اختيار غوري
سينيئر رڪن
اڄ جي انسان جي اها فطرت رهي آهي ته گلاب جو گل ڪنهن امير جي اوطاق تي هوندو ته اهو مان وارو ۽ خوشبو دار هوندو پر ساڳيو ئي گل ڪنهن غريب جي گھر ۾ هوندو ته ان مان خوشبو بدران ڌپ ايندي آهي، پر هنن کي اها خبر ناهي گل ته گل ئي رهندو،پو ڪٿي به هجي،ساڳيو مثال اسان جي ٿر جي معصوم ٻارن جو آهي جيڪي 3 مهينن جي اندر 303 معصوم جانيون موت جي ور چڙهي ويون آهن، جن کي پنهنجي ملڪ سان گڏ عالمي تنظيمون به نظر انداز ڪري رهيون آهن،
تازو ئي پشاور وارو واقعيو جنهن ۾ معصوم ٻارن کي شهيد ڪيو ويوجيڪو سڄي انسان ذات کي شرمندا ڪندڙ واقعيو هو،ان عظيعت ناڪ واقعي جو صدمو شايد ئي اسان ويساري سگھون،۽ ان جي رد عمل ۾ سڄي ملڪ اندر سرچ آپريشن شروع ڪيا ويا آهن،
پوءِ ڇا ٿر جي معصوم ٻارن جي ڪوئي واهر ڪرڻ وارو ناهي ؟
ڇا ٿر جي معصوم ٻارن جي جان جي قيمت ڪجھ به ناهي،ڇا اهي پنهنجي ماءُ پيءُ کي پيارا نه آهن؟
مان اپيل ٿو ڪيان هر ان انسان کي جنهن جي هٿ ۾ قلم جي طاقت آ ته انصاف ڏياريو وڃي ٿر جي معصوم ٻارن کي ۽ ٿر جي مسطقبل کي، ۽ اپيل ٿو ڪيان سنڌ حڪومت کي ۽ عالمي تنظيمن کي ته خدارا مهرباني ڪري ٿر جي انهن معصوم ٻارن جون زندگيون بچائڻ لاءِ ترت اپاءُ ورتا وڃن ۽ انهن جي زندگي بچائي وڃي ۽ ٿر جي مسطقبل جي زندگي بچائي وڃي.