• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڏَهَرُ مَتَو آهِين مَڇَ، ٿُلُهو ٿَو ٿُونَا هَڻِين

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
jbCDauCpz4AEM.jpg


مَتَو آهِين مَڇَ، ٿُلُهو ٿَو ٿُونَا هَڻِين
جَا تَو ڏِٺِي اَڇَ، تَنهَن پَاڻِيءَ پُنَا ڏِينهَڙَا


سُرُ ڏَهَرُ

مَتَو = ٿلهو ٿيو، طاقتور ٿيو
مَڇَ = مانگر مڇ، واڳون
ٿُونَا = ٽَڪَرَ، دُونُ ٿو هڻين، مستي ٿو ڪرين
اَڇَ = گهڻي علائقي ۾ پکڙيل پاڻي
پُنَا = پورا ٿيا، پڄي ويا، ختم ٿي ويا

بيت جو پس منظر

~ او اڙي مانگر مڇ !! وڏا ڪِيسَ ۽ قهر ڪري ٿُلهو ٿي پيو آهين ۽ وتين ٿو ٽَڪر هڻندو.
~ تو جيڪا گهڻي علائقي ۾ ڦهليل پاڻيءَ جي اَڇ ڏٺي آهي سا هاڻي سڪڻ واري آهي.

سمجهاڻي

ڀٽائيءَ جو هي علامتي بيت بظاهر ته هڪ وڏي ڍنڍ ۾ رهندڙ هڪ خونخوار واڳونءَ جي ظلم ۽ جبر جي ڪهاڻي آهي. جيڪو ڪيئي شڪار ڪري کائي کائي ٿلهو ٿي پيو آهي.پر کيس خبر ناهي ته ڍنڍ جو پاڻي سڪي ويندو ته پاڻ ئي شڪار ٿي ويندو.
ڀٽائيءَ جو هي بيت دراصل هر ظلم، ڏاڍ ۽ جبر جي خلاف هڪ آواز آهي هڪ للڪار آهي صدا آهي. ڀٽائي سماج جي ڦورو طبقن ۽ غدار حڪمرانن کي للڪاري ٿو.
ڀٽائي سماج جي سڀني ڦورو ۽ ظالم قؤتن کي للڪاري ٿو چئي ته صدين کان ڌرتيءَ جي مظلوم ۽ محڪوم عوام سان اوهان ويساهه گهاتيون، ظلم، جبر ۽ ڏاڍ ڪيا آهن.وسيلن جي ڦرلٽ ڪري ٺڳيون ۽ بدمعاشيون ڪيون آهن.
هنن سڀني ظلمن جو انت هاڻي قريب آهي. اونداهي رات ختم ٿيڻ واري آهي. اجهو ٿو چمڪندڙ سج نڪري جڳ کي روشن ڪري.

_____
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
 
Back
Top