ڦاسي گهاٽ ۾ مجرم کي ڦاهي ڪيئن ڏبي آهي؟؟؟ مهراڻ فيچر پاڪستاني قانون ۾ موت جي سزا ڏيڻ جو واحد طريقو ڦاسي آهي، جيل قانونن تحت قيدي کي انهي ضلعي جي ڊسٽرڪٽ جيل ۾ ڦاهي ڏني وڃي ٿي جتي ان کي موت جي سزا ٻڌائي وئي هجي. جڏهن ته قيدي جي درخواست تي حڪومت ڦاهي وارو هنڌ تبديل ڪري سگهي ٿي. چيو وڃي ٿو ته ڦاهي جو ڦندو قيدي جي وزن جي حساب سان تيار ڪيو وڃي ٿو، ڦاسي ڏيندڙ عملي مان سڀ کان وڌيڪ ذهني دٻاءَ ليور ڇڪڻ واري جلاد تي هوندو آهي. جڏهن ته ڪجهه جلاد پنهنجي اصلي سڃاڻپ پنهنجن مائٽن کان لڪائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، ڦاهي ذريعي موت جي سزا انگلستان ۾ پنجين عيسوي صدي ۾ شروع ٿي جيڪا بعد ۾ برطانوي راڄ وارن ملڪن ۾ به رائج ڪئي وئي. پاڪستان جي قانون ۾ موت جي سزا ڏيڻ جو اهو ئي واحد طريقو آهي، ملڪ جي فوجداري قانون (ڪوڊ آف ڪرمنل پروسيجر) جي قلم 368 ۾ لکيل آهي ته جڏهن ڪنهن به قيدي کي موت جي سزا ڏني ويندي ان سزا ۾ اهو لکيو ويندو ته قيدي کي ڳچي ذريعي ان وقت تائين ٽنگيو وڃي جيستائين اهو مري نه وڃي. ماتحت عدالت کان موت جي سزا وارو فيصلو ٿيڻ باوجود قيدي کي ڦاهي نه ٿي ڏيئي سگهجي جيستائين هاءِ ڪورٽ ان جي توثيق نه ٿي ڪري. ان کانپوءِ به قيدي سپريم ڪورٽ ۾ اپيل ڪن ٿا جتان فيصلو برقرار رهڻ جي صورت ۾ صدر کي رحم جي اپيل ڪئي وڃي ٿي. صدر پاران رحم جي اپيل رد ڪرڻ کانپوءِ گهرو وزارت لاڳاپيل جيل کي اطلاع ڏيندي آهي، جيلر سزا ڏيندڙ عدالت کي صدر جي فيصلي کان آگاهه ڪندي بليڪ وارنٽ جاري ڪرڻ جي درخواست ڪندو آهي، بليڪ وارنٽ تي ڦاسي جي تاريخ ۽ وقت لکيل هوندو آهي، جيئن ته قصاص ۽ ديت جا شرعي قانون پاڪستاني قانون جا حصا آهن، ان ڪري قتل وارن عام ڪيسن ۾ ڦاسي کان ڪجهه دير اڳ به قيدي کي موقعو ڏنو ويندو آهي، اهو مقتول جي وارثن کان معافي جي درخواست ڪري وٺي جيڪي ڦاهي جي وقت موجود هوندا آهن، بليڪ وارنٽ جاري ٿيڻ باوجود آخري وقت ۾ به صدر کي قيدي کي معاف ڪرڻ جو اختيار حاصل آهي. ڦاسي ڏيڻ وارو طريقو پاڪستان پرزنر رولز 1978ع ۾ درج آهي، جنهن جي رول 354 ۾ چيو ويو آهي ته موت واري سزا انهي ضلع جي ڊسٽرڪٽ جيل ۾ ڏني ويندي، جنهن ۾ قيدي کي سزا ٻڌائي وئي هجي. جيڪڏهن حڪومت جاءِ تبديل ڪرڻ جو حڪم ڏي ٿي ته پوءِ بليڪ وارنٽ جي جاءِ جي تبديلي لاءِ ٻيهر سيشن جج کي رجوع ڪيو ويندو. ڦاسي گهاٽ عام طور تي جيل جي اندر هوندو آهي. جڏهن ته پرزنر رولز 369 جي قلم 355 مان ظاهر ٿيئي ٿو ته ڦاسي گهاٽ جيل کان ٻاهر به ٺاهي سگهجي ٿو، تنهن هوندي به ان جي چئو ڦير ديوارن جو هجڻ ضروري آهي. ڦاسي گهاٽ ڪاٺ جي ٻن ٿنڀن ۽ ان کي ڳنڍيندڙ بيم تي مشتمل هوندو آهي، ان جي وچ ۾ هڪ تختو هوندو آهي، جيڪو هڪ ليور ڇڪڻ سان کلي ويندو آهي ۽ ان تختي تي بيٺل مجرم لٽڪي ويندو آهي. ڦاسي گهاٽ جي سڀ کان اهم شيءِ ڦاهي جو ڦندو آهي، جيڪو سٽ مان ٺاهيو ويندو آهي، جنهن جي چڪاس جيل جو سپرينٽينڊنٽ هڪ ڏينهن اڳ پاڻ چڪاس ڪندو آهي، جاچ جي موقعي تي قيدي جي وزن کان وڌيڪ مٽي سان ڀريل هڪ ڳوڻ ٽنگي نقلي ڦاهي وارو تجربو ڪيو ويندو آهي، هر قيدي لاءِ ٽي ڦاهيون تيار ڪيون وينديون آهن، جن مان ٻه اضافي هونديون آهن، جيل جي قاعدي موجب جيل سپرنٽينڊنٽ ڦاهي جي ڦندي وارو ڪم ڪنهن به ماتحت ملازم جي ذمي نه ڇڏيندو آهي. قيدي کي پارائڻ وارو ڪارو ٽوپلي جو معائنو به سندس ذمي هوندو آهي، ڦاهي واري رسي ٻه سينٽي ميٽر ٿلهي هوندي آهي ۽ ان جي ڊيگهه جو فيصلو قيدي جي وزن ۽ قد جي حساب سان ڪيو وڃي ٿو، ان جو سبب اهو آهي ته ڪجهه واقعن ۾ ڦاسي وارو رسو ڊگهو هجڻ ڪري قيدي کي زور سان جهٽڪو لڳو جنهن ڪري هن جي ڳچي ڌار ٿي وئي. ان ڪري ڦاهي واري طريقي موجب ڦندو اهڙي ريت تيار ڪيو ويندو آهي جو جهٽڪو لڳڻ شرط قيدي جي گردن ٽوڙي دماغ جي رابطي کي جسم جي باقي حصي کان ڌار ڪري ڇڏي.ڦندو ننڍو هجڻ ڪري گردن ٽٽي نه ٿي. ان موقعي تي قيدي کي سخت تڪليف ٿيندي ۽ هن جي زبان ٻاهر نڪري ايندي آهي. قاعدن موجب قيدي کي 30 منٽن تائين ٽنگيل رکيو ويندو آهي. ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته ڦاهي جي ان طريقي موجب 15 کان 30 منٽن ۾ موت ٿي ويندي آهي. مقرر وقت کان پوءِ قيدي جي منهن تي چاڙهيل ٽوپلو هٽايو ويندو آهي، ڦاسي جي موقعي تي گريڊ 17 جو ڊاڪٽر، جيل سپرنٽينڊنٽ ۽ هڪ مئجسٽريٽ جو هجڻ لازمي آهي، جيلر ٻين ماڻهن کي به ڦاسي ڏسڻ جي اجازت ڏيئي سگهجي ٿو. ڦاسي ڏسڻ واري جي عمر 12 سالن کان وڌيڪ هجڻ گهرجي،مقرر وقت تي جيل سپريٽنڊنٽ رومال سان اشارو ڏيئي جلاد کي ليور ڇڪڻ جو اشارو ڏيندو آهي، جلاد گريڊ 4 جو ملازم هوندو آهي، پرزنر قائدي موجب جلاد کي ڦاهي ڏيڻ جا 10 رپيا ملندا آهن. ان سلسلي ۾ ڪوٽ لکپت جيل جي صابر مسيح جو چوڻ آهي ته مون کي ڦاهي ڏيڻ وقت ڪو به ڊپ نه ٿيندو آهي، منهنجو ڪم رڳو ليور ڇڪڻ هوندو آهي، جلاد جو لفظ ٻڌنديئي پاڪستانين جي ذهن ۾ تارا مسيح جو نالو ياد اچي ٿو،جنهن اڳواڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاهي ڏني هئي. پنجاب ۾ اڄ به تارامسيح جي خاندان جا ماڻهو جلاد جو ڪم ڪري رهيا آهن. فيصل آباد جيل ۾ تازو ڊاڪٽر عثمان سميت 6 ڄڻن کي ڦاهي ڏيندڙ صابر مسيح جو ڏاڏو ۽ تارا مسيح ڀائر هئا. صابر مسيح جو والد صادق مسيح به جلاد هو، جڏهن ته هن جو هڪ سئوٽ به جلاد آهي. صابر مسيح جنرل مشرف دور ۾ 2006 ۾ نوڪري جي شورعات ڪئي، هن 2008ع ۾ پابندي لڳڻ کان اڳ 200 ماڻهن کي ڦاهي ڏني آهي. انهي خاندان جو هڪ فرد صادق مسيح جونيئر جيڪو پختونخواهه ۾ ملازم آهي ۽ هن جو ڀيڻويو لال مسيح به جلاد رهي چڪو آهي. لال مسيح 1984ع کان 2010۾ رٽائر ٿيڻ تائين 750 ماڻهن کي ڦاهي ڏني هئي. شروع ۾ هن جي پگهار 450 رپيا هئي، هاڻي جلاد کي 10 کان 13 هزار رپيا ملن ٿا، لال مسيح جو چوڻ آهي ته ڦاهي ڏيڻ وقت هو مجرم جي ڪن ۾ چوندو آهي ته تنهنجي موت سان منهنجو ڪو به واسطو ناهي، آئون رڳو پنهنجو ڪم ڪري رهيو آهيان، 1931ع ۾ ڪوٽ لکپت جيل ۾ ڀڳت سنگهه کي صابر مسيح جي ڏاڏي ڦاهي ڏني هئي.(روزاني امت جي ٿورن سان
لڳي ايئن ٿو ته پاڪستان ۾ جلاد واري نوڪري آهي ئي مسيحن وٽ . ڪنهن انسان کي ڦاسي ڏيڻ تمام مشڪل عمل آهي بهترين معلومات شيئر ڪئي اٿو
تمام بهترين معلومات شيئر ڪئي اٿو پر چند ڳالهيون رهجي ويون آهن جيئن ڦاهي واري مجرم کي الڳ ڪوٺڙي ۾ بند ڪيو ويندو آهي ۽ ڦاهي کان پهريان 48 ڪلاڪن جي اندر موت جي سزا واري قيدي کي پنهنجي گهر ڀاتين سان ملاقات ڪرائي ويندي آهي ڦاهي واري رات قيدي کي نماز پڙهڻ ۽ مذهبي عبادت ڪرڻ جي لاء ان کي سهولت فراهم ڪئي ويندي آهي ڦاهي کان پهريان جيل مينوئل جي مطابق قيديء کي غسل ڪرايو ويندو آهي ۽ ان کان علاوه ڦاهيء کان پهريان قيدي جي صحت جو معائنو ڪيو ويندو آهي