هئي هئي ڊسمبر، تون به نيٺ موڪلائي وئين منهنجي يار وانگي...
تون وري ڪڏهن ايندين ؟ اها خبر اٿم، پر ايترو طويل انتظار !!!! آخر ڪير جيئرو رهندو؟ آئون ؟؟؟ نه توبن ڪڏهن به جيئرو نه رهي سگهندس.. او ڊسمبر... ڪاش تون سدائين لا هُجين ها، تنهنجو اچڻ ۽ منهنجي سهڻي جو اچڻ مونکي برابر لڳندو آهي ۽ تنهنجو وڃڻ به مونکي منهنجي سهڻي جي وڃڻ وانگي ٿو لڳي، تو وئين... تون وئين...
او ڊسمبر! تنهنجي اچڻ سان عاشقن جي دل ۾ پيار اُڀري اٿي ٿو، عشق نئين پوشاڪ پهري ٿو، ڪڏهن جُدائي ۾ ڪاري ته ڪڏهن پيار ۾ ڳاڙهي..
او ڊسمبر ڪاش تون نه وڃين ها، هميشه لا رهين ها....
فقط تنهنجو عبيدٿهيم