سينيئر ۽ جونيئر جو فرق: هڪ سينيئر محقق ۽ دانشور هڪ ڪتاب ترجمو ڪري ان جي مهاڳ لکڻ لاءِ مون کي حڪم ڪيو، ڪتاب ۾ پروف جون ڪافي غلطيون هيون، جنهن تي مون کيس فون ڪري چيو ته ”ان مسودي ۾ ترميم ڪريان.“ ته چوڻ لڳو: ”جيڪڏهن ترميم يا نظرثانيءَ جي ضرورت آهي ته ڀل ڪيو.“ هڪ جونيئر ڪهاڻيڪار پنهنجي ناول جو مسودو مون ڏي موڪلي حڪم ڪيو ته ان تي مهاڳ لکي ڏيو. ان مسودي ۾ به پروف جون ڪافي غلطيون هيون، مون کيس عرض ڪيو ”هن ۾ درستگيون ڪريان.“ ته ڪجهه سخت لهجي ۾ چوڻ لڳو: ”ان جي ضرورت نه آهي، اوهان رڳو مهاڳ لکي ڏيو.“ مون مهاڳ لکي کيس موڪليو، جڏهن اهو مهاڳ ڇپيو ته ان ۾ ڪهاڻيڪار پنهنجي مرضيءَ جا جملا ملائي، مون کي ايس ايم ايس ڪيو ته مون اوهان جي لکت ۾ ڪجهه ترميمون ڪيون آهن، دل ۾ نه ڪجو.“