عبدالرحيم گجراڻي
سينيئر رڪن
ڏُور ٿيندا وڃن روز جوڳيئڙا
تون اڃان ٿو جِيئين، هاءِ ڙي جِيئڙا
اوچتو مون ڏٺو اُڀُ آسائتو
راتِ ڪاري هُئي ڏِيئڙا ڏِيئڙا
مون نه ڄاتو ته اي سج جهڙا پرين
روز پاتا پئي تو لِڪي لِيئڙا
آءُ منهنجي تڏي، ويھ اوري اڏي
ساھُ توکي سڏي، اوءِ سانگيئڙا
ڇو اياز اڄ وري ڇانوَ ڳولهين پِيو
پنڌ ڏاڍو پري آهي پانڌيئڙا
تون اڃان ٿو جِيئين، هاءِ ڙي جِيئڙا
اوچتو مون ڏٺو اُڀُ آسائتو
راتِ ڪاري هُئي ڏِيئڙا ڏِيئڙا
مون نه ڄاتو ته اي سج جهڙا پرين
روز پاتا پئي تو لِڪي لِيئڙا
آءُ منهنجي تڏي، ويھ اوري اڏي
ساھُ توکي سڏي، اوءِ سانگيئڙا
ڇو اياز اڄ وري ڇانوَ ڳولهين پِيو
پنڌ ڏاڍو پري آهي پانڌيئڙا