نئون سال آيو نئين ديد ٿيندي،
وري توسان مٺڙا منهنجي عيد ٿيندي،
تون هڪ پل رُٺين ۽ رُنم سال سارو،
بدن تي هو مٺڙا لَٽو سال، ڪارو،
ڪڏهن تون ته ايندين اها آس دل ۾،
جڏهن تون به ملندين منهنجي عيد ٿيندي..
نئون سال آيو نئين ديد ٿيندي.....
خوشيءَ مان، ڪڏهن ڪين ماپي مان سگھندس،
تنهنجي پيار مان ڪڏهين نه ڍاپي مان سگھندس،
ٿيندا غم سالن جا دور مونکان،
خوشي منهنجي ٻِيڻي عبيد ٿيندي،
وري توسان مٺڙا منهنجي عيد ٿيندي.
وري توسان مٺڙا منهنجي عيد ٿيندي،
تون هڪ پل رُٺين ۽ رُنم سال سارو،
بدن تي هو مٺڙا لَٽو سال، ڪارو،
ڪڏهن تون ته ايندين اها آس دل ۾،
جڏهن تون به ملندين منهنجي عيد ٿيندي..
نئون سال آيو نئين ديد ٿيندي.....
خوشيءَ مان، ڪڏهن ڪين ماپي مان سگھندس،
تنهنجي پيار مان ڪڏهين نه ڍاپي مان سگھندس،
ٿيندا غم سالن جا دور مونکان،
خوشي منهنجي ٻِيڻي عبيد ٿيندي،
وري توسان مٺڙا منهنجي عيد ٿيندي.