نارنگي دل کولي کائو..!!

'صحت سرير جي' فورم ۾ ممتاز قريشي طرفان آندل موضوعَ ‏29 ڊسمبر 2014۔

  1. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    ڇا اهو ممڪن آهي ته سياري جي مند هجي ۽ نارنگين سان ڀريل گاڏا ڏسي وات ۾ پاڻي نه اچي...؟
    اڄ اسان سرد موسم جي مناسبت سان نارنگي بابت اهم ڄاڻ حاصل ڪنداسين.

    [​IMG]

    هي هڪ اهرو ميوو آهي جيڪو نهايت خوش رنگ ۽ بهترين ذائقو رکي ٿو. هن جي خاصيت ٿڌي آهي جسم جي بيچيني، اُڃ. اُلٽي ۽ بخار ۾ پڻ فائيدمند آهي.

    نارنگي کائڻ سان جسم ۾ نئون رت وافر مقدار ۾ ٺهڻ لڳي ٿو. سيني کي صاف ۽ هاضمي کي ٺيڪ ڪرڻ ۾ به نارنگي جو ڪردار بيحد اهم آهي.

    نارنگي کائڻ سان اسان جي ذهني خيالن کي ۽ احساسن تي تمام بهتر اثر پوندا آهن. نارنگي گهڻيون کائيندڙن جو موڊ هميشه خوشگوار رهي ٿو.

    تازي هڪ ريسرچ جيڪا ٽڪساس يونيورسٽي جي ڊاڪٽر چارلس مختلف گروپس جي ماڻهن ۾ ڪئي آهي تنهن موجب جيڪڏهن توهان روزانو ڍير ساريون نارنگيون کائيندا رهو ته گردي ۾ پٿرين ٺهڻ کان محفوظ رهي سگهو ٿا.

    [​IMG] [​IMG]

    پٿرين نه ٺهڻ جو اهم سبب اهو آهي جو نارنگي ۾ ڪجهه اهڙا کٽا جزا موجود آهن جيڪي پوٽاشيم سائيٽريٽ (Potassium Citrate) سان ملي هڪ اهڙو ڪيميڪل عمل ڪندا آهن جيڪو پٿرين جي ٺهڻ واري عمل ۾ رڪاوٽ وجهي ٿو. هي ڳالهه به تحقيق سان ثابت شده آهي ته سائيٽريٽ هڪ اهڙو جزو آهي جيڪو ٺهيل پٿري کي ٽوڙيندو به آهي.

    ڊاڪٽر چارلس جي تحقيق مان اها ڳالهه به ثابت ٿي آهي ته مصنوعي دوائن سان جيڪو سائيٽريٽ جسم ۾ پيدا ڪيو وڃي ٿو ان کان وڌيڪ نارنگي استعمال ڪندڙن جي جسم ۾ سائيٽريٽ پيدا ٿئي ٿو. آسان لفظن ۾ هي نارنگي هڪ اهڙي قدرتي دوا اهي جيڪا انسان جي ٺاهيل مضنوعي دوا کان ڪئين ڀيرا وڌيڪ مؤثر آهي..!!

    عام طور تي گردي جي پٿرين جي علاج لا مريضن کي پوٽاشيم سائيٽريٽ واريون دوائون استعمال ڪرڻ لا ڏنيون وينديون آهن ته جيئن سندن پيشاب ۾ تيزابيت (ساڙو) ختم ڪري سگهجي، پر نارنگي کائڻ سان اهڙين دوائن کائڻ جي به ضرورت ڪا نه پوي.

    نارنگي کائڻ جا ڪجهه اهم فائيدا....!!
    [​IMG]
    1. ڪينسر کان بچا:
    نارنگي ۾ تمام گهڻي مقدار ۾ هڪ اهڙو جزو"Citrus Limonoids" موجود هوندو آهي. جيڪو جسم جي ڪيترن ئي حصن جي ڪينسر کان بچا ۾ بيحد فائديمند آهي. خاص طور تي ڦڦڙن (Lungs)جو ڪينسر، کل (Skin) جو ڪينسر، ڇاتي (Breast) جو ڪينسر، معدي (Stomach) جو ڪينسر، وڏي آنڊي (Colon) جو ڪينسر ۽ جگر (Liver )جو ڪينسر.

    2. گردي جي بيمارين کان بچا:
    نارنگي کائڻ سان يا ان جو جوس پيئڻ سان گردي جون ڪيتريون ئي بيماريون دور ٿين ٿيون خاص طور تي پٿرين جي خطري کان به نجات ملي ٿي.

    3. ڪوليسٽيرول جي ليول جو گهٽجڻ:
    نارنگي کائڻ سان جسم ۾ اضافي ڪوسٽيرول جي ليول گهٽجي ويندي آهي.

    5. جسم جي صحت مضبوط تر:
    نارنگي ۾ پوٽاشيم جو مقدار تمام گهڻو هوندو آهي. جنهن جيڪري دل کي طاقت ملي ٿي. اها هڪ ثابت شده حقيقت آهي ته پوٽاشيم جي مقدار ۾ گهٽتائي دل جي ڌڙڪن ۾ بي ترتيبي ۽ دل جي دوري جو سبب بڻجي سگهي ٿي.

    6. وٽامن سي (Vitamin C) :
    نارنگي ۾ هي وٽامن سي به تمام گهڻو هوندو آهي، جنهن سان جسم ۾ هڪ اهڙي مدافعتي قوت پيدا ٿئي ٿي جيڪا نقصان پهچائيندڙ شين خاص طور تي ( Free Radicals) خلاف مدد پهچائي ٿي. اهي فري ريڊيڪلس ( Free Radicals) اسان جي جسم ۾ وڏو عرصي وارين پراڻين بيمارين ، ڪينسر، ۽ دل جي بيمارين جو ڪارڻ بڻجندا آهن.


    [​IMG]

    انڪري پيارا دوستو... اهي سڀ فائيدا لکڻ جو مقصد اهو آهي ته پنهنجي جسم کي تازو توانو رکڻ لا نارنگيون کائو.....
    ۽ ......
    دل کولي کائو...:):D
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏29 ڊسمبر 2014
    13 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    خوب ٿا کائون ادا.
     
  3. صفي الله منڱڻيجو

    صفي الله منڱڻيجو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 جنوري 2014
    تحريرون:
    23
    ورتل پسنديدگيون:
    42
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    153
    واه ادا واه تمام بهترين
     
  4. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    لک قرب ادا هميشه جيان سهڻو ليک
     
  5. زاھد حيدر ملاح

    زاھد حيدر ملاح
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 جنوري 2014
    تحريرون:
    215
    ورتل پسنديدگيون:
    463
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    اسسٽنٽ لائيبريرين ، انڊس يونيورسٽي، ڪراچي ، سنڌ
    ماڳ:
    ڪراچي ، سنڌ
    الله پاڪ جي عطا ڪيل انيڪ نعمتُن مان ھڪ بھترين نعمت نارنگي پڻ آھي.
    بھترين معلوماتي ليک
    ادا مھرباني
     
  6. بختاور ٽالپر

    بختاور ٽالپر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 فيبروري 2014
    تحريرون:
    290
    ورتل پسنديدگيون:
    530
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    163
    بلڪل درست ڄاڻ ادا
     
  7. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    تمام بهترين ونڊ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو