جِئَن ڪَا ڪَانِي ڪَانهَن، لُسَندَي لَاتِيُون ڪَرَي اَچَي پَئِي اَوچِتَي، دَردَ پِرِيَان جِي دَانهَن وَيڄَ ڏَنڀِئَين ڪُهُ ٻَانهَن؟، سُورَ هِنئَين کَي سَامُهُون سُرُ بَروَو سِنڌي ڪَاني = ڪانو - ڪانهَن جي ڪاني جنهن مان ڪلڪ ٺاهبي آهي ڪَانهَن = گاهه جو نالو - پاڻيء جيَ ڍنڍن، تلائن ۽ واهن جي ڪنارن تي ڄمندو آهي. مينهُون شوق سان کائن ٿيون لُسَندَي = ڪپجندي، لڻڻ وقت لَاتيُون = ڳالهيون، پر هتي معني' ٿيندي آواز، دانهون، ڪُون ڪُون، پڪارون وَيڄَ = حڪيم، طبيب، ڊاڪٽر ڏَنڀئَين = ڏنڀ ڏئين ڪُهُ = ڇو، ڇا جي ڪري، ڇالاءِ؟ هنئَين = هنيانءُ، دل بيت جو پس منظر ~ جيئن ڪا گاهه جي ڪاني ڪپجڻ وقت درديليون دانهون ڪندي آهي. ~ تيئن مون کان به اوچتو محبوب جي وڇوڙي سبب دانهون نڪري ٿيون وڃن. ~ او طبيب !! مون کي ته دل جي تڪليف آهي ۽ تون وري ٿو ٻانهَن کي ڏنڀَ ڏئين. سمجهاڻي ٻهراڙين ۾ مال جي چاري لاءِ مختلف گاه لوسڻ، ڳنڍير، کٿڙ ۽ ڪانهَن مالوندا ماڻهون پنهنجي مال کي کارائن ٿا. ڏاٽي سان گاهه ڪپجڻ وقت هڪ دانهن، هڪ صدا، هڪ رڙ، هڪ آواز نڪرندو آهي. جيڪو گهڻو پري ته نه پر گاهه ڪرڻ واري کي ضرور ٻڌبو آهي. ايئين ئي محبوب جي وڇوڙي ۽ جدائيءَ جي ڪري دل ۾، اندر ۾ گهاوَ، وڍ ۽ زخم ٿين ٿا. تنهنڪري عاشق جون آنهون ۽ دانهون نڪريو وڃن ٿيون. ڀٽائيءَ جي بيت جي آخري سٽ انهن اڻ ڄاڻ، جاهل ڊاڪٽرن ۽ قومي رهنمائن بابت آهي. جن جي غلط علاج ۽ نظريي جي ڪري قوم لوڙي پئي. هر شهر ۾ ڊاڪٽر، اسپتالون ۽ دوائون ته موجود آهن پر غلط تشخيص ڪري ڌُڪَي تي دوائون کائڻ سبب ماڻهون مريو وڃن. سياسي پارٽيون، نظريا ۽ رهنما ته گهڻا آهن پر قوم صدين کان غلاميءَ جا ڳٽ ڳچيءَ ۾ پايو پئي هلي. سو اچو ته پنهنجي دردن جا درمان پاڻ ئي ٿيون. _____ چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل