هڪ باهمت عورت ناني پري بسما شاھ زندگيءَ ۾ ڪجهه ڪردار اهڙا گذريا هوندا آهن جن کي ڪڏهن وساري ڪو نه سگهبو آهي. جڏهن به مڇي خريد ڪرڻ ويندي آهيان ناني پري هميشه پنهنجي ڇليءَ ۽ ڪات سان گڏ سامهون اکين جي اڳيان اچي ويندي آهي. 70 سالن جي جهوني سفيد ململ جو ڪرتو سفيد شلوار پوتي مٿي تي مٿان ڪاري صدري مرداني ۽ بوٽ مرداڻو. ڪرڙ ڪرڙ بوٽ کي گهيلندي گهمندي هئي. هٿ ۾ وڏي جلي هوندي هئيس جنهن ۾ تمام صحتمند مڇيون ۽ انهن جي ڀر ۾ ڪات ڪپڙي ۾ ويڙهيل رکيل هوندو هئس. ڇلي منجهه ٿڙ جو ٽڪر به رکيل هوندو هيئن جيڪو مڇي وٺندو هوس. ان کي هڪدم ان ئي تڙ تي رکي وڍي ڏيندي هئي. پوءِ وري هڪ گار ڏيئي چوندي هئي ۽ ٻيرا ڪيئن ٺاهيان! 1973ع جو دور هو ۽ ان وقت جي تمام سٺن گهرن يعني علائقي جي امير گهرن ۾ ويندي هئي. رحيم بخش سومرو، علوين جو محلو سومرن جا گهر، سيد جون حويليون، ڊاڪٽر حيدر شاھ، اعواڻ شيخن جو محلو، دراني پٺاڻ، مطلب ته سٺن گهرن ۾ انهن جي آرڊر تي مڇي سپلاءِ ڪندي هئي. ذات جي مهاڻي هئي زبان تي هر وقت گار جو ڦهڪو هوندو هئيس. اڪثر مرد ۽ ڇوڪرا کانئس ڪترائيندا هئا. ڇاڪاڻ جو گاريل هوندي هئي ۽ سڀني کي فيضياب ڪندي ويندي هئي. امان ٻڌائيندي هئي ته هيءَ (ناني پري) جوانيءَ ۾ بيواھ ٿي ويئي هئي. مڙس جي مرڻ کانپوءِ ان جو ڪاروبار ۽ ڌنڌو ڌاڙي پاڻ سنڀاليائين. مڇي مارڪيٽ ۾ اچي پاڻ دڪان تي ويٺي ۽ جڏهن ڪو گراهڪ نه ويندو هو ته انهن جي گهرن ۾ پاڻ هلي ويندي هئي. اهڙي طرح ان جي مارڪيٽنگ به ٿيندي هئي. آثار ٻڌائين پيا ته جوانيءَ ۾ رنگ جي اڇي هوندي هئي ۽ شڪل صورت جي سٺي هوندي، هاڻي ته ويچاري جا اڇا وار ۽ چال به ايئن ڄڻ نالي تي پئي هلي هڪ قدم هيڏي ۽ هڪ قدم هوڏي. جڏهن اسان جي معاشري ۾ ڪا عورت جوانيءَ ۾ بيواھ ٿي وڃي ته سندس مسئلا پهاڙ بڻجي ويندا آهن. مردن جي اکين ۾ اچي ويندي آهي ۽ مٿس آڱريون به کڄڻ لڳنديون آهن. ناني پري جوانيءَ ۾ زماني کي برداشت ڪندي پنهنجي ٻچن کي پالي جوان ڪري انهن جون شاديون ڪرايون اهو سڀ هڪ عورت (اڪيلي) جي لاءِ معجزي کان گهٽ نه هئو، ذات جي مهاڻي ناني پري پر دل جي سون جهڙي هئي اڇا ڪپڙا زماني جي ڌوڙ ضرور ميرا ڪيا هيس پر سندس ڪردار هيرن جواهرن جهڙو هوندو هو، سندس دل به هيرن وانگر جرڪندڙ هئي. اڪثر ماڻهن جي مدد ڪندي هئي. ماڻهن جي رهنمائي به ڪندي هئي ته ڪيئن پئسي جي بچت ڪجي. ڪيئن ذهني مونجهارن کان بچجي وغيره وغيره بظاهر گاريل مائي اندر جي ايتري صاف سٿري هئي جو حيرت ٿيندي هئي. هڪڙي ڏينهن امان وٽ آئي ته ڪچهريءَ ۾ ٻئي مشغول ٿي ويون. نانيءَ پئي چيو امان کي ته امان ڪنوار جيڪڏهن هنن کي گاريون نه ڏيان ته هي الائي منهنجو ڪهڙو حشر ڪن. جڏهن جوان بي واھ مائي مڇي مارڪيٽ ۾ اچي ويهي ته سوچيو ته مردن جو ڪهڙيون نظرون هونديون ۽ ڪهڙا جملا هوندا. انهن جملن جي جواب ۾ جيڪڏهن شرمائجي ها يا ڊڄي وڃجي ها ته پوءِ ته سمجهيو ته ڄڻ توهان انهن کي دعوت ڏيئي ڇڏي پر جڏهن مون انهن کي ڏاڍيان وڏي آواز ۾ سڀني جي سامهون ماءُ ڀيڻ جون گاريون ڏنيون، تڏهن مئن کي ڪو شرم آيو ۽ وري ڪڏهن ڪا ڳالهه نه ڳالهايائون. هاڻي جتي به ڏسندي آهيان ته اڪيلي گهٽين ۾ مرد اچن ٿا ته ڏاڍي آواز ۾ انهن کي فيضياب ڪندي آهيان پوءِ گهڻو ڪري ته اشراف پاسو ڪري ويندا آهن نه ته به هٿ ٻڌندا لنگهي ويندا آهن. امان تڏهن به چيس ته ناني پري تڏهن به ٺهي نه ٿو تون عورت ذات آهين گاريون نه ڏيندي ڪر. اڪيلي مائي ايئن هوندي آهي جيئن، ڪُني بنا ڍڪ جي هجي پوءِ ڪانون جي حوالي هوندي آهي معنيٰ اگهاڙي ڪُني ڪانون جي حوالي. بهادري سان هلڻو پوندي آهي دل ڀلي ڪبوتر وانگر ڦٿڪندو هجي پر سامهون منهن تي زور آوري ڪبي نه ته هي نامراد مرد اٿئي راڪاس سڄو ڳهي ويندا ته خبر به نه پوڻ ڏيندا ۽ باسيندا به نه! ان وقت اهي ڳالهيون سمجهه ۾ نه اينديون هيون. پر هاڻي هڪ هڪ لفظ ان جو سمجهه ۾ ايندو آهي ۽ ناني پري ياد به ايندي آهي. ناني پريءَ جهڙين باهمت عورتن کي منهنجو سلام جن زندگي جي جدوجهد ۾ بنا داغ جي سفر طئي ڪيو ۽ اڪاري پار ٿيون ۽ گهمنام رهيون!