• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

لهندڙ سج کي الوداع

جبار آزاد منگي

سينيئر رڪن
جبار آزاد منگي

مون لهندڙ سج کي هٿ لوڏي چيو،

الوداع ،الوداع ،الوداع،

۽ چيومانس اي سج تون ،

هڪ سال جو پوڙهو ٿي ويو آهين،

سڀاڻي نئين ڏينهن نوجوان ٿي اڀرندين،

اي کير ٿر جر هُن پار لهندڙ اي سج!،

الوداع ،الوداع ،الوداع،

ڏٺم ته سج مرڪي ڏنو

۽ چيائين مان ڪلھ به ساڳيو هيس

اڄ به ۽ سڀاڻي به ائين ئي اڀرندس،

جيئن صدين کان اڀران پيو،

مان ته پنهنجي قانون جي پاسداري ڪريان پيو،

مان ته پنهنجو قول پاڙيان ٿو،

دنيا کي روشن رکڻ جو،

۽ اوهان انسان پنهنجي فطرتن ۾،

سواءِ انائن جي،

ٻيو ڪجھ به نٿا رکو،

پوڙها ته اوهان جا جذبا ٿي ويا آهن،

پوڙها ته اوهان جا مقصد ٿي ويا آهن،

توهان ٿا مون کي الوداع چئو!!!!؟

الوداع ڪيو پهريون پنهنجي انائن کي،

پنهنجي بيوفائين کي،

الوداع چئو پنهنجي نفرتن کي،

مان ڪلھ به ساڳيو هيس ۽ اڄ به،

سڀاڻي به مون کي ھار پاتل نه هوندا،

مان هر سال ائين ئي اُڀرندس،

جيئين صدين کان اُڀران پيو،
 
Back
Top