نَه سَي تَڙِ هَوڙَاڪَ، نَه وَايُون وَڻِجَارَن جُون
سَرِتيُون ! سَامُونڊِيُنِ جَا، اَڄُ پِڻُ چِڪيَمِ چَاڪَ
مَارِينِمِ فِرَاقَ، پَاڙَيچِيُون پِرِيُن جَا
سُرُ سَامُونڊي
تَڙ = بندر، لنگهه- جهازن ۽ ٻيڙن جي اچڻ ۽ وڃڻ جو پورٽ
هَوڙَاڪَ = ٻيڙيون
وَايُون = رهاڻيون، ڪچهريون، محفلون
وَڻجَارَن = سمنڊ رستي واپار ڪندڙ واپارين
چِڪيَم = منهنجا ڏکيا، مون کي سور ڪيائون، اٿلي پيا
چَاڪَ = زخم، ڦٽ
مَارينم = مارين ٿا
فرَاقَ = ڏک، وڇوڙي جدائي
پاڙَيچيُون = پاڙي واريون، سرتيون، سهيليون
بيت جو پس منظر
~ بندر تي نه اُهي ٻيڙيون آهن نه وري وڻجارن جا ميلا متل آهن.
~ او سرتيون !! منهنجي اندر جا ڦٽ ڏکي پيا هن وڻجارن کي ياد ڪري.
~ اي پاڙي واريون مون کي پنهنجي محبوب جي وڇوڙي جا سور ٿا مارين.
سمجهاڻي
ڀٽائيءَ جي هن بيت جو پس منظر اهو آهي ته بندر تان ڪيئي جهاز ۽ ٻيڙا سامان ۽ مال سان ڀرجي پرڏيهه روانا ٿي ويا آهن.بندر تي ڪم ڪندڙ پورهيت ۽ ملاح به پنهنجو ڪم ختم ڪري ماڳن ڏانهن روانا ٿي ويا آهن. بندر ويران ۽ سنسان لڳو پيو آهي. اڳ جيڪي بندر تي گوڙ شور، رونقون ۽ ميلا متل هوندا هئا اُهي نه رهيا آهن. هڪ وڻجاري جي وني پنهنجي پرڏيهه ويل محبوب کي ساريندي چئي ٿي ته اڄ وري اندر جا ڦٽ ۽ زخم اٿلي پيا هن، کُلي پيا هن، جن مان رت پيو ٽمي.او سرتيون !! مون کي پنهنجي محبوب جي وڇوڙي ۽ جدائيءَ گهائي وڌو آهي.
سو اچو ته ڀٽائيءَ جنهن تباهي ۽ برباديءَ جو ذڪر ڪيو آهي ان تي غورڪيون ته آخر هي وڻج واپار، خوشحاليون۽ آسودگيون ڪيڏانهن گم ٿي ويون؟
موجوده سنڌ جي هن ڪربناڪ ۽ ڪربلائي صورتحال جا ڪير ذميوار آهن...!!؟
_____
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل