طارق عزيز شيخ سال 2014ع ۾ سنڌ جي سياست جو سڀني کان گرم اشو “مهاجر صوبي” جو رهيو، جيڪو اردو ڳالهائيندڙن جي نمائنده پارٽي ايم ڪيو ايم پاران سال جي پهرين مهيني کان وٺي آخري مهيني تائين هلندو رهيو. الطاف حسين سنڌ ۾ رهندڙ اردو ڳالهايئندڙن کي هر شعبي ۾ سنڌين جي برابر حصو ڏيڻ جو مطالبو پڻ ڪيو. الطاف جي خطاب کانپوءِ سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽي زرداري پاران “مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون ” جو نعرو لڳايو ويو. الطاف حسين پاران سنڌ ٽوڙڻ واري تقرير کانپوءِ سنڌ جي قومپرست پارٽين، ادبي تنظيمن، سماجي ۽ مذهبي ڌرين پاران سخت رد عمل آيو. 4 جنوري تي هڙتال ڪئي وئي. احتجاج ڪيا، مظاهرا ڪيا، ريليون ڪڍيون ۽ مطالبو ڪيو ته الطاف پنهنجي بيان کي واپس وٺي ۽ سندس قوم کان معافي گهري. الطاف حسين پاران مطالبن مڃڻ بدران رد عمل جي رد عمل ۾ اڃا به سنڌ ٽوڙڻ وارو بيان آيو پر ٻئي طرح جو. هن چيو ته سنڌ ۾ رهندڙ اردو ڳالهائيندڙن کي نئون صوبو نٿو ڏنو وڃي ته “سنڌ ون” ۽ “سنڌ ٽو“ بڻايو وڃي. بلاول ڀٽو زرداري ٽوئٽر تي جواب ۾ چيو ته سنڌ ڌرتي ماءُ آهي ان کي ورهائڻ جو سوچي به نٿو سگهجي” 25 جنوري تي جسمم پاران سنڌ ۾ هڙتال ڪئي وئي ۽ الطاف کي پنهنجو بيان واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويو.هڙتال دوران سڄي سنڌ ۾ 48 ڪريڪرن جا ڌماڪا ٿيا ۽ جسمم جا ڪيترائي ڪارڪنن گرفتار ڪيا ويا. ڪراچي جي ديوارن تي مهاجر صوبي جي حوالي سان چاڪنگ ۾ تيزي اچي وئي ۽ انهي کي روڪڻ تي بغير اجازت وال چاڪنگ تي ڇهه مهينا قيد جي سزا هوندي. افسوس جو قانون ٺهڻ کانپوءِ به وال چاڪنگ ٿيندي رهي ۽ قانون حرڪت ۾ ڪو نه آيو. 9 فيبروري تي سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران گلشن حديد کان وٺي تبت سينٽر تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جنهن ۾ هزارين ڪارڪنن سنڌ ٽوڙڻ خلاف بينر ۽ پمفليٽ کڻي سڄي ڪراچي شهر ۾ سنڌ جي حق ۾ نعرا هڻندا رهيا. ريلي کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سنڌ جو ورهاڱو ڪنهن به قيمت تي قبول ناهي. متحده نسل پرستي کان پسو ڪري ته بهتر رهندو. اسان جي ريلي امن لاءِ آهي اردو ڳالهائيندڙن کي گهرجي ته اهڙين سازشن کان خبردار رهن. آڌر همارا، آڌا تمهارا” وارا نعرا نفرتن کي جنم ڏيندا آهن. 23 مارچ تي جسقم پاران ڪراچي ۾ آزادي مارچ ڌرڻو لڳايو ويو. هن ڌرتي کان ٻه ڏينهن اڳ بشير قريشي جي ڀاءُ مقصود قريشي ۽ سلمان وڌو کي شهيد ڪيو ويو پر پوءِ به پروگرام ملتوي ڪو نه ڪيو ويو. ريلي کي خطاب ڪندي صنعان قريشي چيو ته سنڌ سڄي دنيا کي ٻڌائي ڇڏيو آهي ته؛ برداشت، رواداري ۽ برابري سان جيئو ۽ جيئڻ ڏيو واري پاليسي اختيار ڪرڻ سان انسان ذات لاءِ امن ۽ اتحاد آهي. سنڌ کي ورهائڻ جي سوچ به نه رکڻ گهرجي. اسان انچ انچ جي حفاظت ڪنداسين. پ پ ۽ ايم ڪيو ايم ۾ سنڌ ۾ گڏيل حڪومت جو فيصلو طئي ٿي چڪو هو ته بلاول ڀٽو زرداري ٽوئيٽر تي هڪ ڀيرو ٻيهر نمودار ٿيو ۽ الطاف لاءِ لکيائين ته سنڌ ٽوڙڻ واري بيان کي واپس وٺي. اپريل ۾ متحده حڪومتي بينچن تي اچي وئي ۽ مهاجر صوبي وارو ڪو به بيان سامهون ڪو نه آيو. 25 اپريل تي سن ۾ سائين جي ايم سيد جي 19هين ورسي جي موقعي تي ايس يو پي، جسقم، جسم، جسمم قومپرست اڳواڻن ميڙاڪا ڪيا، جنهن ۾ سنڌ ورهائڻ واري سازش کي ننديو ويو ۽ جلال محمود شاهه چيو ته حڪومت ۽ اسيمبلين کي ڪردار نڀائڻ گهرجي. چار مهينا متحده پاران سنڌ جي ورهاڱي تي ڪجهه به نه ڳالهايو ويو پر 15 سيپٽمبر تي الطاف حسين بيان جاري ڪيو ته ملڪ ۾ 20 صوبا ٺاهيا وڃن. آبادي جي لحاظ سان وڌيڪ صوبا ٺاهڻ ضروري ٿي پيا آهن. الطاف جي بيان کان فوري پوءِ سڄي سنڌ مان رد عمل اچڻ شروع ٿي ويو. ايس يو پي سربراهه جلال محمود شاهه چيو ته متحده آمراڻي سوچ جي ڪري اردو ڳالهائيندڙن کي اڪيلو ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران سڄي سنڌ ۾ ڪارڪن رستن تي نڪري آيا، الطاف خلاف نعرا لڳڻ شروع ٿي ويا. متحده کي ٻنجون ڏيڻ لاءِ اڳواڻن پاران حڪومت کان گهر ٿي وئي. 16 سيپٽمبر تي الطاف بيان ڏنو ته فوج نوان صوبا ٺاهڻ ۾ مدد ڪري، صوبن واري بيان تي قومپرستن کي جواب ڪو نه ڏيندس. وڙهڻ وڙهائڻ جي ڳالهه ٺيڪ ناهي. ٻئي ڏينهن ڊاڪٽر قادر مگسي بيان ڏنو ته پاڪستان جي سلامتي سنڌ سان مشروط آهي، اسان 30 ورهيه اڳي چيو هو ته ايم ڪيو ايم ٺهي سنڌ جي ورهاڱي لاءِ آهي. قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه رسول بخش پليجي چيو ته برطانيه الطاف جي بيان جي خطابن تي پابندي وجهي، جنهن کي سنڌ جو نقشو پسند ناهي اهو هتان هليو وڃي. 19 سيپٽمبر تي اسلام آباد ۾ قومي اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم جي پارلياماني ليڊر فاروق ستار چيو ته سنڌ ۾ انتظامي يونٽن کي ٺاهڻ گهرجي. سنڌ سرڪار انتطامي يونٽ نٿي ٺاهي جنهن تي آئون واڪ آئوٽ ٿو ڪريان. 21 سيپٽمبر تي الطاف حسين پنهنجي نئين بيان ۾ نئون مشورو ڏنو. هن چيو ته سنڌ کي چئن حصن ۾ ورهايو وڃي اتر، ڏکڻ، اوڀبر ۽ اولهه سنڌ ڪري چار صوبا ٺاهيا وڃن. انهي تاريخ تي سنڌ جي ٻن ورحاني پيشوار ئن مخيدوم امين فهيم ۽ پير پاڳاري جي ملاقات ٿي جن گڏيل طور تي ميڊيا آڏو اچي چيو ته “اسان سنڌ جي ورهاڱي خلاف آهيون. ايڪي ۽ ٻڌي کي فروغ ڏيڻ واري ماحول تي يقين رکون ٿا.“ 23 سيپٽمبر تي ڪراچي ۾ قومي عوامي تحريڪ پاران اي پي سي منعقد ڪئي وئي حقيقت ۾ سنڌ جي پارلياماني، مذهبي، قومپرستن، سماجي ۽ علمي ادبي ڌرين ايم ڪيوا يم پاران سنڌ جي ورهاڱي يا انتطامي يونٽن ٺاهڻ کي رد ڪري ڇڏيو. ساڳئي ڏينهن اڳوڻي صدر آصف علي زرداري هڪڙي ٽي وي چينل کي انٽرويو ۾ چيو ته نوان صوبا ٺاهڻ جي ضرورت ناهي، اسان چار صوبا هلائي وڃون ته به وڏي ڳالهه آهي. 25 سيپٽمبر تي سنڌ اسيمبلي ۾ ٻه قراردادو اتفاق راءِ سان منظور ٿيون. هڪڙي حڪومت پاران ۽ ٻي اپوزيشن پاران. سنڌ جي ورهاڱي خلاف هئا. ساڳئي تاريخ تي ايم ڪيو ايم پاران ڪراچي ۾ 10 هنڌن تي ڌرڻا لڳايا ويا. مرڪزي ڌرڻو وزيراعليٰ هئاوس آڏو لڳايو ويو جنهن ۾ متحده اڳواڻ خالد مقبول صديقي خطاب ڪندي چيو ته 65 ورهيه اڳي اسان چيو هو بن ڪي رهيگا پاڪستان ته اهو وٺي ڏيکاريوسين ۽ اڄ چئون ٿا ته بن ڪي رهيگا صوبا ته اهو به وٺي ڏيکارينداسين. 26 سيپٽمر تي سنڌ ترقي پسند پارٽي سڄي سنڌ ۾ الطاف حسين جي سنڌ ورهائڻ جي مطالبي خلاف ڦيٿا روڪ هڙتال ڪئي. سڄي سنڌ سراپا احتجاج بڻجي وئي. الطاف حسين کي مطالبو واپس وٺڻ لاءِ چيو ويو ۽ سنڌ ۾ نفرتون پکيڙڻ کان روڪيو ويو. ساڳئي تاريخ تي حيدرآباد ۾ جماعت اسلامي جي امير سراج الحق جماعت جي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي تاريخي وحدت آهي، ورهاڱو ممڪن ناهي. چار صوبا ڏکيائي سان پيا هلن ته 20 صوبا ڪيئن هلندا. 27 سيپٽمبر ۾ سنڌ رائٽرس اينڊ ٿنڪرز فورم جي سڏ تي ڪلفٽن ڪراچي جي علائقي ۾ ٽن تلوارن چوڪ تي سنڌ جي ورهاڱي خلاف احتجاجي ڌرڻو ڏنو ويو جنهن ۾ سنڌ جي اديبن، دانشورن، صحافين ۽ سماجي اڳواڻن شرڪت ڪئي. دانشورن خطاب ۾ چيو ته الطاف لنڊن ۾ ويهي پاڪستان ۾ سنڌ ٽوڙڻ جي ڳالهه ٿو ڪري، لنڊن پوليس کي انهي جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. نوان صوبا ٺاهڻ پاڪستان ٽوڙڻ جي سازش سمجهي وڃي. ساڳئي تاريخ تي الطاف حسين لنڊن مان ٽيلي فونڪ خطاب دوران چيو ته سنڌ جا قومپرست ايجنسين جي پيرول تي آهن. اسان سنڌ ٽوڙڻ جي ڳالهه ناهي ڪئي بلڪه نوان انتظامي يونٽ ٺاهڻ جي ڳالهه ڪئي آهي. سنڌ بچايو ڪميٽي جي سربراهه سيد جلال محمود شاهه به انهيءَ ڏينهن پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته الطاف حسين جي قومي وحدت ۽ سلامتي کي چيلنج ڪندي لکيل طور تي سنڌ کي ورهائڻ جو شوشو اٿاري سنڌ دشمني ۽ نفرت واري سوچ جي عڪاسي ڪئي آهي. 28 سيپٽمبر تي لاڙڪاڻي، سکر ۽ لکي غلام ۾ سيرت النبي صه ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ۽ پوءِ صحافين سان ڳالهائيندي جي آيو آءِ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر خالد محمود سومري چيو ته سنڌ کي ٽڪرا ڪرڻ وارا پاڻ ٽڪرا ٿي ويندا، جيڪڏهن سنڌ جو ورهاڱو ٿيو ته پوءِ پاڪستان به ڪو نه بچندو ۽ ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويندو. انهيءَ ڏينهن پ پ ش ڀ پاران سڄي سنڌ ۾ ڌرڻا لڳايا ويا ۽ اڳواڻن چيو ته سنڌ جي ورهاڱي جي ڳالهه ڪندڙ مڪلي جي قبرستان مان سبق حاصل ڪن. ايم ڪيو ايم سنڌ ٽوڙڻ وارو موقف واپس ڪري نه ته سندس خلاف احتجاج جو دائرو وڌندو ويندو. سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران “سنڌ منهنجي امان” ريلي مختلف شهرن ۾ روزانو نڪرندي رهي. بدين، ٺٽو، حيدرآباد سميت سنڌ ورهائڻ خلاف ستپ جي ريلي ۾ هزارين ماڻهو شريڪ ٿيا. 13 آڪٽوبر تي سنڌ بچايو ڪميٽي پاران ڪوٽايل سنڌ يڪجهتي ڪانفرنس ۾ سنڌ جي ورهاڱي واري ڳالهه کي رد ڪندي پيپلز پارٽي جي قيادت کان مطالبو ڪيو ويو ته “مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون” جهڙا نعرا هڻڻ کان اڳي سنڌ جي ورهاڱي جي ڳالهه ڪندڙ ايم ڪيو ايم کي حڪومت کان ڌار ڪيو وڃي. ڪانفرنس ۾ شريڪ مختلف سياسي، مذهبي ۽ قومپرست پارٽين جي اڳواڻن، قانوني ماهرن، اديبن ۽ دانشورن سنڌ جي ورهاڱي واري مطالبي کي سنڌ جي وحدت ۽ ملڪ جي بنيادي عهد نامي خلاف سازش قرار ڏنو. ڪانفرنس کي جلال محمود شاهه، غوث علي شاهه، ممتاز ڀٽو، ارباب غلام رحيم، مهتاب اڪبر راشدي، مجيب پيرزادو، عرفان مروت ۽ ٻين خطاب ڪيو. 17 آڪٽوبر تي پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري حيدرآباد ۾ سنڌ جي تاريخ جو هيرو هوشو شيديءَ قبر تي پهچي ويو ۽ مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون جا نعرا لڳائي چيائين ته وچن ٿو ڪريان شهيد هوشو شيديءَ جي نقش قدم تي هلندي ڌرتي لاءِ قرباني ڏينداسين. سنڌ دشمن ٻڌي وٺن ته ڪراچي ۽ حيدرآباد اسان جا آهن. انهيءَ تاريخ تي ڪراچيءَ ۾ پ پ جي رٿيل جلسي گاهه جو جائزو وٺڻ لاءِ باغ جناح ۾ پهتل قومي اسيمبليءَ ۾ اپوزيشن اڳواڻ سيد خورشيد شاهه صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته مهاجر نه سڏرايو پاڻ کي، اهي ڪئمپن ۾ رهڻ وارا هوندا آهن، جيڪي هتي اچي ويا اهي سنڌي ٿي ويا. مهاجر گار آهي، نه سڏايو پاڻ کي. خورشيد شاهه جي بيان کانپوءِ متحده پاران سخت رد عمل شروع ٿي ويو. مرڪزي اڳواڻن پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته مهاجر هجرت ڪرڻ واري کي چئبو آهي جيڪو لفظ قرآن ۾ بار بار آيل آهي. اسان جو نبي سڳورو صه به مڪي کان مديني هجرت ڪري آيو هو. اسان کي مهاجر هجڻ تي فخر آهي. خورشيد شاهه اسان کي هتي رهڻ يا نه رهڻ لاءِ ڪير ٿو ٿئي چوڻ وارو. خورشيد شاهه متحده جي پريس ڪانفرنس کانپوءِ ٽي وي چئنلز تي اچي معذرت ڪئي ۽ چيو ته متحده وارن ڀائرن جو دل ڏکيو آهي ته انهي جي معذرت ڪريان ٿو، آءُ پاڻ مهاجر آهيان، منهنجا وڏڙا عرب کان سنڌ آيا هئا پر پوءِ هتي رهي سنڌي بڻجي ويا. منهنجي ڳالهه کي غلط سمجهيو ويو، افسوس آهي. 19 آڪٽوبر تي ايم ڪيو ايم سنڌ حڪومت کان ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪيو. متحده اڳواڻ خالد مقبول صديقيءَ بلاول، آصف زرداري ۽ پيپلز پارٽي خلاف ڳالهايو. هن هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ ٽوڙڻ جي ڳالهه ورجائي ۽ چيو ته مهاجر کي گار چوڻ واري ڳالهه جو انجام اسان جي صوبي جو بنياد بڻجندي. اسان جي منزل حق ۽ سڃاڻپ صوبو وٺڻ آهي. 22 آڪٽوبر تي سنڌ جي سينئر سياستدانن سنڌ جي ورهاڱي واري مطالبي خلاف تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ڪراچي ۾ فنڪشنل ليگ ڪي مرڪزي اڳواڻ پير صدر الدين شاهه جي رهائشگاه تي اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾ الاهي بخش سومرو، غوث علي شاهه، ممتاز ڀٽو، لياقت جتوئي ۽ ارباب غلام رحيم شرڪت ڪئي. هنن چيو ته ڪجهه قوتون پنهنجي ڪرندڙ ساک بچائڻ لاءِ مهاجر ڪارڊ استعمال ڪري رهيون آهن. ساڳئي ڏينهن سنڌ بچايو ڪميٽيءَ جو اجلاس ڄامشوري ۾ ٿيو جنهن جي صدارت سيد جلال محمود شاهه ڪئي. اجلاس ۾ اعلان ڪيو ويو ته ڪميٽي اردو ڳالهائيندڙن ۽ سنڌي قوم کي اپيل ٿي ڪري ته ايم ڪيو ايم ۽ پ پ کان لاتعلقي ڪري ڇڏين ته جيئن سنڌ خلاف ٿيندڙ سازشون ختم ٿي وڃن. 23 آڪٽوبر تي قومي عوامي تحريڪ پاران سڄي سنڌ ۾ ڦيٿا روڪ هڙتال ڪئي وئي. تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ جو عوام، سنڌ دشمن سازش کي ناڪام بڻائي ڇڏيندو. سنڌ جي وحدت تي وار خلاف هڪ قدم پوئتي ڪو نه هٽبو. 24 آڪٽوبر تي سنڌ اسمبلي ۾ ايم ڪيو ايم جي ميمبرن پاران الڳ صوبي جو مطالبو ڪيو. تقريرون ڪيون ۽ شهري علائقي جي آباديءَ لاءِ نئون صوبو ٺاهڻ لاءِ ڳالهايو. سنڌ حڪومت جي وزيرن موقف ڏنو ته “مرويسون مرويسون سنڌ نه ڏيسون” اسان جو جواب آهي. 25 آڪٽوبر تي ايم ڪيو ايم هنگامي پريس ڪانفرنس ڪري خورشيد شاهه جي بيان خلاف ٻئي ڏينهن جي هڙتال جو اعلان ڪيو ۽ مهاجر لفظ تي پيپلز پارٽي کي معافي گهرڻ ۽خورشيد شاهه کي پنهنجا لفط واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو. 26 آڪٽوبر تي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ هڙتال رهي. خورشيد شاهه خلاف تقريرون ٿيون ۽ بينر لڳايا ويا. هن چيو ته پاڪستان ۾ نوان صوبا ٺاهڻ جي تحريڪ محرم کان پوءِ شروع ڪئي ويندي. ساڳئي ڏينهن سکر ۾ صحافين سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته اردو ڳالهائيندڙ اسان جا ڀائر آهن. سنڌ اسان جي سڃاڻپ آهي. سنڌ ٽوڙڻ نه ڏاينداسين. انهي ڏينهن جسقم پاران گهوٽڪي ۾ ڌرڻو لڳو، ايم ڪيو ايم جي آفيس آڏو مظاهرو ڪري سنڌ ٽوڙڻ واري مطالبي کي واپس وٺڻ لاءِ زور ڀريو ويو. ساڳئي تاريخ تي آمريڪا ۾ رهندڙ سنڌين جي تنطيم سانا پاران به بيان جاري ڪيو ويو ته سنڌ خلاف ايم ڪيو ايم سازش ختم ڪري. 27 آڪٽوبر تي جسقم پاران ڪنڌ ڪوٽ ۾ متحده جي آفيس جي آڏو مظاهرو ڪيو ۽ شهر ۾ هڙتال ڪرائي. لاڙڪاڻي ۾ سنڌ بچايو ڪانفرنس منعقد ٿي جنهن ۾ جسقم، جسقم (آريسر)، ايس يو پي، جي يو آئي، فنڪشنل ليگ، ايس اين ايم، جمعيت علماءِ پاڪستان، عوامي جمهوري پارٽي سميت علمي ادبي ڌرين به شرڪت ڪئي ۽ سنڌ جي خلاف ٿيندڙ سازش لاءِ متحده کي خبردار رهڻ لاءِ چيائون. 28 آڪٽوبر تي سکر ۾ قومپرست اڳواڻن يڪجهتي ڪانفرنس منعقد ڪئي ۽ چيو ته متحده ۽ پ پ سنڌ جي عوام کي وڙهائڻ چاهين ٿيون. انهي ڏينهن جسقم پاران شڪارپور ۾ ايم ڪيو ايم جي آفيس آڏو ڌرڻو لڳائي، سنڌ ٽوڙڻ واري بيان کي واپس وٺڻ لاءِ چيو ويو. ڪراچيءَ ۾ پير صبغت الله راشديءَ سان جماعت اسلامي جي امير سراج الحق ملاقات ڪئي ته ٻنهي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته موجوده حالتون سنڌ جي مفادن وٽان ناهن. ڪجهه عنصر سنڌ جي عوام کي ويڙهه ڏانهن وٺي وڃي رهيا آهن. 29 آڪٽوبر تي الطاف حسين پاران خورشيد شاهه خلاف ايم ڪيو ايم اڳواڻن کي بيان بازي کان روڪي ڇڏيو. هن ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ٽيلي فونڪ خطاب ۾ چيو ته جيڪڏهن انتظامي يونٽ ۽ صوبا نٿا ڏيو ته سنڌ جي ڏهن سالن لاءِ اسان کي حڪومت ڏيو، نقشو تبديل ڪري ڏيکارينداسين. ساڳئي ڏينهن نوابشاهه ۾ سنڌ بچايو ڪميٽي پاران ”يڪجهتي ڊائلاگ” جي موضوع تي ميڙاڪو ڪرايو جنهن کي جلال محمود شاهه خطاب ڪندي چيو ته اسين ڀٽائي ۽ سائين جي ايم سيد جا پيروڪار آهيون، امن پسند آهيون، ٽڪراءُ نٿا چاهيون. سنڌاندر نفرت ۽ ورهاڱي کي واڌارو ڏيندڙ ميڊيا پنهنجو قبلو درست ڪري. جسقم پاران لاڙڪاڻي ۾ ايم ڪيو ايم جي آفيس آڏو ڌرڻو ڏئي تقريرون ڪيون ويون. 21 نومبر تي پاڪستان تحريڪ انصاف جو جلسو لاڙڪاڻي ۾ منعقد ٿيو جنهن ۾ تقرير ڪندي عمران خان چيو اسان سنڌ کي تقسيم ٿيڻ ڪو نه ڏينداسين. شاهه محمود قريشيءَ چيو ته سنڌ جي ورهاڱي واري سازش ڪندڙن سان وڙهنداسين.