پاڪستان ۽ خاص طور سنڌ جي اندروني ۽ بيروني حالات کان واقفيت اڄ جي دور ۾ ضروري سمجهيو وڃي ٿو۔۔۔ ۽ اسان جا سنڌي پڻ اهڙي ڄاڻ رکڻ ضروري سمجهن ٿا اهو ئي سبب آهي جو هڪ سروي مطابق پاڪستان ۾ اڙدو کان پوءِ سڀ کان وڌيڪ سنڌي اخبارون نڪرن ٿيون ۔۔۔ هوئن ته هاڻي تقريبن سڀني اخبارن ملڪ کان ٻاهر رهندڙ سنڌين جي سهولت لاءِ اخبارن کي آن لائين ڪري ڇڏيو آهي ۔۔۔ پر اهڙين خبرن کي ڪمپيوٽر تي اکيون ڍريون ڪري پڙهڻ به ڏکيو ٿو لڳي ۔۔۔۔ ان ڪري سنڌ سلامت هڪ دفعو وري پنهنجي مهربان سنڌي رڪنن لاءِ هڪ قدم اڳتي وڌايو آهي۔۔۔ سنڌ سلامت جو هر اهو رڪن جنهن جي اخبار تائين پهچ ڏکي آهي يا وري ڪمپيوٽر تي اخبار پڙهڻ ۾ تڪليف محسوس ٿو ڪري ۔۔۔ يا وري پرديس ۾ موجود آهي۔۔۔ يا وري سنڌ کان ڏور روزي رزق جي ڳولا ۾ آهي۔۔۔ هاڻي سنڌ سلامت ذريعي هر وقت رهي سگهي ٿو هر خبر لاءِ باخبر ۔۔۔ سنڌ ٽي وي نيوز پنهنجي خالص سنڌي، ديسي ۽ علائقائي خبرن ۽ رپورٽس لاءِ هڪ خاص مقام رکي ٿي۔۔۔۔ سنڌ سلامت سنڌ ٽي وي جي تعاون سان هاڻي پنهنجي سمورن رڪنن کي هر وقت باخبر رکڻ لاءِ هڪ نئون پنو ترتيب ڏنو آهي جتي پهچي هو ڪهڙي به وقت سنڌ بابت 5 منٽن جون خاص خبرون ٻڌي ۽ ڏسي سگهي ٿو۔۔۔۔ ڪنهن به وقت سنڌ سلامت نيوز هيڊ لائين ڏسڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو۔۔۔ اميد ته سنڌ سلامت جي هي ڪوشش پڻ توهان پسند ايندي۔۔۔
جواب: سنڌ جي حالات کان هر وقت باخبر رهڻ لاءِ ڏسندا رهو سنڌ سلامت نيوز هيڊلائين۔۔ هميشه جيئان هي ڪم به سٺو ڪيو اٿوَ ۔۔۔ پر ڇا هي خبرون پنهنجو پاڻ تازيون ٿينديون رهنديون يا وري هر روز ساڳيون خبرون ۽ ساڳيا حال احوال هوندا ۔۔۔ هڪ ٻي ڳالهه جي سنڌ ٽي وي جي سڌي سنئين نشريات هجي ته تازيون خبرون ٻڌي وڌيڪ باخبر رهبو ۔۔۔ ؟؟
جواب: سنڌ جي حالات کان هر وقت باخبر رهڻ لاءِ ڏسندا رهو سنڌ سلامت نيوز هيڊلائين۔۔ سائين في الحال 10 منٽن کان ته مون وٽ لوڊنگ پيو ڏيکاري۔۔۔ ڏسڻ کان پوءِ ئي ڪجهه چئي سگهان ٿو
جواب: سنڌ جي حالات کان هر وقت باخبر رهڻ لاءِ ڏسندا رهو سنڌ سلامت نيوز هيڊلائين۔۔ تمام بهترين قدم آهي سنڌ سلامت لا۽ توهان جو ادا رشيد پر جيئن ته هي هيمشه 4 بجي کان پو۽ ئي فائيل اپ ڊيٽ ٿئي سو جيڪڏهن سائين نثار ابڙو چواڻي سنڌ ٽي وي لائيو هجي ته وڌيڪ بهتر ٿئي ها سدائين گڏ
جواب: سنڌ جي حالات کان هر وقت باخبر رهڻ لاءِ ڏسندا رهو سنڌ سلامت نيوز هيڊلائين۔۔ مون ته اڄ به تازيون خبرون ٻڌڻ لئه پنڌ پيس پر ساڳيون ڪالهه واريون خبرون چارون پيون هلن ۔۔۔ اها ئي فيس بڪ ۽ يوٽيوب واري خبر، زرداري صاحب رنڙ ٿيو آهي ته کيس عورتن جي حقن جي ڳالهه ياد آئي آهي ۔۔۔ خئير جي ايترو ڀلو ڪيو اٿوَ ته ڊائريڪٽ لنڪ ڏيڻ ۾ ڪهڙو هرج ۔۔۔؟
جواب: سنڌ جي حالات کان هر وقت باخبر رهڻ لاءِ ڏسندا رهو سنڌ سلامت نيوز هيڊلائين۔۔ معاف ڪجو هاڻ ڪجهه تازيون خبرون نصيب ٿيون آهن ۔۔۔
جواب: سنڌ جي حالات کان هر وقت باخبر رهڻ لاءِ ڏسندا رهو سنڌ سلامت نيوز هيڊلائين۔۔ سائين رشيد سمون جا لک ٿورائتا آهيون جو سائين جن ايڏي محنت سان سنڌ ٽي وي واريون خبرون هتان سڌو سنئون هلائڻ لا اسان جي مشڪلاتن کي آسان ڪيو۔۔۔۔۔۔ ادا جي طرفان لڳايل اهي هيڊ لائنز ئي رڳو ڪافي ناهن پر منهنجي خيال ۾ ادا کي هڪ ننڍڙي تڪليف ڏيڻ چاهيندس ته جيڪڏهن اوهان خبرن واري اها پٽي لڳايو ته به ڀلو ٿي ويندو۔۔۔۔۔ وڌيڪ وس وارا آهيو۔۔۔۔۔۔
جواب: سنڌ جي حالات کان هر وقت باخبر رهڻ لاءِ ڏسندا رهو سنڌ سلامت نيوز هيڊلائين۔۔ ادا تمام بهترين قدم آهي سنڌ سلامت لاء .................
جواب: سنڌ جي حالات کان هر وقت باخبر رهڻ لاءِ ڏسندا رهو سنڌ سلامت نيوز هيڊلائين۔۔ سائين اصل ۾اهو سوچي ته آفيسن ۾ يا وري ڪمپيوٽر تي ڪم ڪندڙن وٽ وقت گهٽ هوندو آهي ۽ اهي بجاءِ جو براهِ راست ٽي وي ڏسن اڪثر خاص خبرون ٻڌڻ کي ترجيع ڏيندا آهن پر پنهنجي مصروفيت ڪري اڪثر پوري ڪلاڪ تي ايندڙ خبرون وساري ويهندا آهن ان ڪري خاص خبرن لڳائڻ جو مقصد ئي اهو هيو ته سنڌ سلامت جو رڪن چاهي ڪهڙو به وقت هجي خاص خاص خبرون معلوم ڪري وٺي۔۔۔ باقي توهان جي مشوري تي عمل ڪندي خاص خاص خبرن جي هيٺان ئي سنڌ ٽي براهِ راست ڏيکارڻ جو انتظام ڪيو ويو آهي۔۔ ان ڪري وڊيوز کي پاڻ مرادو هلڻ جي بجائي پِلَي بٽڻ تي رکيو ويو آهي ته جيئن رڪن پنهنجي مرضي واري نشريات کي هلائي سگهي۔۔۔
جواب: سنڌ جي حالات کان هر وقت باخبر رهڻ لاءِ ڏسندا رهو سنڌ سلامت نيوز هيڊلائين۔۔ ادا سائين نثار ابڙو جي مشوري تي عمل ڪيو ويو آهي۔۔ ٻيو ته سنڌ ٽي وي وارا ڪهڙي به وقت خاص خبرن کي تازو بڻائيندا آهن ٻيو ته هاڻي براهِ راست نشريات به لڳائي وئي آهي ان ڪري ان ڳالهه کي نظر انداز ڪيو وڃي۔۔۔
جواب: سنڌ جي حالات کان هر وقت باخبر رهڻ لاءِ ڏسندا رهو سنڌ سلامت نيوز هيڊلائين۔۔ مٺا زاهد توهان کي هي ڳالهه وڻي ۔۔۔ توهان جي مهرباني ۔۔ جتي سائين نثار ابڙو جي مشوري تي عمل ڪيو ويو آهي اتي توهان جي فرمائش کي ڪيئن ٿو نظر انداز ڪري سگهجي۔۔۔ توهان جي مشوري مطابق تازه ترندڙ خاص خبرن جي پٽي کي پڻ لڳايو ويو آهي۔۔۔ ٿورو چيڪ ڪري ٻڌايو ته هاڻي ڪيئن لڳو۔۔۔۔
جواب: سنڌ جي حالات کان هر وقت باخبر رهڻ لاءِ ڏسندا رهو سنڌ سلامت نيوز هيڊلائين۔۔ رشيد صاحب اهڙيون محنتون ڪرڻ تي توهان کي جس هجي، ]
جواب: سنڌ جي حالات کان هر وقت باخبر رهڻ لاءِ ڏسندا رهو سنڌ سلامت نيوز هيڊلائين۔۔ سائين پاڻ کي اميد آهي ته هڪ اهڙي سهولت اوهان رمضان شريف ۾ ڏيندا مڪي پاڪ مان لائيو تراويح ڏسڻ لاء