رسول بخش دائودپوٽه
سينيئر رڪن
توکي سڏ يان توکي گڏ يان
_________________________
ٿي باهيون ٻاري
کورا کورا
پو اڏامي ٿي وڃي
آڪاس جي اڀ آسمان تي
هو پڄي پو پيرڙا کڻندي هلي ٿي
جيئن ڪا هلي ڪامڻي
هٺ هٺيلي هوءَ هرڻي
ناز مان نظرون نهاري سڀ کي ماري
نينهن جا ڏيندي هو نياپا
آ پڳي پولار ۾
آ رڳو هن جو جتي رڪس
سا لڀائيندي هلي ٿي
ڳل سان ڪجه ڳائيندي هلي ٿي
سونهن جا تجلا هو ڏيندي
سڀ سکين کان زور ٿيندي
باهيون دل تي ٿي ٻاري
جهول گلابن جا ڪي هاري
نرم پنهنجي نينهن سان
گرم ٿي گوندر ڪري
اڪ جي ڦلڙين جيئان هو
اوتي پنهنجا رنگ سڀ ٿي
ڪنهن ڀٽ تي سنهڙي ڪا واري
ڪڪل جهڙي صاف آهي
منهن ۾ هو موچاري آهي
تاس ۾ تاساري آهي
روح ۾ رانڀوٽه ڏيندي
احساس کي آرا وجهندي
لحر ساگر جي ڪڏهن هو
سمونڊ جي ڇولي ڇلي ٿي
واءُ وانگيا ڏي ٿي وڪڙ هو
لحر سسراٽين سري ٿي
دريا ۾ جيئن پاڻي سڪي ويو
تيئن هن جا خواب ٿين پيا
پاڻي بنان واري جون ڇوليون
آءُ پنهنجو پيار ڳوليون
نينهن کي نروار کوليون
پيار جو ڪي ٻوليون ٻوليون
تون پکي ٿي پيار جو
آ هلي منهنجي اڱڻ تي
تو لئه ڪانگل پيو اڏايان
پيار پنهنجي کي پڄايان
تنهنجو اونو اڄ ڀي آهي
فڪر کي
ذڪر کي
مان سانڍي رکيو
تنهنجي تڙپڻ تار ۾
گفتار ۾
ونهنوار ۾
تون سکي آ ياد مونکي
شاه جي بيتن مثل
وائي مثل مان ڳايان توکي
ساه ۾ ساريان توکي
تون عجب آ عشق مونسان
نينهن رغبت راه تون آن
تو کي ڳوليندي گزر هن
زندگيءَ جا سڀ پيچرا
گم نه ٿين ...
پيو ٿو هلان
تو کي سڏيان
تو کي گڏيان
توکي سڏيان
توکي گڏيان..........
رسول بخش دائودپوٽه
_________________________
ٿي باهيون ٻاري
کورا کورا
پو اڏامي ٿي وڃي
آڪاس جي اڀ آسمان تي
هو پڄي پو پيرڙا کڻندي هلي ٿي
جيئن ڪا هلي ڪامڻي
هٺ هٺيلي هوءَ هرڻي
ناز مان نظرون نهاري سڀ کي ماري
نينهن جا ڏيندي هو نياپا
آ پڳي پولار ۾
آ رڳو هن جو جتي رڪس
سا لڀائيندي هلي ٿي
ڳل سان ڪجه ڳائيندي هلي ٿي
سونهن جا تجلا هو ڏيندي
سڀ سکين کان زور ٿيندي
باهيون دل تي ٿي ٻاري
جهول گلابن جا ڪي هاري
نرم پنهنجي نينهن سان
گرم ٿي گوندر ڪري
اڪ جي ڦلڙين جيئان هو
اوتي پنهنجا رنگ سڀ ٿي
ڪنهن ڀٽ تي سنهڙي ڪا واري
ڪڪل جهڙي صاف آهي
منهن ۾ هو موچاري آهي
تاس ۾ تاساري آهي
روح ۾ رانڀوٽه ڏيندي
احساس کي آرا وجهندي
لحر ساگر جي ڪڏهن هو
سمونڊ جي ڇولي ڇلي ٿي
واءُ وانگيا ڏي ٿي وڪڙ هو
لحر سسراٽين سري ٿي
دريا ۾ جيئن پاڻي سڪي ويو
تيئن هن جا خواب ٿين پيا
پاڻي بنان واري جون ڇوليون
آءُ پنهنجو پيار ڳوليون
نينهن کي نروار کوليون
پيار جو ڪي ٻوليون ٻوليون
تون پکي ٿي پيار جو
آ هلي منهنجي اڱڻ تي
تو لئه ڪانگل پيو اڏايان
پيار پنهنجي کي پڄايان
تنهنجو اونو اڄ ڀي آهي
فڪر کي
ذڪر کي
مان سانڍي رکيو
تنهنجي تڙپڻ تار ۾
گفتار ۾
ونهنوار ۾
تون سکي آ ياد مونکي
شاه جي بيتن مثل
وائي مثل مان ڳايان توکي
ساه ۾ ساريان توکي
تون عجب آ عشق مونسان
نينهن رغبت راه تون آن
تو کي ڳوليندي گزر هن
زندگيءَ جا سڀ پيچرا
گم نه ٿين ...
پيو ٿو هلان
تو کي سڏيان
تو کي گڏيان
توکي سڏيان
توکي گڏيان..........
رسول بخش دائودپوٽه