مون ڪجھه وقت اڳ آءِ ڊي ايم 7.1 فل ورزن ڊائون لوڊ ڪيو هو جيڪو درست ڪم ڪري رهيو هو پر ڪجھه ڏينهن کان ڊائون لوڊ ڪرڻ وقت 80004002 جي ايرر ڏيکاري ٿو. ڪو ان جو علاج يا آءِ ڊي ايم ٻيهر ڊائون لوڊ ڪريان؟ دوست گائيڊ ڪن ته سندن مهرباني ـ
ڇا توهان وٽ ونڊوز 7 انسٽال ٿيل آهي ۽ توهان هي ايرر فيس ڪري رهيا آهيو...؟ ها ته پوءِ هتي ڪلڪ ڪري آئي ڊي ايم جو ليٽيسٽ پيچ ڊائونلوڊ ڪري انسٽال ڪريو.. هاڻي آئي ڊيم انسٽالر تي ساڄي پاسي ڪلڪ ڪري پراپرٽيز کوليو... پراپرٽيز ونڊوز منجهان ڪمپيٽيبليٽي ٽيب چونڊيو ۽ Run this program in compatibilty mode تي چيڪ لڳايو ۽ اهو آپريٽنگ سسٽم چونڊيو جيڪو توهان استعمال ڪري رهيا آهيو.. يعني ونڊوز 7. هاڻي Privilege Level مان Run this programs as an administrator تي چيڪ لڳايو ۽ Ok بٽڻ تي ڪلڪ ڪندي سيٽنگ محفوظ بڻايو... جنهن کان پوءِ انسٽاليشن ڪرڻ سان اميد آهي ته ايندڙ ايرر ختم ٿي ويندو...
سائين جواب جي مهرباني ـ ونڊو 7 الٽيميٽ لڳل آهي ـ اوهان جي ڏسيل واٽ تي هلڻ کانپوءِ مسئلو نبيرجي ويو ـ هڪ دفعو وري به مهرباني ـ