جيل ۾ ڪيل هڪ ڊگهي بک هڙتال

'مختلف موضوع' فورم ۾ مسيح مگسي طرفان آندل موضوعَ ‏27 ڊسمبر 2014۔

  1. مسيح مگسي

    مسيح مگسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2012
    تحريرون:
    161
    ورتل پسنديدگيون:
    411
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    قمبر
    جيل ۾ ڪيل هڪ ڊگهي بک هڙتال
    نواب اڪبر بگٽي
    مون پنهنجي قوت برداشت ڏسڻ لاءِ جيل ۾ بک هڙتال شروع ڪري ڇڏي مونکي سي ڪلاس ۾ رکيو ويو. بک هڙتال شروع ڪرڻ کانپوءِ جيل عملدارن چيو ته اوهان بک هڙتال ختم ڪريو. اسان حڪومت کي سفارش ڪنداسين ته اوهان کي بي يا اي ڪلاس ڏنو وڃي
    پوءِ ڪيڪ آندائون. پلاءُ آندائون ۽ حلوو آندائون. اصرار ڪيائون ته مان کاوان،
    هن جيل جو سپرنٽينڊنٽ جهانگير خان هو. جيڪو پنهنجي سخت گيريءَ ڪري ڏاڍو مشهور هو. هو مٿين کي رپورٽ موڪليندا رهيا. ڪافي ڏينهن کانپوءِ هڪ ميڊيڪل ٽيم آئي پر مون معائنو ڪرائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
    منهنجي بک هڙتال جو 29 هون ڏينهن هو. اوچتو شام جو هڪ گاڏين جو قافلو آيو. هڪ ڊي ايس پي مون کي ايمبولينس ۾ وجهي ڪيڏانهن وٺي ويو. پوليس جي نفري گڏ هئي. سڄي رات سفر ۾ گذري ٻئي ڏينهن اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو. بک ۽ ڪمزوري جي ڪري مان هلڻ ڦرڻ جي لائق نه هوس پر پوءِ به ليٽي ليٽي پنهنجي ورزش جي عادت کي قائم رکيم. صبح جو ڪوٽ لکپت جيل پهتاسين. گيٽ تي سپرنٽينڊنٽ انتظار ۾ هو. مونکي اندر جيل ۾ وٺي ويا. صبح جو وڏي مشڪل سان غسل خاني ۾ وڃي نلڪي جي هيٺيان ويهي رهيس ۽ گهڻي وقت تائين وهنجندو رهيس. اُن دوران اوچتو ڊاڪٽرن جي ٽيم آئي. جيڪا مون کي ميو اسپتال وٺي وئي.
    منهنجو وزن پهرين کان 75 پائونڊ گهٽجي ويو هو. منهنجي انڪار جي باوجود مون کي زبردستي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو. ڊاڪٽر مون لاءِ کاڌو کڻي آيا. هر طرح جو کاڌو هو. پر مون پنهنجي بک هڙتال جاري رکي. هنن زبردستي منهنجي نڪ ۾ کاڌي جي نالي لڳائي منهنجي جسم کي غذا ڏيڻ شروع ڪئي. اسپتال جو عملو زيتون جو تيل ۽ کير کڻي آيو. ڏهن ماڻهن گڏجي غذا ٽيوب ۾ داخل ڪئي. 30 ڏينهن ۾ هيءَ پهرين خوراڪ هئي.
    ٻئي ڏينهن صبح جو اهڙي طرح ٻيهر هنن زبردست خوارڪ ڏني. پهرين ٻه دفعا پوءِ ٽي دفعا اهڙي طرح خوارڪ جي مقدار کي وڌائيندا رهيا.
    انهيءَ دوران ملڪ اندر سياسي گوڙ گهڻ طرفو وڌي چڪو هو. شيخ مجيب اگرتلا سازش ڪيس ۾ جيل اندر بند هو. ڀٽو به گرفتار هو. اسين جيل کان ٻاهر جلسن جلوسن ۾ ٿيندڙ نعريبازي هر روز پيا ٻڌندا هئاسين.
    هڪ ڏينهن ماڻهن جي هجوم جيل تي ڪاھ ڪئي. ان کان پوءِ پوليس وارن ورديون لاهي. شلوار قميصون پائڻ شروع ڪيون. اتان تي مون کي خيال آيو ته سڀ کان وڏي طاقت عوام آهي. هي ايوب خان جا آخري ڏينهن هئا. سرڪار سياستدانن جي گول ميز ڪانفرنس گهرائي شيخ مجيب کي آزاد ڪري ڇڏيو. ڀٽي کي به آزاد ڪيو ويو. مون کي به جيل مان آزاد ڪيو ويو. ڊاڪٽرن مون کي چيو ته اوهان ڪافي وقت تائين هاڻي سخت غذا کائي نه سگهندئو. مون کي چئن مهينن تائين نڪ ذريعي خوارڪ ڏني وئي ان سان منهنجو وزن 10 پائونڊ وڌي ويو. تنهن هوندي به هاضمي جو نظام خراب ٿي ويو. جيڪو ڪيترن سالن تائين ٺيڪ نه ٿيو.
    (ڪتاب: بلوچ پارليامينٽ کان پهاڙن تائين“ تان ورتل)
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو