انڊرائيڊ فون استعمال ڪندڙ دوستن لاءِ سنڌي اردو پنجابي ۽ انگريزي ڪيبورڊ هڪ ئي ايپليڪيشن ۾ جيڪو بهترين ڪم ڪري رهيو آهي حاضر آهي لا۽ هيءَ لنڪ
اهيو ڪيبورڊ پهريان مان استعمال ڪيو هيو پو مونکان ادا عبيد ٿهيم پڇو ته ڪيبورڊ ڪيئن انسٽال ڪيان. مون ڏس ڏنم مانس ته هي پنجنڊ بهترين ڪيبورڊ آهي اهو انسٽال ڪري ڏس.۽ پو ان کي پسند آيو.
سنڌيءَ لاءِ هي انتهائي بيڪار ڪيبورڊ آهي. سبب: جڏهن اوهان کي شفٽ وارو اکر لکڻو آهي ته اوهان شفٽ وارو بٽڻ ٽچ ڪندئو، اکر لکندئو، وري شفٽ کي ٽچ ڪندئو. اوهان جو وقت ضايع ٿيندو. ان جي جاءِ تي اوهان Multiling O Keyboard استعمال ڪريو.
الائي ڇو مونکي ملٽي لنگئو ڪيبورڊ به نه وڻيو ... سڀني کان ڀلو ته ايني سافٽ لڳندو آهي جو ان ۾ انگريزي وقت ڊڪشنري به هوندي آهي ..... پر ان ۾ زير ڪانهي ....
همٿ ڪَر يار. مونکي پروگرام جو ڏَس ڏي ته ڇا ۾ ٺاهيان ؟ ڪوشش ڪريان ٿو جنهن ۾ صرف سنڌي ئي هُجي.. پر هڪ ڳالهه ماري ٿي، اها هي ته في الحال مون وٽ ائنڊرائيڊ سيٽ ناهي ۽ بليواسٽڪ انسٽال ناهي ٿيل انسٽال ٿيندو به ڪونه.
مونوٽ بليو اسٽيڪ انسٽال ٿيل آ جيڪا وڏي سُورن سان انسٽال ڪئي هئي ، اُنتي مان فيس بوڪ ميسينجر ، واٽس ايپ ، آئي ايم او ميسينجر وغيره استعمال ڪندو آهيان!
IMSOFT وارن جو متعارف ڪرايل اينڊرائڊ ڪي بورڊ سڀني کان بهترين آهي. استعمال ڪري ڏسو. هي www. Halanew.com تي يا گوگل پلي اسٽور تان انسٽال ڪري سگهجي ٿو.
ادا عبالغني ڀا سليمان صاحب هڪ ننڊڙو عرض آ، مونکي به ڪافي دوستن جيان شوق جاڳي پيو سو وڃي خير سان نوڪيا ايڪس اندروئڊ فون خريد ڪيم ، پر مسئلو هي آهي ته سنڌي ٻولي ته اصل صفا لکڻ کان جواب ڏيو ڇڏيو ا ٿس. ڪافي ڪوشش ڪئي اٿم پر هڪ به نه ٿو ٻڌي، مٿيون ڪي بورڊ ب ڊائون لوڊ ڪيم پر ڪجهه به نه سريو. هاڻي ڪائي سهڻي صلاح ڏيو جو سنڌي لکي سگهان.
نوڪيا جا سيٽ ڪنهن به طرح گوگل پلي اسٽور ۽ اينڊرائڊ جون اپليڪيشنز قبول نه ٿا ڪن. ان سلسلي ۾ اوهان هن لنڪ جو ڀيرو ڀريو ۽ عريبڪ فونٽس جي اپليڪيشن انسٽال ڪري ڏسو.
مائٽ محمد بخش لغاري جو ٻُڌايل ڪي بيورڊ ئي منهنجي به پسند آهي. توڙي جو ان ۾ انگريزي ناهي پر جن ٻين ۾ انگريزي آهي ته اُها به ڊڪشنري نه ٿي ڏي. تنهنڪري فون جو ڊفالٽ انگريزي ڪي بورڊ ۽ سنڌيءَ لاءِ ايني سوفٽ جو Sindhi Keyboard ئي بهترين آهي. جنهن جي سيٽنگ به لڳ ڀڳ ساڳي ڪمپيوٽر تي ايم بي سنڌي ڪي بورڊ واري آهي