• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سامونڊي جَيڪُسِ نِٻَرُ نِينهُن سَندَومِ، جِئَن مُون بيٺَي هُنَ ٿَيلِيَو

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
jxPRoay33Cecb.jpg


جَيڪُسِ نِٻَرُ نِينهُن سَندَومِ، جِئَن مُون بيٺَي هُنَ ٿَيلِيَو
سَعِيَو سَامُونڊِيُنِ سِين، اَڳَهِين تَان نَه ڪَيَومِ
وِجَهڻُ مَنجِهه هُئَومِ، پَاڻُ وَرَاڪَي رَسِ سِين


سُرُ سَامُونڊي

جَيڪُس = شايد، يا ته
نٻَرُ = نٻل، ڪمزور، هيڻو، ڪَچَو، نئون نئون
سَندَوم = سندم، منهنجو
ٿَيليَو = هڪليو، ڪاهيو
سَعيَو = ڪوشش، بندوبست، تياري
اَڳَهين = اڳي ئي
ڪَيَوم = ڪيم، ڪيان ها
وَرَاڪَي = وڪوڙي، ويڙهي
رَس = رسيءَ، نوڙيءَ سان

بيت جو پس منظر

~ منهنجو عشق شايد اڃان ڪچو ۽ ڪمزور هيو جو منهنجي بيٺي ئي هو ٻيڙي کي ڪاهي ويو.
~ سامونڊين سان وڃڻ لاءِ مون کي اڳواٽ تياري ڪري ڇڏڻ گهرجي ها.
~ مون کي گهرجي ها ته پاڻ کي رَسَي ۾ ويڙهي ٻيڙي اندر اڇلائي ڇڏيان ها.

سمجهاڻي

هي پاڻيءَ جي بندر جو منظر آهي جتي ڪيترائي جهاز ۽ ٻيڙا سامان سان، مالَ سان ڀرجي رهيااهن ۽ ٻين تان وري مالُ لاٿو پيو وڃي. ٻئي پاسي هڪ وڻجاري جي وني يا محبوبه کيسالوداعڪرڻ آئي آهي. پر هوته ٻيڙي ۾ مالُ ڀرائي، روانو به ٿي ويو. هاڻي وڻجاري رويو پئي چئي ته شايد محبوب سان منهنجو نينهُن اڃان نئون هو، ڪَچَو هو جو هن موڪلايو به ڪونه ۽ منهنجي بيٺي ئي ٻيڙو ڪاهي هليو به ويو. مون کي ساڻس گڏ وڃڻ لاءِ اڳم ئي تيار ٿي اچڻو هيو. مان جيڪر پاڻ کي رسي سان ٻڌي ٻيڙي ۾ اندر اڇلائي ڇڏيان ها ته ساڻس گڏ هلي وڃان ها.

____
محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
 
Back
Top