ٽن وڏن جي ملڪ جي مضبوطي لاءِ پاڻ ۾ ڪيل گڏجاڻي!!!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ جبار آزاد منگي طرفان آندل موضوعَ ‏27 ڊسمبر 2014۔

  1. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    392
    ورتل پسنديدگيون:
    1,111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    ٽن وڏن جي ملڪ جي مضبوطي لاءِ پاڻ ۾ ڪيل گڏجاڻي!!!
    ٽيون ڏينهن يعني ته خميس ڏهاڙي ميڊيا تي هڪ انتهائي اهم خبر سامهون آئي جنهن في الحال ته سياسي حلقن کي ڏڪائي ۽ سوچڻ تي مجبور ڪري وڌو آهي پر ان خبر جي پويان ڪهڙي حقيقت لڪيل آهي انجو پتو تڏهن ئي پئجي سگهندو جڏهن لاڳاپيل ڌريون انجي وضاحت ڪن يا وري ملاقاتي ڌريون خود ئي پنهنجي ايجنڊا ظاهر ڪن جنهن جو وڏو انتظار آهي. ان سلسلي ۾ خبر اها هئي ته بنا ڪنهن اڳواٽ رٿيل پروگرام جي حر جماعت جي روحاني پيشوا ۽ پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل جي سربراهه پير سيد صبغت الله شاهه راشدي اعليٰ حضرت پير سائين پاڳارا جن سروري جماعت جي روحاني پيشوا ۽ پيپلزپارٽي جي انتهائي مک مرڪزي اڳواڻ مخدوم محمد امين فهيم کي ساڻ وٺي وڃي اڳوڻي صدر پرويز مشرف سان سندس رهائشگاهه تي ان وقت ملاقات ڪئي آهي جڏهن ملڪ دهشتگردي سميت ڪيترن ئي بحرانن جي ور چڙهيل آهي.ملاقات جي ڪا اندروني ڪهاڻي اڃا پوري ريت منظرعام تي نه اچي سگهي آهي پر بظاهر ته ملاقات ۾ ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال، دهشتگردي جي تازي لهر سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي جيئن ته پير سائين پاڳارا ۽ مخدوم محمد امين فهيم سنڌ ۾ هڪ وڏو اثر رکندڙ شخصيت آهن. جڏهن ته اڳوڻو صدر پرويز مشرف 40 سالن تائين هن ملڪ جي خدمت ڪئي آهي، ان ڪري سندن ملاقات ۾ يقينن ملڪ جي ڀلائي لاءِ ئي سوچيو ويو هوندو.

    ملاقات کانپوءِ ملاقات جي اندروني ڪهاڻي جو جيستائين ڪو راز فاش ٿئي تيستائين اعليٰ حضرت پير سائين پاڳارا جن جو هڪ بيان سامهون آيو آهي جنهن ملاقات جي ڪهاڻي جو رخ هڪ بيان وسيلي موڙي ڇڏيو آهي جنهن ۾ هن چيو آهي ته سمورين سياسي پارٽين کي موجوده صورتحال ۾ پاڪ فوج ۽ حڪومت جو مڪمل ساٿ ڏيڻ گهرجي جيڪو ملڪي مفاد وٽان انتهائي اهم آهي. پ پ پ جي باني ۽ برک ميمبرن مان هڪ جناب مخدوم محمد امين فهيم جنهن جي پير صاحب سان گڏجي وڃي اڳوڻي صدر پرويز مشرف سان ملاقات ڪرڻ ڪنهن ڳجهي راز کان گهٽ ڳالهه ناهي تنهن پنهنجي بچاءُ ۾ ٻيو ڪجهه به ناهي چيو، پوءِ به اهو ورجائڻ ته کيس پير سائين پاڳارا اڳوڻي صدر پرويز مشرف سان ملاقات لاءِ وٺي ويو هو ۽ هو کيس جتي به وٺي ويندوهو وڃڻ کان نه ڪيٻائيندو جيڪو پ پ پ جي قيادت لاءِ ڪنهن پيغام کان گهٽ ناهي جنهن تي ٻيو ته ٺهيو پر پ پ پ جي حلقن ۾ ڪجهه چرپر ۽ بحث هلي رهيا آهن ته هن اڳوڻي صدر وٽ وڃڻ لاءِ ڪهڙي ريت اهڙو قدم کنيو آهي ۽ کيس انجي ڪهڙي ڪارڻ ضرورت پيش آئي جو هن پنهنجي قيادت کي اعتماد ۾ وٺڻ بنا هن وٽ وڃڻ جي ضرورت محسوس ڪئي.

    ڪجهه حلقن جي اها راءِ آهي ته اڳوڻي صدر سان ٿيندڙ انهي ملاقات پويان ڪنهن جو هٿ ٿي سگهي ٿو ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن پير صاحب کي اهڙي ڪا مشرف سان ملاقات ڪرڻي هجي ها ته هو گهڻو وقت اڳ ۾ ئي ڪري ها پر هن ٻرندڙ ماحول ۾ اها ملاقات ڪنهن معني کان گهٽ ناهي.پرويز مشرف کڻي هاڻ اقتدار ۾ ناهي ۽ هو مختلف ڪيسن کي منهن ڏئي رهيو آهي پر هن ملڪي سياست ۾ پنهنجو هڪ مقام ڇڏيو آهي ۽ ڪجهه سياسي ڌريون پس پرده مشرف جي پويان بيٺل آهن ۽ کيس اڳتي ڏسڻ چاهين ٿيون جنهن کان ڪير به انڪاري ناهي.موجوده حڪمران يعني اقتداري ڌر ن ليگ به اها ڳالهه محسوس ڪري ٿي ته اها مشرف کي ڪنهن به قسم جو نقصان رسائي پنهنجي اقتدار ۽ اثر کي ڊيگهه وٺائي نٿي سگهي.خاص عدالت جو اهو فيصلو جنهن ۾ وفاقي سرڪار کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اها مشرف خلاف آئين ٽوڙڻ واري ڪيس ۾ اڳوڻي وزيراعظم سميت ڪجهه وفاقي وزيرن ۽ انهن ڌرين کي به نامزد ڪيو وڃي جيڪي هنگامي حالتون لاڳو ڪرڻ وقت مشرف سان گڏ هيون.وفاقي سرڪار عدالت پاران ڏنل مهلت جي باوجودبه اڃا ڪنهن کي نامزد ڪري ناهي سگهي يا وري ڪيس کي نئين رخ ۾ داخل ڪيو ويو آهي جيڪا ڳالهه اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي فتح کان گهٽ ڳالهه ناهي.جيڪڏهن ملاقات جي اندروني ڪهاڻي ۾ ان ڳالهه کي به شامل ڪجي ته ڪو وڌاءُ نه ٿيندو ته ن ليگ جي قيادت بشمول وزيراعظم ميان محمد نوازشريف پرويز مشرف سان ڪو ٺاهه ڪرڻ وڃي رهيو آهي جنهن لاءِ ٽياڪڙي وارو ڪم پير سائين جي حوالي ڪيو ويو هجي جيڪو ئي ان سموري سياسي ڇڪتاڻ کي گهٽائڻ جو ڪردار بخوبي ادا ڪري سگهي ٿو ڇاڪاڻ ته پير سائين پاڳارا جو ڪردار سياسي ڇڪتاڻ واري ماحول کان سدائين پري به رهيو آهي.ٻيو ته پشاور واري سانحي جي هڪ ٻن ڏينهن بعد اڳوڻي صدر پرويز مشرف ۽ پير سائين وچ ۾ ٿيل اها سياسي ملاقات ان ڳالهه جو به اشارو ڪري ٿي ته ڪجهه سياسي ڌرين وزيراعظم ميان محمد نوازشريف کي ملڪي سياست ۾ ٿڌو ماحول پيدا ڪرڻ جو مشورو ڏنو هوندو جنهن ۾ مشرف تان ڪيس ختم ڪرڻ وارو اشو به شامل هجي.هونئن به ڪجهه طاقتور ڌريون ۽ پرڏيهي قوتون ان ڳالهه جون حامي آهن ته مشرف کي صاف رستو ملڻ گهرجي ۽ مٿس عائد سمورا ڪيس ختم ٿيڻ گهرجن.

    رهيو سوال پ پ پ جي باني اڳواڻ جناب مخدوم محمد امين فهيم جي پير صاحب سان گڏجي مشرف هائوس پهچڻ ۽ مشرف سان ملاقات ڪرڻ ۽ وري اهو ورجائڻ ته پير سائين پاڳارا کيس جيڏانهن به وٺي ويندو هو وڃڻ کان نه ڪترائيندو اندروني ڪهاڻي جو هڪ پهلو ٿي سگهي ٿو جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته مخدوم صاحب گهڻي عرصي کان پ پ کان پري پري رهي ٿو ۽ پ پ جي مک قيادت کان خوش ناهي وري جڏهن کان پ پ جي چيئرمن جناب بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي سطح تي پ پ پ ۾ تبديليون آڻڻ شروع ڪيون آهن تڏهن کان هو پ پ پ جي قيادت کان باغي نظر اچي رهيو آهي جنهن جو هو ڪجهه چئنلن تي به اظهار ڪري چڪو آهي.جيڪڏهن هو پ پ کان الڳ ٿئي ٿو ته وٽس ٻي ڪا به واٽ ناهي سواءِ انجي ته مخدوم صاحب پير صاحب ڏانهن هليو وڃي ۽ فنڪشنل ليگ جي پليٽ فارم تان پنهنجي سياست جو آغاز ڪري ، اهوئي ڪارڻ آهي جو هو اڄڪلهه پير سائين پاڳارا جي ويجهو ٿيندو نظر پيو اچي.اهي به امڪان آهن ته پ پ پ جي قيادت مخدوم صاحب جي ان ڳالهه جو سخت نوٽيس وٺي جنهن ۾ هن پ پ مخالفن سان گڏجي وڃي هڪ آمر سان ملاقات ڪري. جيڪڏهن مخدوم صاحب پ پ کان ڦري ٿو ته سندس ووٽ بئنڪ کي ڪافي ڌچڪو لڳندس ڇاڪاڻ ته هالا جي مخدومن جي انهي ڪري به ڪافي مخالفت آهي ته هنن پنهنجي ورڪرن ۽ ووٽرن جي ڪا به سار ناهي لڌي يا انهن جا ڪي ڪم ڪيا هجن. بهرحال پير سائين پاڳارا ۽ پ پ پ جي مک اڳواڻ مخدوم محمد امين فهيم جي اڳوڻي صدر سان ٿيل نجي ملاقات کي عوامي توڙي سياسي سطح تي وڏي اهميت ڏني پئي وڃي، ملاقات جي اصل اندروني ڪهاڻي ظاهر ٿيڻ جو شدت سان انتظار ٿي رهيو آهي.

    تجزيو: غلام حسين لغاري

    hussainlighari@gmail.com
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو