قديم تھذيب ، مذھبي ڪٽرپڻي کان آزاد ، علم ۽ ادب ، صوفين جي ڌرتي ، بنا ڪنھن نسلي متڀيڌ ھڪ ٻئي سان محبت ، عدل ۽ انصاف ٻيو به گھڻو ڪجھه اھا اسان جي ڌرتي جي سڃاڻپ ھئي پر الئي ڪنھن جي نظر لڳي وئي اِھي سڀ شيون اسان مان موڪلائي ويون ھاڻ اسان جي حالت ڇا آھي اھو سڀ ڪجھه پاڻ سڀني جي اڳيان آھي پر پو به پاڻ ان کي مڃڻ لا تيار نه آھيون ته اِھو اسان جو ماضي ھو . ھن سڄي قصي کي مولانا عبيداللّه سندھي تمام صحيح نموني سمجھايو آھي " اسان کي انھي شڪست جو کلي دل سان اقرار ڪرڻ گھرجي ، پر اھا شڪست اسان جي تمدن ۽ نظام جي شڪست آھي ، اسان جي فڪر جي شڪست نه آھي ، انھي فڪر ھڪ زماني ۾ ھي ڍانچواختيار ڪيو ، ھاڻي اِھو ڍانچو ڀڄي پيو آھي ، جھاز ٻڏڻ کانپو رڳو انھي خيال سان اھو جھاز ڪڏھن اسان جو ھو ، ان جي ذريعي اسين سمنڊ جي سيني تي ڍڪون پائيندا ھئاسين ، جھاز جي تختن کي چمبڙيو رھڻ ڏاھپ جو طريقو ناھي . جھاز ٻڏي ويو۽ اسان وري به ڪوشش ڪئي ته اھو نه ٻڏي ، مون ۽ منھنجي ساٿين ته انھي جھاز کي بچائڻ لا پنھنجي جان ڏيڻ کان به نه ڪيٻايو ۽ آخري وقت تائين انھي سمنڊ جي موجن ، لھرن ، طوفانن ۽ جھوٽن سان وڙھندا رھياسين . پر ھاڻي جڏھن اھو جھاز سمنڊ جي ھيٺان اچي چڪو آھي ، ان جي تري اچڻ جي اميد ۽ وھم به باقي نه رھيو آھي ، انھي جھاز تي ڳوڙھا ڳاڙيندو رھڻ سمجھه ۽ سوچ کان موڳائپ جي برابر آھي ، عقل ۽ ھمت جي ته اھا تقاضا آھي ته جھڙي طرح اسان پھرين اھو جھاز ٺاھيو ھو ، ھاڻي ھڪ ٻيو جھاز ٺاھي کڻي بيھارجي ، پر جڏھن اسين نئون جھاز بڻائينداسين ته ظاھر آھي ته اسان کي ان جي ٺاھڻ ۾ اڳين جھاز جي فن ، مھارت ۽ نموني مان وڏي مدد ملندي .
جڏهن اسان ٻين تي هٿ کڻڻ ڇڏينداسين ۽ خوشفهمي ۾ رهڻ کان قاسر ٿينداسين شايد تڏهن ئي اسان حقيقت پسند ٿينداسين
پر ڪير اچي اسان کي بيدار ڪري ؟ اسان جا سياسي ليڊر وڪائو آھن ، اسان جي ساڃاھ وند به اين جي اوز جي ساھمي ۾ وڪامجي چڪا آھن اسان جي ميڊيا اُھا پرنٽ ھُجي يا اِليڪٽرڪ ھجي انھن کي به پنھنجا مفاد عزيز آھن