سنڌ ۾ بيڊ گورننس بابت وارننگ

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
جيڪڏهن اڳوڻي صدر آصف علي زرداريءَ، سنڌ ۾ بيڊ گورننس ۽ چوٽ چڙهيل رشوت جو خاتمو ترت ڪونه ڪيو ته هڪ ڏينهن پ پ پ جي سنڌ سرڪار اچي پٽ تي ڪرندي ـ بهرحال، انهيءَ صورت ۾ جيڪا سنڌ اندر نئين سرڪار ٺهندي سا لساني تنظيم ايم ڪيو ايم جي آشيرواد سان جُڙندي ۽ ارباب رحيم يا لياقت جتوئي جهڙو ڪو ڪاٺ پتلي وڏو وزير هوندو جيڪو ايم ڪيو ايم جي اشارن تي ڏينهن رات نچندو رهندو ـ سو سنڌين جي اڳيان باهه ۽ پويان پاڻي آهي ـ
 
ڪٺ پتلي ته سائين قائم علي شاهه به آهي ... پر ان جو رموٽ ڪنٽرول زرداري صاحب ۽ ادي فريال وٽ آهي.

سنڌ ۾ ڪڏهن به سنڌين جي پسند جا فيصلا ناهن ٿيا. خواهش هجڻ باوجود به اسان جا وزير ۽ مشير ڪجهه نه ڪري سگهندا .... هي دور ڪرپشن جي حساب سان چوٽ چڙهيل آهي.
 
Back
Top