سنڌ سلامت جو پيج تمام پيارو سهڻو لڳو،فيس بوڪ تي لائيڪ ٿيل آهي پر سوچيم اڄ ويباسيئٽ تي وڃي سڀني جو سر کاوان اوڌر تي بس رهنمائي ڪجو پيا چاچا جي اوڌر تي
چاچا چيڙاڪ اوهان تي گهڻا ڏينهن ٿيا آهن، سنڌسلامت جي رڪن ٿيڻ جي صورت ۾ پر اوهان کي ڪهڙي تڪليف ٿي ٿئي مواد موڪلڻ ۾ ته هتي ڪلڪ ڪريو اميد ته اوهان کي سمجهه ۾ اچي ويندي.... پهرين اوهان مڪمل تور سنڌ سلامت سکيا گهر جي سبقن کي پڙهو پو اوهان کي خبر پئي جي ويندي
چيڙاڪ صاحب السلام عليڪم ! اوهان کي اسان دل جي گهرائين سان هن محبتي ڪکائون ؤ مضبوط اڱڻ جا ڀاتي ٿيڻ تي مبارڪ باد چئون ٿا. هت اوهان کي انيڪ قسم جا ليک ملندا جيڪي هتان جا ڀاتي معلومات جي سمنڊ ۾ گهرو غوطو لڳائي ،موتين وانگر ميڙي جمع ڪيو آهي. اميد ته اوهان جي شرڪت سان ان معلومات جي خزاني ۾ اضعافو ٿيندو.توهان جي ليکن جو شدت سان انتظار رهندو. چيڙاڪ اوهان جو تخلص آهي يا توهان طبيعتن چيڙاڪ آهيو؟
بابل بس چيڙاڪ ائين تخلص آهي.ريئل لائيف ۾ ڪجهه مڙئي چيڙاڪ آهيان.پر فيس بوڪ تي سنگت سان کل ڀوڳ ۾ قابو هوندو آهيان.اوچتو سنڌ سلامت تي نظر پئي ته هن ۾ به بنا اجازت هليو آيس اوڌر تي باقي هي ويبسائيٽ تمام سهڻي پياري لڳي.ماڻهون به اصل موتيءَ داڻا لڳا اوڌر تي ها بس سکڻ جي ڪوشش ڪندم جيئن سڀني جي وچ ۾ هي چاچا کل ڀوڳ يا سکيا وٺڻ مهل کائڻ مهل توهان سان گڏ هوندو اوڌر تي
توهان کي سنڌسلامت تي دل جي گهراين سان ڀليڪار چوان ٿو سوبه ڪيش تي.. اجھو چيڪ ڪريو توهان جو بيلنس.. توهان جي اڪائونٽ ۾ 20 پاوليون ڪيش موڪليون ويون آهن..
ادا چاچو چيڙاڪ هميشه اوڌر جو هيراڪ آه، اوهان ته وري ڪيش ته ڀليڪار پيا چئو ڏسون چاچو چيڙاڪ قبول ڪري ٿو
اها سڀني سنڌي ڀائرن جي مهرباني آ جو چاچا جي عزت ڪن ٿا ۽ ڳالهائن ٿا.نه ته گهر ۾ مونسان مائي مرچان به ناهي ڳالهائيندي نڀاڳي اوڌر تي.شال جڙيا هجو سڀ