جواب: سالگراه مبارڪ۔۔۔ محترم آرزو توهان جي مهرباني جو ڀيڻ شاهده سمون جو جنم ڏينهن توهان ياد رکيو، اسان به حسب موقع محترما شاهده سمون کي سندس جنم ڏينهن جون واڌايون ڏيون ٿا، ۽ هن ڀاڳن ڀرئي ڏينهن دُعا ٿا ڪريون ته الله سائين کيس سدائين شاد و آباد رکي ڪڏهن کيس ڪو ڪوسو وا نه لڳي پنهنجي ور، پنهنجي ٻچڙن سان سدائين زندگي جو اهي خوشيون ماڻيندي رهي جيڪا خوشي ڪڏهن ٻي ڪنهن کي ملي ئي نه هُجي، هي ڪجهه برٿ ڊي مُبارڪون آهن اميد ته قبول پونديون۔
جواب: سالگراه مبارڪ۔۔۔ جڏهن چئن انگن جي پويان ڏهاڪي واري ٻڙي لڳي وڃي ته سمجهو هاڻ ماڻهون پنهنجي دماغ جي ڪجهه حصن کي کولي استعمال ڪرڻ شروع ڪيو آهي ۽ ڏاهپ جا ڪجهه ڏاڪا چڙهي مٿي ٿيو آهي ۔۔۔ ڀيڻ شاهده کي ڄمڻ جي مبارڪ ته نه ڏبي جو ڄمڻ انسان جي خوبي يا فتح ناهي، ڄمڻ ته فطري آهي، جنهن ۾ ڪنهنجو ڪو ڪمال ناهي ۔۔۔ هائو! ڀيڻ کي 40 سالن ۾ مليل ڪاميابين جي مبارڪباد ڏبي، کيس ان عمر دوران مليل خوشين جي پلن جي مبارڪباد ڏبي، کيس خاندان ۽ اولاد ۾ علم جي روشني ڦهلائڻ تي مبارڪباد ڏبي ۔۔۔۔ ۽ ها انسانيت جي طرف سندس فرض نڀائڻ تي مبارڪباد ڏبي ۽ ڀيڻ کي سنڌ سلامت جي ڀائرن سان ساٿ نڀائڻ تي مبارڪباد ڏبي ۔۔۔۔ سو ڀيڻ اوهانجي گذاريل هر خوشگوار لمحي تي اوهانکي مبارڪون هجن ۔۔۔۽ قبول ڪجو ۔۔۔ دعائن ۾ گڏ
جواب: سالگره مبارڪ۔۔۔ محترمه شاهده سمون اوهان کي سالگره مبارڪ هجي، اسان جي دعا آهي ته الله تعلى اوهان کي هميشه اهڙن خوشين ڀرين ڏينهن تي خوش ۽ آباد رکي ۽ پنهنجي رحمتن جي ڇانوَن ۾ سدائين مسڪراهٽ واري زندگي گذارڻ جي توفيق عطا فرمائي، آمين! عامرضياءُ چارڻ