محمد خان سيال
سينيئر رڪن
جيڪڏهن اڳوڻي صدر آصف علي زرداريءَ، سنڌ ۾ بيڊ گورننس ۽ چوٽ چڙهيل رشوت جو خاتمو ترت ڪونه ڪيو ته هڪ ڏينهن پ پ پ جي سنڌ سرڪار اچي پٽ تي ڪرندي ـ بهرحال، انهيءَ صورت ۾ جيڪا سنڌ اندر نئين سرڪار ٺهندي سا لساني تنظيم ايم ڪيو ايم جي آشيرواد سان جُڙندي ۽ ارباب رحيم يا لياقت جتوئي جهڙو ڪو ڪاٺ پتلي وڏو وزير هوندو جيڪو ايم ڪيو ايم جي اشارن تي ڏينهن رات نچندو رهندو ـ سو سنڌين جي اڳيان باهه ۽ پويان پاڻي آهي ـ