خان بهادر ناريجو، ڳوٺ ڀينڊي، سن، مسڻ، سنڌ، مدرسه السلام ڪراچي ۾ حاصل ڪيائون.

    عملي زندگي: 1928ع ۾ ڳوٺ ملوڪ پهوڙ تعلقي کپري ۾ مسلم اسڪول جو بنياد وجهي استاد ٿي پڙهائڻ شروع ڪيو، 1947ع ڌاري اسلاميه هاءِ اسڪول جو بنياد رکي تعليم کي تعلقي کپري جي مسڪين طبقي جي ٻارن تائين پهچايائين.

    وفات:17 هين ڊسمبر 1977ع

    هڪ صدي ا ڳ 1906ع ۾ ڳوٺ فتح خان مري تعلقو ٽنڊوالهيار ضلعي حيدرآباد جي هڪ مسڪين هاري بلو پهوڙ جي گهر هڪ ٻار جنم وٺي ٿو،جنهن جو نالو مائٽ پاڙي وارن جو منهن مٺو ڪرائي”محمد حسن“ رکن ٿا، جيئن ڪک هيٺيان لک لڪيل هوندو آهي، بلڪل ائين مسڪينيءَ ۾ وري موتي داڻا لڪيل هوندا آهن، جيڪڏهن دنيا جي”عظيم ذهن“ ۽ ڏاهن جي جيون ڪٿا پڙهبي ته اهي مسڪين مائٽن جو اولاد ئي ڏسڻ ۾ ايندا، مسڪين جي گهر ۾ هو ندو به ڇا، بک ڏک ۽ صبر، جڏهن معصوم ٻار انهن ڳالهين تي سوچي لوچي ۽ ويچاري ٿو ته دنيا ۽ دنيا جي رنگن کي محبوب بڻائڻ بجاءِ انسان ۽ انسانيت جي ڀلي لاءِ سوچي ٿو، جڏهن انسان جو اندر احساس حوالي ٿيندو آهي ته اهو فرد هر اهو ڪم ڪندو آهي، جنهن ۾ هڪ کان وڌيڪ انسانن جو ڀلو هوندو آهي، پنهنجو پاڻ سنوارڻ وارا اوهان کي کوڙ ملي ويندا، هار سينگار ڪندڙ ظاهري صاف پوشاڪ پاتل اندر جي هن ڪارن ماڻهن جي سماج ۾ صاف ذهن ۽ قوم جو درد رکندڙ مسڪين ماڻهو جو قدر جيڪڏهن اهڙن عظيم انسانن جو اسان وٽ قدر هجي ها ته اڄ سنڌ ڪانگن ۽ گدڙن حوالي نه هجي ها، تمام گهڻي افسوس سان مون کي هتي لکڻو ٿو پوي ته وڏن ماڻهن جي پٺيان اڌ صدي تاڙيون وڄائيندڙ خلق جيڪڏهن پنهنجن محسن عظيم هستين جي پيرن ۾ ويهي ها ته اڄ سنڌ پاڻي ڦڙي لاءِ سڪڻ بجاءِ سنڌ واسي هر ڪنهن جي اکين ۾ اکيون وجهي ڳالهائڻ جي سگهه رکي ها. تعليم ۽ ڄاڻ بنا انسان انڌو ۽ گونگن جي سماج ۾ هڪ تعليم جو روشن ڏيئو هٿ ۾ کڻي هلندڙ محمد حسن پهوڙ 1928ع ۾ ڳوٺ ملوڪ پهوڙ ۾ مسلم اسڪول جو بنياد وڌو، ڪجهه سال معصوم ٻارن کي ديني تعليم ڏيڻ لڳو، اڳتي هلي مولوي صاحب ديني تعليم سان گڏوگڏ دينوي تعليم لاءِ به سو چيو، پنهنجي اسڪول ۾ اي پي ڪلاس شروع ڪيا، ڳوٺ کانپوءِ مولوي صاحب 1947ع ۾ کپري شهر ۾ هاءِ اسڪول کولڻ جي نيڪ ارادي سان کپري آيو.

    تعليم جو ڏيئو جيڪو محمد حسن ٻاري هٿ ۾ کنيو هو، ان کي ڏسڻ سمجهڻ لاءِ به نظر کپي، ڀريل شهر جي سوين جڳهن ۾ محمد حسن کي اهڙو ڪمرو نه پيو ملي، جنهن ۾ هو معصوم ٻارن کي تعليم ڏيئي سگهي. وري شهر جي هڪ ”ڪالي خان“ کان هوٽل جو اڌ حصو ڪرائي ته وٺي، تعليم ڏيڻ شروع ڪئي، بي درد ۽ بي قدر هن سماج ۾ جانورن وڙهائڻ کان ڪڙي پاڻي جي ڍڪ چرس جي سوٽن سان پنهنجي دولت کي تيلي ڏيندڙن وٽ ڪنهن به ڀلي ڪم ۽ انسانيت جي ڀلي لاءِ هڪ پائي به ڏيڻ لاءِ نه هوندي اٿن. هن بي قدري ۽ احساس کان خالي سماج ۾ پرک جي نطر نه هئڻ جي برابر آهي، وري به ڪجهه ڏسڻ کانپوءِ ڪي اهڙا ماڻهو به آهن، جيڪي ٿوري مدد ڪندا آهن، اهڙي طرح محمد حسن پهوڙ جيڪو مولوي جي نالي سان مشهور ٿي چڪو هو، تنهن کي بانڪي چانهي بنا مسواڙ جڳهه ڏئي اڳتي هلي سانگهڙ جي ڊي سي انور عادل مولوي صاحب جي جذبي جو قدر ڪندي هڪ جڳهه ڏيئي ڇڏي اها جڳهه اڳتي هلي اسلاميه هاءِ اسڪول جي نالي سان کپري واسين لاءِ روشني جو سبب بني هئي، علم، ادب ۽ اخلاق جي اوسر ان جڳهه کان 1947ع کان شروع ٿي، مولوي محمد حسن پهوڙ جي اکين ۾ جيڪي خواب سجايل هئا، سي جڏهن معصوم ۽ بي پهچ شاگردن کي علم حاصل ڪندي پنهنجي اکين سان ڏسندو هو ته دل ٺري پوندي هئي، جنهن ماڻهو غريبي پنهنجن اکين سان ڏٺي هوندي، ان ماڻهو کي ننڍين ننڍين خوشين ۽ ضرورتن جو احساس هوندو، ڇو ته خوشي ڪڏهن به دولت سان حاصل ڪري نٿي سگهجي.

    خوشي جيڪا انسان ذات جي خدمت ۾ آهي، جنهن جي جيڪڏهن دولت سان راند ڪندڙ فردن کي خبر پوي ته هوند اهي ڦوڪائي ڪاٽن پوش ماڻهو گهڻو ڪجهه ڇڏي انسان دوست بڻجي پون. اسان وٽ دولتمند ماڻهن جي کوٽ ڪانهي، پر اسان وٽ شعور، علم ۽ احساس جي تمام گهڻي ڪمي آهي، اها ڪمي تڏهن ئي پوري ٿيندي جڏهن اسان مولوي محمد حسن پهوڙ جي جيون ۾ جهاتي پائي ڏک سک ڏسي ڪيل انسانيت جي خدمت کي ڏسڻ، پرکڻ، سوچڻ ۽ سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون، جنهن زماني ۾ مولوي محمد حسن پهوڙ اڻ ٿڪ ڪوشش وسيلي اسڪول کوليو هو، اهو وقت تمام ڏکيو هو پوءِ ان ڏکئي وقت ۾ به اڳيان مسئلن جا طوفان آيا هوندا، پر مولوي صاحب مايوس ٿيڻ بجاءِ علم جو علم اونچو رکيو، ان مان اسان کي اهو سبق ملي ٿو ته جيڪڏهن انسان ثابت قدم ۽ اٽل ارادي سان ڪم ڪندو رهيو ته هزار تڪليفون به گذري وڃڻيون آهن. گهڻو ڪجهه زماني جي پيرن ۾ لتاڙجي هڪ ڏينهن ختم ٿي سگهي ٿو، باقي جي زماني ۾ بچي ٿو ته اهو انسان جو پنهنجي زندگي ۾ڪيل انساني ڀلائي جو ڪم ئي هميشه هميشه لاءِ امر رهندو آهي، اسان ڏاڍا بي درد ۽ احساس کان خالي مٽيءَ جا بوتا آهيون، اسان رڳو پنهنجو پاڻ لاءِ جيئون ٿا، جڏهن ته اهو جيئڻ به ڪهڙو جنهن ۾ درد، سوچ، احساس نه هجن. اسان نه ڪنهن جي ڪم اچي ٿا سگهون ۽ نه ئي اسان انسانيت جي خدمت ڪندڙ عظيم انسانن کي سمجهي سگهيا آهيون، اسان ۽کپري واسين کي گهٽ ۾ گهٽ مولوي محمد حسن پهوڙ جي زندگي مان سبق حاصل ڪرڻ گهرجي، ڪهڙي نه نموني مسڪيني حال ۾ به پنهنجي قوم جي ڪيڏي عظيم خدمت ڪئي هئائين. اڄ جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته اسلاميه هاءِ اسڪول جي بينچن تي سبق وٺندڙ شاگرد سنڌ سميت پوري پاڪستان ۾ ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ سڃاتا وڃن ٿا، اهي اڄ ۽ ڪلهه جا وڏا ماڻهو اسلاميه هاءِ اسڪول مان تعليم حاصل ڪري ويا آهن.

    عهدا تڏهن ملندا جڏهن ڄاڻ ۽ علم هوندو، اهو علم جنهن جو قدر مولوي صاحب وٽ هو مولوي صاحب جو ڪم هو علم ڏيڻ جن به محنت ڪئي اهي وڏي مان مرتبي تي پهتا. انهن ڪامياب شاگردن به پنهنجي محسن استاد لاءِ ڇا ڪيو؟ جڏهن ته مولوي صاحب جي شاگردن جي لسٽ تي نظر ڦيرائي وڃي ته اتي اسان کي سياستدانن کان ويندي اعليٰ آفيسرن اهو ئي ڪيو هو ته مولوي جي حياتي ۽ خدمت تي هڪ ڪتاب آندو ويندو، اهي ڳالهيون ۽ واعدا پاڻي تي ليڪا ثابت ٿيا. جڏهن ته مولوي صاحب جي شاگردن مان هڪ به شاگرد ايمانداري سان ڪم ڪري ها ته کپري واسين کي مولوي محمد حسن پهوڙ جي جيون ڪٿا ۽ سندس ڪيل خدمتن جي ڄاڻ ملي ها،سائين جي شاگردن تي ٻوٽو نه ٻاريو پر سائين جي ڇوڪرن جيڪي پڙهيا لکيا ۽ خوش آهن يا مولوي صاحب جي برادري جيڪا تعلقي کپري ۾ خانداني برادري تصور ڪئي وڃي ٿي، انهي به سائين مولوي جي جيون تي ڪو ڪتاب ڪا يادگار هيستائين ته آڻي نه سگهي آهي، مولوي محمد حسن پهوڙ جيڪو وڏو ماڻهو هو، جنهن جي جيون جي هڪ پاسي علم تي لکيو وڃي ته وڏو ڪتاب ٺهي سگهي ٿو. مولوي صاحب تعلقي کپري ۾ ڪنڀار مسلم اسڪول پٻڻ، حاجي ٻيڙو فقير مسلم اسڪول، مسلم اسڪول رتوڪوٽ، مسلم اسڪول حاجي محمد هاشم چانهيو، مسلم اسڪول باغ جتوئي، مسلم اسڪول لالو جي مياڻ، اهي اسڪول ٻهراڙي ڏوراهين علائقن ۾ کولڻ جي مولوي صاحب جي ڪا به لالچ نه بلڪه انسان دوستي ۽ انسانيت جي خدمت ظاهر ڪري ٿي.مولوي محمد حسن پهوڙ جيڪو کپري جو وڏو استاد ۽ عظيم انسان هو، اڄ کپري ۾ اسان واري”ٽهي“ کي اها به خبرنه آهي ته مولوي محمد حسن پهوڙ جي خدمت ڇا آهي، ڇو ته سندس جيون ڪٿا ۽ سندس ڪيل اڻ ٿڪ ڪوششون رجسٽرن ۾ بند ٿيل آهن، جيڪي شاگرد هئا سي وڏي مان مرتبي تي پهچڻ کانپوءِ سائين جي ڪيل خدمتن تي سوچن…؟

    اوهان پاڻ پڙهندڙ ئي هيٺ سائين جي شاگردن کي ڏسو جيڪي جيڪڏهن سچائي ڏيکارين ها ته حاجي محمد عثمان چانهيو، خليفو عاقل هنڱورو، محمد حسن راڄڙ، عبدالحڪيم تاج محمد هاليپوٽو، ڊاڪٽر عبدالرحيم هنڱورجو، مبارڪ هنڱورجو، محمد صديق هنڱورجو، محمد حسن راڄڙ شامل آهن. اهي وڏا آفيسر وڏا سياستدان ۽ وڏا زميندا آهن، انهن وٽ ٽائيم شايد نه هو!؟ اسان وري به انهن ۾ اميد رکون ٿا ته اڃا وقت ويو ناهي، سائين مولوي محمد حسن پهوڙ جي شخصيت گهاٽي بڙ جيان هئي، جنهن جي ڇانو ۾ سوين اڃارا ۽ٿڪل ماڻهو ساهي پٽي حياتي جي سفر ۾ ڪامياب ٿيا، انهن کي سوچڻ گهرجي، گهٽ ۾ گهٽ کپري ۾ ڪائي يادگار ٺاهيو، جيئن مولوي صاحب جو نالو ياد رهي سگهي. آئون هتي جس ڏيندس نوجوان شاعر ليڪچرار ارباب مصطفيٰ ۽ محمد خان هنڱورجي کي جن ڪوشش ڪري ڊگري ڪاليج کپري جي لائبريري سائين مولوي صاحب جي نالي منسوب ڪئي ۽ يادگار پٿر لڳائي پنهنجي حيثيت موجب فرض پورو ڪيو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو