ڏکوئيندڙ سال 2014کي الودا★ ع ۽نيون اميدون سال2015۾

'مختلف موضوع' فورم ۾ صفي الله منڱڻيجو طرفان آندل موضوعَ ‏31 ڊسمبر 2014۔

  1. صفي الله منڱڻيجو

    صفي الله منڱڻيجو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 جنوري 2014
    تحريرون:
    23
    ورتل پسنديدگيون:
    42
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    153
    هر دفعي هر سال جيان اڄ به نئين سال جي آجيان ھڪ منفرد ۽ نئين ۽ نهايت ئي خوبصورت انداز سان ڪئي ويندي
    سال جي بهتري لاءِ خاصن خاص دعائون پڻ گهريون وينديون .

    جيڪي صدما “”2014 “”۾ رسيا ۰ دل آزاريندڙ واقعن کي وسارڻ جي ڪوشش ڪبي.
    نئين سال ۾ نئين اميدن جا نوان ڏيئا ٻاربا.
    رب ڪريم کان دعا آهي. ته سالَ 2015 اسان سڀني جي لاءِ ڪڪارائتو ثابت ٿيندو.
    اڌ ۾ رهجي ويل ڪم انشاء الله هن سال ضرور پورا ٿيندا.
    آمين ثم آمين
    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. راشد علي چانڊيو

    راشد علي چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2014
    تحريرون:
    788
    ورتل پسنديدگيون:
    1,065
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    ضلو دادو تحصيل ميهڙ، وليج مٿيون عاليوال،
  3. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
  4. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    هئي هئي ڊسمبر، تون به نيٺ موڪلائي وئين منهنجي يار وانگي...
    تون وري ڪڏهن ايندين ؟ اها خبر اٿم، پر ايترو طويل انتظار !!!! آخر ڪير جيئرو رهندو؟ آئون ؟؟؟ نه توبن ڪڏهن به جيئرو نه رهي سگهندس.. او ڊسمبر... ڪاش تون سدائين لاءِ هُجين ها، تنهنجو اچڻ ۽ منهنجي سهڻيءَ جو اچڻ مونکي برابر لڳندو آهي ۽ تنهنجو وڃڻ به مونکي منهنجي سهڻيءَ جي وڃڻ وانگي ٿو لڳي، تو وئين... تون وئين...
    او ڊسمبر! تنهنجي اچڻ سان عاشقن جي دل ۾ پيار اُڀري اٿي ٿو، عشق نئين پوشاڪ پهري ٿو، ڪڏهن جُدائيءَ ۾ ڪاري ته ڪڏهن پيار ۾ ڳاڙهي.. تنهنجي هر ادا نرالي آ، هڪڙن کي پنهنجي هنج ۾ خوش ڪرين ٿو ته ٻين کي پنهنجي ئي هنج ۾ رُئاڙين ٿو.. پر ڊسمبر تون سنڌ امڙ مٿان جيڪا سائي چادر وڇائي وڃين ٿو ته اها چادر تو جهڙو ٻيو ڪوبه نٿو وڇائي سگھي، پر تنهنجي وڃڻ کان پوءِ اپريل پاڻ مٿان سائي چادر لاهي ڇڏي ٿو.. ڊسمبر جي حياتي هوندي ته هي اکڙيون آتيون رهنديون، دلڙي ماندي رهندي، جذبا سوچن ۾ رهندا ته ڪڏهن ٿو تون اچين ۽ منهنجي سهڻيءَ کي ٻيهر منهنجي ڀاڪرين ۾ آڻين..
    او ڊسمبر ڪاش تون نه وڃين ها، هميشه لاءَ رهين ها....
    فقط تنهنجو عبيدٿهيم
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو