چيائين: مون کي مِس ڪندو آهين ؟ وراڻيومانس: بيروزگار آهيان هر ٻئي ڏينهن حيدرآباد کان ڪراچي وڃي نٿو سگھان ان ڪري مان فقط Interview Calls مِس ڪندو آهيان ): چيائين: دل نه لاھِ اُميد رک دنيا اميدن تي قائم آهي ! وراڻيومانس: دنيا اميدن تي قائم آهي ۽ اميدن جي آسري خوشفهمين ۾ رهڻ بيوقوفي آهي ! چيائين: پو۽ پاڻ ٻئي زندگي ڪيئن گزارينداسين ؟ وراڻيومانس: دل نه لاھِ چري پاڻ سنڌي آهيون، ڪنهن پيـر جا مُريد ٿي پونداسين ۽ گزارو پيو ٿيندو..، جي پيـر مري ويو ته پوءِ اسان سندس وڏي درگاھ اڏرائي ان تي ميلا هڻائينداسين ۽ اسان جون ايندڙ نسلون به پيون انهن ميلن مان روزڙي ڪنديون !