• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

html ۽ css سنڌ سلامت تي لکڻ ۾ مشڪلات

ادا مهرباني ڪري ٻڌايو ته فورم ۾ html ۽ css ڪئين لکان توهان جي جواب جو انتظار آهي.
ادا هڪ طريقو اهو آهي ته توهان پهريان ڪوڊنگ نوٽ پيڊ ته لکو اها ڪاپي ڪري پوءِ سنڌي لکڻ واري ايڊيٽر جي کاٻي پاسي هڪ آئڪن آهي ان تي مائوس رکندو ته هي نظر ايندو.
بي بي ڪوڊ ايڊيٽر استعمال ڪيو
ان تي ڪلڪ ڪيو هاڻي مواد پيسٽ ڪيو اهو اگرچه ڏسڻ ۾ صحيح نه ايندو ليڪن جڏهن اهو ڪاپي ڪري نوٽ پيڊ ۾ رکبو ته بالڪل درست نظر ايندو
جيئن
<html>
<head>

<script type="text/javascript" src="stlib.js"></script>

</head>



<body>


<script type="text/javascript">

</script>


</body>

</html>



ٻيو طريقو آهي ته اهو نوپيڊ فائيل فائيل اپلوڊ ڪيو تي ڪلڪ ڪري فائيل اپلوڊ ڪيو جيڪو بالڪل صحيح ڪاپي ٿي سگهندو
 
ها ادا هڪ ڳالهه جنهن طرف سائين ذيشان رشيد جن اشارو ڪيو اهو آهي جيڪڏهن فقط ڪوڊ توهان کي ڏيکارڻو آهي ته ايڊيٽر ۾ وڊيو داخل ڪرڻ واري آپشن کان اڳيان هڪ آئڪن آهي جنهن تي مائوس آڻڻ سان لکيل ايندو داخل ڪريو ان تي ڪلڪ ڪندا ته ان ۾ هيٺ ڪوڊ جو آپشن ايندو ان تي ڪلڪ ڪيو ۽ پنهنجو ڪوڊ فورم تي سڌو سنئون ظاهر ڪري سگهو ٿا.
هن طرح سان
ڪوڊ:
[CODE]<html>
<head>
<script type="text/javascript" src="stlib.js"></script>
</head>
<body>
<script type="text/javascript">
</script>
</body>
</html>
[/CODE]
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
Back
Top