سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن 28 ڊسمبر 2014 تي ٿيندڙ ٽيسٽ

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عبدالرحيم گجراڻي طرفان آندل موضوعَ ‏31 ڊسمبر 2014۔

  1. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    902
    ورتل پسنديدگيون:
    1,989
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور
    سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن 28 ڊسمبر 2014 تي ٿيندڙ ٽيسٽ ۾ موبائل فون نه کڻي اچڻ، پاسي واري سان نه ڳالهائڻ ۽ شناخت ڪارڊ کڻي اچڻ جي سختيءَ سان هدايت ڪئي وئي هئي. جنهن جي امتحاني سينٽر ۾ ڪا به تصديق نه ڪئي وئي...ٻين جي ته خبر ناهي باقي منهنجي بلاڪ F11 ۾ ڪنهن جي سلپ به چيڪ نه ڪئي وئي. ڪيترن ئي ڪينڊيڊيٽس وٽ موبائل فون هئا جن جو هو ٽيسٽ دوران استعمال پڻ ڪري رهيا هئا. ڪاش مان به موبائل فون کڻي وڃان هان...! جيڪي انوجيليٽرز صاحبان مقرر ڪيا ويا هئا تن مان گهڻن کي ته اها به خبر نه هئي ته شيٽ تي سندن سائن ڪهڙي سائن باڪس ۾ ٿيندي. اهو ته ٺهيو پر ڪجھ راڻا وري سندن پيپر ٽائيپ اي-A تان سندن ڀر ۾ ويٺل راڻين کي جن وٽ پيپر ٽائيپ ڊي-D هو تن کي ڪاپي پيا ڪرائين. سڀان الا. انڌي ۽ جنڊ… واھ راڻي تنهنجو اعتبار!
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو