ٽنڊو محمد خان اين جي اوز نيٽ ورڪ پاران ليڪچر پروگرام

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏26 مئي 2010۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    ٽنڊو محمد خان اين جي اوز نيٽ ورڪ پاران ”عورتن جا بنيادي حق، مسئلا ۽ حل جي موضع تي ليڪچر پروگرام ڪرايو ويو . ليڪچرسنڌ جي قومپرست اڳواڻ ۽ ڏاهي محترم دودو مهيري صاحب ڏنو.​


    گذريل ڏينهن ٽنڊومحمد خان اين جي اوز نيٽ ورڪ پاران ٽنڊو محمد خان شهر کان ٽي ڪلو ميٽر اولهه طرف ڳوٺ حُسين خان لغاري ۾ ”عورتن جا بنيادي حق، مسئلا ۽ حل جي موضع تي هڪ ليڪچر پروگرام ڪرايو ويو، مونکي سنڌ سلامت جي نمائندي جِي حيثيت سان ان پروگرام ۾ شرڪت جي دعوت ٽي اين اين جي ڪوآرڊينيٽر وومين امپاورمينٽ محترم شبانه امتياز هڪ هفتو اڳ منهنجي گهر اچي ڏئي وئي هُئي، توهان دوستن کي خبر هوندي ته مونکي ڪا دعوت ملندي آهي ته گهڻي ڪوشش ڪري اتي پهچڻ جي ڪوشش ضرور ڪندو آهيان ، ان کان علاوه هن ليڪچر پروگرام ۾ سنڌ جو قومپرست اڳواڻ، محقق ۽ ڏاهو محترم ڊاڪٽر دودو مهيري صاحب جن شرڪت ڪري رهيا هُئا سو هن تمام گهڻي، نٽهڻ اُس ۽ گرميءَ جي پرواهه ڪرڻ بغير انهي پروگرام ۾ شرڪت ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪري ڇڏيو هُئم، ٽنڊو محمد خان کان 3 ڪلو ميٽر پري هن ڳوٺ ۾ چنچيون وينديون آهن، 10 روپين کان پندرهن روپيه ڪرايو آهي، مزي جهڙي ڳالهه ته ان ڳوٺ ويندڙ چنچين جو گُذر منهنجي پاڙي کان منهنجي گهر جي دروازي کان ٿيندو آهي سو تياري ڪري پنهنجي ڊجيٽل ڪئميرا گلي ۾ لٽڪائي گهر جي دروازي تي شام جو پنجين وڳي بيهي رهيس ته ڪا چنچي اچي ته ان ۾ سوار ٿي پروگرام شرڪت ڪرڻ لاءِ ڳوٺ حسين خان لغاري پهچان، اڃان دروازي تي مس پهتس ته محترما شبانه امتياز پنهنجي ڪوري ڪار پاڻ ڊرائيو ڪندي اتان لنگهي، مون تي نظر پيس ته پاڻ بيڪ ڊرائيو ڪندي واپس منهنجي دروازي ڏانهن آئي چيائين ته سر نثار شايد توهان اسان واري پروگرام ۾ وڃي رهيا آهيو، جي مون مُسڪرائي کيس جواب ڏنو، پاڻ چيائين ته اچو منهنجي گاڏيءَ ۾ويهو اڃان ان گاڏي ۾ وهڻ جو ارادو ڪيم ته اوچتو روڊ تان هڪ ٻي ڪار جو گُذر ٿيو، اها ڪار اڳيان نڪري وري بيڪ ڊرائيو ٿي ڏٺم ته ان گاڏيءَ جي پوئين سيٽ تي محترم ڊاڪٽر دودو مهيري صاحب ويٺو هو، ان جو ميڊم شبانه امتياز کي ڏٺو سو ڪار جي کاٻي پاسي واري دري کولي ميڊم شبانه کي اسلام عليڪم چيو ۽ کيس چيو ته مون ڳوٺ حسين خان لغاري ڪونه ڏٺو آهي ان ڪري مونسان ڪو ان رستي جو سُونهون ماڻهو موڪلي ڏي جو اُن ڳوٺ ۾ پهچون ميڊم شبانه امتياز پنهنجي ڪار مان لهي محترم ڊاڪٽر دودو مهيري جو استقبال ڪيو ۽ کيس چيو ته ڊاڪٽر صاحب توهان ڀلي منهنجي ڪار جي پويان اچو بس جلدي اُن ڳوٺ پهچي وينداسين وري مون ڏانهن نظر ڪندي ميڊم شبانه امتياز چيو ته پليز نثار صاحب اچو منهنجي گاڏيءَ ۾ ويهو ، مون کيس چيوته توهان ڀلي اڳيان هلو جيئن ته ڊاڪٽر دودو مهيري صاحب جن جي گاڏي ۾ سيٽ خالي آهي ۽ مونکي پاڻ ڊاڪٽر دودو مهيري صاحب سان ملڻ جو تمام گهڻو شوق آهي، ٻه ٽي پل ڊاڪٽر صاحب سان سندس ڪار ۾ ويٺس ته اها منهنجي خوشنصيبي هوندي، ۽ ڊاڪٽر صاحب سان ملڻ جي سالن کان سانڊيل منهنجي آرزو به پوري ٿيندي ، ڊاڪٽر صاحب فوري پنهنجي ڪار جو دروازو کولي مونکي پنهنجي ڀر ۾ ويهاريو، مونکي تمام گهڻي خوشي ٿي ته سنڌ جي هڪڙي تمام ڏاهي شخص جي پاسي ۾ ويٺو آهيان، پنجن ڇهن منٽن ۾ اسان ڳوٺ حُسين خان لغاري پهچي وياسين انهن پنجن ڇهن منٽن جي سفر ۾ ڊاڪٽر صاحب سان تعارف ڪرائيندي چيم ته آئون سنڌ ڌرتي جو ٽي درجي وارو شاعر آهيان، ان کان علاوه پنهنجي محبتي اڱڻ سنڌ سلامت جو هڪ ادنى ڪارڪن پڻ آهيان، ڊاڪٽر تمام گهڻو خوش ٿيو، جڏهن اسان پروگرام واري پنڊال ۾ پهتاسين ته چند آرگنائزرن ، ٽنڊو محمد خان شهر جي ميڊيا جي نمائندن ۽ اسان کي ڇڏي سمورو پنڊال ڳوٺ حسين لغاري ۽ ڀر پاسي جي ڳوٺن جي عورتن سان ڀريل هو، اسان جي پهچڻ جي ٿوري عرصي ۾ ليڪچر پروگرام جوباقائده آغاز ڪيو ويو،اسٽيج سيڪريٽري جا فرائض محترما شبانه امتياز ڏنا ، تلاوت ڪلام پاڪ لاءِ مس ناياب قمبراڻي کي گهرايو ويو، جڏهن ته نعت شريف پڙهڻ جي سعادت مس سڪينه چانڊيو حاصل ڪئي، ان کان پوءِ محترما شبانه امتياز ٽنڊو محمد خان اين جي اوز نيٽ ورڪ پاران آيل سڀني مهمانن جا ٿورا مڃيا ۽ تنظيم جي مول متن ۽ هن ليڪچر پروگرام جي باري ۾ سڀني کي آگاهه ڪندي چيو ته ٽنڊو محمد خان اين جي اوز نيٽ ورڪ هڪ مشهور اين جي او ايس پي او جي سهڪار سان هي ليڪچر پروگرام ڪرائي رهي آهي،جنهن جو بنيادي مقصد اهو آهي ته عورتون خاص ڪري ڳوٺ جون عورتون، پنهنجا بنيادي حق سُڃاڻي انهن حقن کي حاصل ڪرڻ جي همت پاڻ ۾ پيدا ڪن ، سُٺي تعليم ، سُٺي صحت هر عورت جو بنيادي حق آهي، ان هوندي به ڳوٺن ۾ عورتن ۾ تعليم نه هُئڻ برابر آهي اڪثر عورتون قيام حمل جي دوران مناسب علاج نه ملڻ جي ڪري پنهنجي خوبصورت زندگي وڃائي ويهي رهنديون آهن، ان ڪري ٽي اين اين (ٽنڊو محمدخان اين جي اوز نيٽ ورڪ) ڳوٺن ۾ بنيادي صحت مرڪز، ۽ عورتن کي تعليم مهيا ڪرڻ لاءِ ڳوٺن ۾ اسڪول قائم ڪرڻ جو پروگرام کڻي توهان جي ڳوٺ حسين خان لغاري آئي آهي، ان کان علاوه ڳوٺ ۾ بيسڪ هُنري سکيا گهر پڻ جوڙڻ جو ارادو رکي ٿي جنهن مان هن ڳوٺ جون عورتون فني هُنر سکي پنهنجي حق حلال جي روزي روٽي آرام سان حاصل ڪري سگهن ٿيون ان کان علاوه تعليمي اسڪول ۾ اُستاد توهان جي ڳوٺ جي ناري کي ئي مقرر ڪيو ويندو، شبانه امتياز جي انهي ڳالهه تي ڳوٺ جي سمورين نارين تاڙيون وڄائي شبانه امتياز جو ٿورو مڃيو،ان کان پوءِ هڪڙو ٽيبلو ڪرايو ويو، جنهن ۾ ڳوٺ جي نارين کي تعليم طرف راغب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، انهي ٽيبلو ۾ مس ناياب قمبراڻي، آپا سيما قمبراڻي، بينش قمبراڻي، سڪو جن حصو ورتو، ان کان پوءِ سنڌ جي قومپرست اڳواڻ ڊاڪٽر دودو مهيري کي ليڪچر لاءِ سڏايو ويو ته هن پروگرام شريڪ ٿيندڙن سڀني عورتن توڻي مردن تاڙيون وڄائي ڊاڪٽر دودو مهيري جي آجيان ڪئي. قومپرست اڳوڻ ڊاڪٽر دودو مهيري ٽنڊو محمد خان اين جي اوز نيٽ ورڪ وارن جو ٿورو مڃيندي چيوته ٽنڊو محمد خان شهر جي هن ننڍڙي ڳوٺڙي ۾ ايڏي وڏي تعداد ۾ عورتن جو گڏ ٿيڻ ان ڳالهه جي نويد آهي ته شهر ڇا پر ٻهراڙيءَ جون عورتون به هاڻي سُجاڳ ٿي چُڪيون آهن، هر ڪامياب مرد جي پويان عورت جو هٿ هوندو آهي، انهن قومن جي مائرن کي سلام آهي جيڪي پاڻ علم جي زيور سان آراسته ٿي پنهنجي ٻچڙن کي تعليم جي بحر مان ٽُٻي ڏيارين ٿيون،جڏهن جڏهن ۽ جٿي جٿي ظلم جو انڌيرو، جهالت جي اونڌائي انسانيت جي خلاف پنهنجا پير پُختا ڪندا آهن اُتي عورت ئي هڪڙي ڪرڻي جي صورت ۾ اڳيان ايندي آهي ۽ مردن کي حوصلو ڏياريندي آهي ته اٿو اي دنيا جا مظلومو ظالمن جي دنيا کي صرف هڪڙي پير جي ٺوڪر جي ضرورت آهي. باقي دنيا جي قومن واري يا هن ملڪ جي آئين ۾ عورتن جي حقن کي پامال ڪرڻ جي هرگز اجازت ڪونهي، ننڍي ننڍي ڳالهين تي عورتن تي تشدد ۽ وري عورتون پنهنجي حد کان وڌيڪ صبر جي ڪري سدائين مشڪلاتن جو شڪار رهيون آهن، ان سڀني مشڪلاتن جو حل صرف هڪڙي ئي ڳالهه ۾ لڪيل آهي ته عورتون هر حالت ۾ پنهنجي مردن کان انهي ڳالهه کي مڃرائي وٺن ته هُو صرف تعليم، حاصل ڪرڻ ٿيون چاهين، جڏهن دلي طور تعليم واري شمع جي روشني سان عورتون منور ٿي ويون ته دنيا جي ڪابه طاقت عورتن جا حق غضب ڪرڻ جي همت نٿي ساري سگهي محترم ڊاڪٽر دودو مهيري جي انهي ڳالهه تي تقريب ۾ شامل عورتن تمام گهڻيون تاڙيون وڄايون، ان کان پوءِ هن ليڪچر جي صدارت ڪندڙ ٽنڊومحمد خان اين جي اوز نيٽ ورڪ جي آرگنائزر محترم عبدالستار گهراڻي ڊاڪٽر دودو مهيري صاحب جا ٿورا مڃيا ۽ پنهنجي اين جي اوز جا اغراض ۽ مقاصد خاص ڪري عورتن جي حقن جي حاصلات جا محرڪات بيان ڪيا، ان کان پوءِ جڏهن ميڊم شبانه امتياز مونکي يعني سنڌ سلامت جي جهوني نثار ناز راقم الحروف کي اسٽيج تي ساري ڪاروائي بشمول محترم ڊاڪٽر دودو مهيري جي ليڪچر تي ٽيڪا ٽپڻي ڏيڻ لاءِ گهرايو ته مان حيران ٿي ويس اسٽيج تي اچي چيم ته محترما شبانه صاحبه آئون هڪڙو صفا ننڍڙو پتڪڙو ٽي درجي وارو شاعر آهيان منهنجي حيثيت محترم ڊاڪٽر دودو مهيري جي سامهون هڪڙي ڪک جهڙي به ناهي، مان ڪير ٿيندو آهيان ڊاڪٽر صاحب جي تقرير سامهون ٽيڪا ٽپڻي ڪرڻ وارو، ها البته ڳوٺ حسين خان لغاري جي نياڻين کي مخاطب ٿيندي چيم ته پاڻ ته تعليم حاصل ڪريو پر پنهنجي ٻچڙن خاص ڪري پنهنجي نياڻين کي تعليم جهڙي زيور سان ضرور آراسته ڪريو، ليڪچر شروع ٿيڻ کان اڳ ۾ ڊاڪٽر دودو مهيري صاحب کي سنڌ جي روايتي سوکڙي اجرڪ جو تحفو پارايو ويو جيڪو ٽي اين اين جي ارگنائزر عبدالستار گهراڻي پارايو. آخر ۾ سڀني مهمانن جي خاطر تواضع ڪولڊ ڊرنڪ ۽ فروٽ سان ڪئي وئي. اهڙي طرح هي تقريب جيڪا شام جو 5 وڳي شروع ٿي رات جو 8 وڳي اختتام پذير ٿي

    پيش آهن هن ليڪچر پروگرام جون تصويري جهلڪيون خالص سنڌ سلامت جي پيشڪش​

    [​IMG]
    ٽنڊو محمد خان اين جي اوز نيٽ ورڪ پاران ليڪچر پروگرام جو بينر

    [​IMG]
    محترم شبانه امتياز سڀني مهمانن کي ڀليڪار چئي رهي آهي،

    [​IMG]
    عبدالستار گهراڻو محترم ڊاڪٽر دودو مهيري صاحب جن کي اجرڪ جو تحفو پارائي رهيو آهي

    [​IMG]
    مس سڪينه چانڊيو نعت شريف پڙهي رهي آهي

    [​IMG]
    سنڌ سلامت جا ٻه نوجوان ميمبر، ڪي ٽي اين جو ڪئميرا مين سيد غلام علي شاهه سنڌ ٽي وي جو ڪئميرا مين ممتاز جسڪاڻي پنهنجي هڪ دوست سان گڏ بيٺا آهن
    [​IMG]
    ليڪچر پروگرام ۾‌شريڪ ٿيندڙ ڪجهه ناريون​

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
    سنڌ جي قومپرست رهنما محترم ڊاڪٽر دودو مهيري جي تصويرن جا ڪجهه مختلف انداز​
     
  2. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: ٽنڊو محمد خان اين جي اوز نيٽ ورڪ پاران ليڪچر پروگرام

    ڪجهه وڌيڪ تصويرون

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو