سنڌ سلامت تي تمام وسيع ڄاڻ موجود هوندي آهي. ڇا اوها ڄاڻ مان فيس بڪ تي شيئر ڪري سگهان ٿو. سنڌ سلامت ساٿ سلامت مت
هن جو جواب انتظاميه ئي ڏيئي سگهي ٿي بحرحال شيئر ڪرڻ ۾ ڪو حرج نه هوندو اگر حوالي سان نقل ڪيو وڃي هتي به دوست ٻين جو مواد نقل ڪندا راهندا آهن
ڀاء اوهان کي بلڪل اجازت آهي... اسان جي فورم جو مقصد به وڌ کان وڌ معلومات ماڻهن تائين پهچائڻ ۽ ٻولي جي بهتري ۽ خدمت ئي آهي. بس هڪ ڳالهه جو خاص خيال رکو ته ليکڪ ۽ محنت ڪندڙ جو نالو ضرور ڏيو. ان سان گڏ جتي به ٿي سگهي ته سنڌ سلامت جو حوالو يا رفرنس پڻ ڏيو جيئن دوست فورم جو ڀيرو ڀرين.
سنڌسلامت جو مواد فيسبوڪ تي شيئر ڪرڻ لا سنڌسلامت ۾ هر موضوع ۾ صفحي جي آخر ۾ فيسبوڪ لائيڪ بٽڻ ڏنل آهي، صرف اهو ئي نه، پر اهو مواد توهان ٽويٽر، گوگل پلس تي پڻ ڏئي سگهو ٿا..
السلام اليڪم مان نهايت ئي شڪر گذار آهيان. انتظاميه ۾ انهن دوستن جو جن منهنجي رهنمائي ڪئي. سائين بلڪل مواد جنهن جي به نالي سان هوندو. انشاء الله انهيءَ جي نانءُ سان ئي شيئر ڪيو ويندو. سنڌ سلامت ساٿ سلامت