فلم”پي ڪي“ هڪ يادگار مووي

'سنڌ سلامت اسٽوڊيو' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏31 ڊسمبر 2014۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    پي ڪي ... هي موووي ضرور هڪ طبقي جي تنقيد ۽ حملن هيٺ رهندي...... مونکي فلم ڏسڻ جو شوق ڪو گهڻو ناهي، هڪ ئي فلم ٻن ٽن قسطن ۾ ڏسندو آهيان. پر حفيظ لغاري سدائين ڪجهه سٺيون موويز ڏئي ويندو آهي ۽ اهي ضرور ڏسندو آهيان، جيئن هن هڪ فلم ثري ايڊيٽ ڏسڻ جو مشورو ڏنو وري اوء ماء گاڊ بهترين فلم لڳي. پي ڪي به اهڙي مووي آهي جيڪا هر هر سوچڻ تي مجبور ٿي ڪري. خاص ڪري اهي سين جن ۾ اسان ڪجهه ٻيو پئي سوچيو پر مووي ۾ ڪجهه ٻيو پئي ٿيو. ڪهاڻي اوء ماء گاڊ جو سيڪوئينس لڳي. مذهب جي سختي، ڊڄ ڏئي ماڻهن کي مذهب طرف آڻڻ ۽ مذهب کي بزنس بنائڻ ... سڀ ڪجهه ان فلم جي ڪهاڻي ۾ هو.

    اهي ڳالهيون اسان به ڪندا رهندا آهيون پر هڪ ڊڄ ۾ هوندا آهيون ۽ اسان جون ڳالهيون ڪنهن تي اثر ناهن ڇڏينديون .... پر فلم وڻي.

    فلم جو پلاٽ ۽ اسٽوري پڙهو
     
    13 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    فلم”پي ڪي“ 4 ارب 33 ڪروڙ ڪمائي رڪارڊ جوڙي ورتو


    ممبئي (شوبز نيوز) عامر خان جي بلاڪ بسٽر فلم ”پي ڪي“ 4 ارب 33 ڪروڙ رپيا ڪمائي بالي ووڊ ۾ نئين تاريخ جوڙي ورتي آهي، 4 ارب 33 ڪروڙ رپيا ڪمائيندڙ فلم ”پي ڪي“ بالي ووڊ جي سڀني اڳين پوين فلمن جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن. فلم پي ڪي هلندڙ سال جي سڀ کان وڌيڪ ڪمائو فلم ثابت ٿي چڪي آهي. ڀارت ۾ فلم 3 سؤ 40 ڪروڙ رپيا ڪمايا جڏهن ته سڄي دنيا ۾ 93 ڪروڙ رپيا ڪمايا اٿائين. ٻئي طرف انتهاپسند هندو فلم جي نمائش روڪڻ لاءِ سڄي ڀارت ۾ مظاهرا ڪري رهيا آهن. انتهاپسند هندن پاران مختلف سينيمائن کي باهه ڏيڻ وارا واقعا پڻ سامهون آيا، جڏهن ته ڀارتي سپريم ڪورٽ پاران فلم ”پي ڪي“ خلاف داخل درخواست رد ڪرڻ کان پوءِ اهڙا واقعا سامهون اچي رهيا آهن.

    فلم ”پي ڪي“ خلاف درخواست رد، 2 سئو ڪروڙ کان وڌيڪ ڪمائي وئي


    نئين دهلي (شوبز نيوز) ڀارتي سپريم ڪورٽ عامر خان جي فلم ”پي ڪي“ خلاف داخل درخواست رد ڪري ڇڏي، ڀارتي سپريم ڪورٽ عامر خان جي نئين فلم ”پي ڪي“ بابت فيصلو ٻڌايو، فلم ڀارت ۾ اعتراضن جي ور چڙهيل آهي، فلم جي پوسٽر تي اعتراض ٿيو، جنهن کان پوءِ فلم جي ڪهاڻيءَ تي اعتراض اٿاريا ويا، جنهن کان هندن جي مذهبي جذبا مجروح ڪرڻ جا الزام لڳس، فلم تي مڪمل پابندي لڳائڻ جي درخواست ڪئي وئي هئي، هدايتڪار ۽ اداڪار خلاف ايف آءِ آر به ڪٽرائي وئي هئي پر سڀ بيڪار ويو، عدالت چيو ته جنهن کي فلم پسند نه اچي اهو نه ڏسي، فلم ۾ هڪ ايلين جو زمين تي اچڻ ان جو مختلف مذهب جي خدائن کان مدد گھرڻ مندرن، مسجدن ۽ گرجائن ۾ وڃڻ ڏيکاريو ويو آهي، فلم وهم پرستيءَ تي سوال اٿاريو آهي. ٻئي طرف رليز جي 9 ڏينهن ۾ فلم ”پي ڪي“ 2 سئو ڪروڙ رپين کان وڌيڪ ناڻو ڪمائي ورتو آهي.
     
    10 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سائل مهراڻ

    سائل مهراڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2014
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    1,155
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    مٺي ،ٿرپارڪر، ، سنڌ
    واه سهڻي مووي هوندي
     
  4. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    دوستن ڏسيو ته اشتياق ٿيو ته فلم ڏسجي .. پر قيمتي وقت ضايع ٿيڻ جي خوف خاطر پهريان رويو معلوم ڪرڻ ٿي چاهيم.. جيڪڏهن ڪو ٻيو ساٿي به اهو پيو سوچي ته حاضر آهي مڪمل مووي رويو... اميد ته هن وڊيو جو هندي هجڻ نظر انداز ڪندا..

     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. سائل مهراڻ

    سائل مهراڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2014
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    1,155
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    مٺي ،ٿرپارڪر، ، سنڌ
    واه هاڻ اها ڏسڻ چاهندس مان ڀي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. شاهنواز ٽالپر

    شاهنواز ٽالپر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    43
    ورتل پسنديدگيون:
    114
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    173
    ڌنڌو:
    ڊسٽرڪٽ فيلڊ آفيسر
    ماڳ:
    بدين
    ادا سليمان مونکي به فلمن ڏسڻ جو شوق اِھو ساڳيو ھمراھ ڏئي ويو آھي ... پي ڪي ڏٺي سين واقعي تمام بھترين فلم ھئي
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    901
    ورتل پسنديدگيون:
    1,989
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور
    پي ڪي (P.K) فلم ڇا آهي؟ هونئن ته پي ڪي هڪ انٽرٽينمينٽ فلم ۽ هڪ بهترين مسيج آهي ۽ حقيقت تي ٻڌل فلم آهي پر اها فلم انهن مذهبي ملن وانگر جيئن ملن کي بهانو کپي ڪافرن تي گند اڇلڻ لاء ائين اهو فلم لبرل ۽ موقعو تلاش ڪندڙن لاء بهانو آهي مذهbن تي گند اڇلڻ جو، فلم جو پيغام واضع هو پر ڇا اڄ جيڪي فلم کي جواز ڏئي گندگي ڦهلائڻ انسانيت جو درس آهي يا موقع پرست لاء کولي آزادي پر ڪجهه ته مذهبي انتهاپسند ۽ لبرل ۾ فرق هئڻ کپي پر نظر نٿو اچي.
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڀارتي انتهاپسند تنظيم جو ”پي ڪي“ جي نمائش ڪندڙ ٻن سينيمائن تي حملو

    (شوبز نيوز) ڀارت جي انتها پسند تنظيم بجرنگ دل جي حمايتي مظاهرو ڪندڙن احمد آباد ۾ فلم ”پي ڪي“ جي نمائش ڪندڙ ٻن سينيمائن تي حملو ڪري ڏنو. ڀارت جي سڌ سماءَ وارن ذريعن موجب انتها پسند هندن جي تنظيم جي حامي 20 مظاهرو ڪندڙن احمد آباد جي ٻن سينيما گهرن، جتي فلم پي ڪي جي نمائش ٿي رهي هئي، تي حملو ڪري هتي فلم جي نمائش کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي. ان حوالي سان گجرات جي وزيراعليٰ جويلات مهتا جو چوڻ هو ته سڀني سينيما گهرن ۾ فلم پي ڪي جي نمائش جاري آهي ۽ اسان خبردار ڪيو هو ته فلم جي نمائش نه ڪئي وڃي نه ته هتي به اهڙا ئي حملا ۽ مظاهرا ٿيندا. جيڪڏهن عامر خان جو ارادو هندوئن جي عزت نفس کي مجروح ڪرڻ نه هو ته فلم انهن جي مذهب بابت ڇونه ٺاهي وئي ؟ هن ٻڌايو ته هن سڀني سينيما گهرن کي فلم جي نمائش روڪڻ لاءِ چيو ته سندس ڳالهه نه مڃي وئي. پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته جيڪي ماڻهو حملي ۾ ملوث آهن تن جي اڃا تائين سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ فلم پي ڪي باڪس آفيس تي سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن، ڀارتي ميڊيا موجب فلم رليز ٿيڻ جي پهرئين ٻن هفتن ۾ مظاهرن باوجود ڌوم ٿري جي 542 ڪروڙ بزنس جو رڪارڊ ٽوڙي سڄي دنيا ۾ 544 ڪروڙ جو بزنس ڪيو آهي، فلم تيزي سان 6 سئو ڪروڙ ڪلب ۾ داخل ٿيڻ طرف وڃي رهي آهي، واضح رهي ته پي ڪي ۽ ڌوم ٿري بالي ووڊ جون 2 فلمون آهن، جيڪي هاڻي تائين 5 سئو ڪروڙ ڪلب ۾ داخل ٿيون آهن. فلم ۾ مرڪزي ڪردار عامر خان ۽ انوشڪا شرما ادا ڪيو آهي، جيڪا مختلف مذهبن ۾ موجود لاڙن تي ٻڌل آهي. ان فلم خلاف ڪيترن ئي شدت پسندن احتجاجي مظاهرا پڻ ڪيا آهن جن جو چوڻ آهي ته ان فلم ۾ سندن مذهب کي مذاق بڻايو ويو آهي. فلم 19 ڊسمبر تي رليز ٿي جنهن هن وقت تائين سڀ کان وڌيڪ بزنس ڪيو آهي.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    فلم پي ڪي جي سنڌي ڊائريڪٽر راجو هيراني کان جڏهن جنگ جي ٽيم انٽرويو وٺڻ وئي ته اجرڪ جو تحفو وٺندي سندس اکين ۾ لڙڪ اچي ويا. ياد رهي ته راجو هيراني جو پيء محرابپور سان تعلق رکندڙ هو.

    [​IMG]

    سندس مڪمل انٽرويو روزانه جنگ جي هن صفحي تي پڙهي سگهو ٿا.
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    901
    ورتل پسنديدگيون:
    1,989
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور
    انڊين پي ڪي فلم جو هي سين ڪنهن ڪنهن غور سان ڏٺو آهي ۽ سبق حاصل ڪيو آهي!
    عامر خان: ڀائي صاحب هڪ ڀڳوان ته ڏجان ؟
    دڪاندار: جي ڪهڙو کپي 20 وارو 50 وارو يا 100 وارو؟ بس سائيز جو فرق آ باقي ڪم ساڳيو ڪندو.
    ٿوري دير کانپوءِ جڏهن ڀڳوان جي مورت هڪ سمبوسي ملڻ کانپوءِ عامر خان جي ٻي خواهش پوري نٿي ڪري
    عامر خان: ڀائي صاحب هن ڀڳوان جون بيٽريون ختم ٿي ويون آهن ڇا ؟ ٿوري دير هليو وري لُلُ ٿي ويو! هن ۾ ٽرانسميٽر به لڳل ناهي ته پوءِ اسان جي ڳالهه ڪيئن ٿو ٻڌي ؟
    دڪاندار: ڀڳوان کي بيٽرين جي ضرورت ناهي هو ڊائريڪٽ ٻڌندو آهي.
    عامر خان: اگر ڀڳوان ڊائريڪٽ ٻڌندو آهي ته پوءِ هن مورت جي ڇا ضرورت آهي؟
    دڪاندار : ڌنڌه بند کروائيگا کيا
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جڏهن اسڪرپٽ تيار ٿي ويو ۽ فلم جي عڪس بندي بلڪل تياري هيٺ آئي ته ڪيريڪٽر Pk لاءِ اداڪار جي چونڊ ۽ جو ڏيک ڏيکاء، اندازِ گفتگو ۽ ڪپڙن جو اسٽائيل سواليه بڻجي ويا... ان سلسلي ۾ راجو هيراني ليکڪ سان ملي ڪهڙيون تياريون ڪيون... ؟ حاضر آهي اسڪرين جي پويان جا ڪجهه منظر هڪ وڊيو جي صورت ۾...

     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    901
    ورتل پسنديدگيون:
    1,989
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور
    انڊين ڪامياب فلم پي ڪي فلم جي ڊائريڪٽر راجڪمارهيراڻي جا وڏا محرابپور ضلع نوشهرو فيروز مان ورهاڱي کان پوء انڊيا لڏي ويا هئا
    اسين سنڌ واسي راجڪمار هيراڻي جي هن وڏي ڪاميابيء تي کيس دلي مبارڪون پيش ڪريون ٿا
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  14. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    ڇا فلم ۾ رانگ نمبر جو آئڊيا عامر خان، مولانا طارق جميل جي بيان مان ورتو آهي . وڊيو ڏسو

     
  15. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    هن فلم کي ڏسڻ جو شوق آهي پر ٽائيم نه ٿو ملي.
    هي فلم ايتري ته مشهور وئي آهي جو هر منهنجي ڪلاس فيلن وٽ به هي مووي ٽيبليٽ ۽ موبائيل ۾ پئي آهي.
    هن مووي جو ٿورو ٽڪرو اسڪول ۾ کني آيل ڪلاس فيلو وٽ ڏٺو.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  16. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    پي ڪي جي ڊائريڪٽر جي اباڻي گهر جو ڏيک جيڪو اڄ به ساڳي حالت ۾ محرابپور ۾ موجود آهي.
    [​IMG]
    ۽ ٻي تازي خبر ته راج ڪمار هيراڻي جلد محربپور اچڻ وارو آهي.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو