ٽارين جدا ٿيا گل خادم گھراڻو جڏهن ڪڪڙن جون ٻانگون شروع ٿيون ته سلمان پنهنجو گرم بسترو ڇڏي اٿيو ان رات به سيءُ گھڻو هو چڻ پارو ڄمر رهيو هو سلمان کي پنهنجي پيپر جي تياري ڪرڻي هئي اڃا صبح جو سوجھرو ظاهر نه ٿيو هو اوندهه هئي هن اٿي بلب کي ٻاريو جنهن تي هن جي ماءُ جي اک کلي ويئي جنهن ڇيس هن مهل ڇو اٿيو آهين ان کي جواب ڏنائين ته امان پيپر کي ياد ڪريان . ائين ماءُ سلمان جو جواب ٻڌي وري سوڙ پائي سمهي رهي . سلمان پنهنجي پڙائي کي لڳو رهيو تان جو سج به اڀري ويو ماءُ هڪل ڪري چيس پٽ تيار ٿي وٺ اسڪول ڏانهن وڃڻ ۾ دير نه ٿي وڃي . سلمان پنهنجا ڪتاب رکي اسڪول جي لاءِ تيار ٿيڻ لڳو . وري ماءُ جو ڪنن تي آواز پيس ته جلدي اچ هن هائوڪار ۾ جواب ڏنو اڄي ماءُ سان گڏ ناشتو ڪرڻ لڳو جڏهن اسڪول طرف وڃڻ لڳو ته ماءُ کي چيائين ته امان اڄ دل ٿي چوي ته اهو بت کانوان جيڪو ڏاڏي مرحيات ٺاهيندي هئي جنهن ۾ ممتا جي محبت شفقت جي شيري ۽ ان سان گڏ چاهت جي چٽڻي هوندي هئي . ماءُ چيس حاضر منهنجا سهڻل پٽ . تون رڳو پيپر ڏيئي . سلمان ماءُ کان موڪلائي اسڪول طرف روانو . اسڪول ۾ هي ءُ جڏهن داخل ٿيو ته هن ڏٺو ته ڪي ٻار راند ڪري رهيا هئا ڪي ڪاغذن تي پينسل سان تصويرون ٺاهي رهيا هئا ته وري ٻار ڪورس ۾ گيت جهونگاري رهيا هئا هيءُ انهن کي ڏسندو پنهنجي امتحاني حال ۾ داخل ٿيو . هيءُ ٻين ٻارن وانگر پيپر ملڻ کان پوءِ پيپر حل ڪرڻ لڳو جيڪي به هن جا سوال هئا اهي ذهن جي هارڊ ڊسڪ سان ڪاغذ جي سيني تي اتارڻ لڳو . هيءُ دنيا کان بي خبر پنهنجي پيپر ڪرڻ ۾ رڌل هئا .اوچتو هڪ ڌماڪو ٿيو جنهن هنن کي ڇرڪائي وڌو هيءُ اڃا ان ئي تجسس ۾ هئا ته اوچتو ڪجھه ماڻهو دروازي کي زور سان کولي اندر داخل ٿيا جن هٿن ۾ جديد هٿيار هئا . هنن ٻارن کي چيو ته اڄ توهان جو آخري پيپر آهي اهو به زندگي جو . ٻار خوف ۾ وٺجي ويا ڪي دروازي ڏانهن ڀڳا ته ڪي بينڇن هيٺيان لڪڻ لڳا . هڪ ٽيچر انهن کي چيو ته اوهان کي خيال نه آهي ته هيءُ ٻار پيپر ڏئي رهيا آهن جنهن تي انهن مان هڪ چيو ته اسان انهن کي پاس ٿا ڪريون . هن ان تيچر کي ڏڪو ڏنو هنن کي هڪ عورت جو احترام به ڪرڻ وسري ويو هيءُ انسان نه پر حيوان لڳي رهيا هئا ڪمري ۾ ٻارن جون سسڪيو ۽ خوف کان رڙيون هنيون اوچتو هٿيارن جا منهن کليا هر طرف گولين جو مينهن هو معصوم گل ڪرندا ويا پنهنجي ٽارين کان جدا ٿيندا ويا . جڏهن گولين جو مينهن وسي بس ٿيو ته ڌماڪا شروع ٿي ويا . هيءُ حملي واري خبر شهر ۾ جھنگ جي باهه وانگر پکڙجي ويئي مائرون روڊن تي رڙيون ڪندي اسڪول طرف ڊوڙڻ لڳا پيءُ اکين مان لڙڪ لاريندي اسڪول طرف دوڙيا . اسڪول ۾ هڪ قيامت جو منظر هو جيڪي معصوم گلن جھڙا ٻار گھرن کان سنوارجي پيپر لاءِ نڪتا هئا انهن جي جسم مان رت ويهي رهيو هو انهن جا ڪپڙا رت ۾ لال ٿي ويا . جتي روڄ راڙو ماتم هو اتي ايمبولنس جا سائرن به هئا جيڪي معصوم شهيدن کي اسپتال پهچائي رهيا هئا . پنهنجن ٻچڙن کي ڳوليندڙ وري اسپتال طرف ڊوڙڻ لڳا . سلمان جي ماءُ پنهنجي پٽ جي تياري ڪري رهي ته هن جي فرمائش پوري ڪري اوچتو هن جي ڪنن تي ان اسڪول جو نالو آيو جتي دهشتگردن حملو ڪيو هو . هن جي پيرن هيٺيان زمين نڪري ويئي سلمان به ان اسڪول ۾ پيپر ڏيڻ ويو هو . ماءُ جي ممتا ڇڪ کاڌي ۽ پيرن اگھاڙي اسپتال ويئي . جتي مائرن جون ڪوڪون دانهون هنيون اهي پنهنجي لخت جگرن شهيد پٽن جا لاش ڳولي انهن کي چنبڙي روئي رهيون هنيون . سلمان جي ماءَ هڪ هڪ لاش کي ڏٺو پر هن جو سلمان نه مليو هن چرين وانگر هر ڪنهن کان پڇيو پر ڪنهن به هن کي ڪو ڏس نه ڏنو ته هن جو لاڏلو پٽ ڪٿي آهي سڀڪو پنهنجن ميارن گلن جي جدائي تي ماتم ڪري رهيو هو . پٽ کي ڳوليندي ڳوليندي سلمان جي ماءُ ڪري پيئي جنهن کي نرسن ۽ ٻئي عملي بيڊ تي پهچايو ۽ هن جو علاج ڪرڻ شروع ڪيو ڪجھه پلن کان پوءَ جڏهن هن کي هوش آيو ته هيءُ وري به پنهنجي پٽ کي ڳولڻ لکي هاڻي ڪافي شهيدن جا لاش انهن جا وارث کڻائي ُڇي چڪا آهن اسپتال ۾ اڃا به قيامت جو منظر هو هن پيل شهيدن جي لاشن ۾ پنهنجي پٽ کي ڳوليو اهو نه مليو هيءَ اکين ۾ لڙڪ وهائيندي ڀتين کي هٿ ڏيئي سلمان سلمان پڪاريندي هلي رهي هئي اوچتو هن کي چڪر آيو هڪ نرس جيڪا هن جي ڀر ۾ بيٺل هئي ان هن کي سهارو ڏيئي ڪمري هلڻ لڳي جڏهن هيءَ هڪ مڪري جي ويجھو لنگھي ته هن جي نظر بيڊ تي پيئي جتي ٻيو ڪوبه نه هن جو پٽ هو هن يڪدم ان طرف جو رک ڪيو جڏهن پٽ پنهنجي ممتا کي ڏٺو ته هن اٿڻ جي ڪوشس ڪئي پر اٿي نه سگھيو ماءُ هن جي ويجھو وڃي هن کي ڀاڪرن ۾ ڀريو چيو ته هيءُ منهنجو پٽ آهي هن جي لبن تي خوشي به ته غم به هو . هن جي پٽ زور سان روئڻ شروع ڪيو هن جي زبان ۽ اندر ۾ ڪاترائي سوال هئا هيءُ اڪيلو هو جيڪو پنهنجي ڪلاس جي ساٿين مان بچيو هو ٻيا هن جا سڀ ساٿي شهيد ٿي چڪا هئا . هن صرف اهو چيو ته امان ظالمن جيڪي ٽارين کان گل جدا ڪيا آهن انهن هنن جو ڪهڙو ڏوهه ڪيو هو هاڻ آئون ............. هن ڪجھه چوڻ ٿي چاهيو پر ماءُ هن کي ڳالهائڻ نه ڏنو . پر ان وقت کان پوءِ سلمان جي چهري تي مرڪ نه هئي پر اداسي هوندي هئي هيءُ پنهنجن دوستن کي ياد ڪري روئي پوندو هو چوندو هو گلن بنا ٽاريون به اداس آهن .