مون پئڪيٽ مان هڪ سگريٽ ڪڍي دکايو، ۽ هڪ سگريٽ ٻڍي بروهيءَ کي آڇيو.. هن سگريٽ هٿ ۾ وٺي، مونکان پڇيو، ”سائين هي سگريٽ گھڻي ملندو آهي؟“ ”ٻين آنين.“ ”سائين هي سگريٽ موٽائي وٺ.. مونکي ٻہ آنا ڏي تہ ڀڳڙا وٺي کاوان.. مونکي راتاڪون بک آهي!“ ادا، هي مثال نهايت عاميانہ آهن، انهن ۾ ڪائي افسانوي رومانيت نہ آهي، ۽ اهي ڪنهن بہ اديب لاءِ دلچسپيءَ جو باعث نٿا ٿي سگھن.. پر مان ڇا ڪريان! منهنجي تصور جو کهنبو زندگيءَ جي ڪلهي ڦاٽل ڪنجري کي لڪائي نٿو سگھي! روز اهڙا مثال ڏسي، منهنجو هيانءُ ڪچو ٿيندو آهي.. مان شاعر آهيان؛ ٻوليءَ جو وينجھر آهيان، ماڻڪن موتين جھڙا لفظ جڙيندو رهيو آهيان.. مون زندگيءَ جي زلف دراز ۾ گلاب جا گل اٽڪايا آهن ۽ انهن جو منهن شبنم سان ڌوتو آهي.. مان اهو بتگر آهيان، جنهن حسين ترين لفظ ڇلي، گھڙي، انهن مان عجيب غريب صنمخانو بڻايو آهي.. منهنجي دنيا حسن جي دنيا آهي، منهنجي تخليق حسن جي تخليق آهي.. منهنجو ان سان ڇا تہ ڪنهن جا ٻچا پگھار نہ ملڻ سبب عيد نہ ڪري سگھندا، ڪنهن کي راتاڪون بک آهي، ڪنهن ممتا ماريءَ کي ٿڻن ۾ ٿڃ انڪري نہ آهي جو پوري غذا ۽ دوا نٿي مليس! اهي تہ غير شاعرانہ تصور آهن.. انهن سان حسن جي ڪائي تخليق ٿي نہ سگھندي! انهن کي ڪير پڙهندو! ڪير پڙهندو؟ اي بي معني انسان، هاڻي توکي ڪير ٿو پڙهي؟ فقط اهي چار في صدي انسان، جن جي ابي ڏاڏي جي مالي حيثيت ايتري هئي جو انهن کي جديد تعليم بهره ور ڪري سگھي! نہ، نہ، اهي بہ نہ! انهن مان بہ ٽي فيصدي تہ پنهنجي ڦر لٽ ۽ وٺ_ پڪڙ ۾ ايترو مصروف آهن، جو انهن کي تنهنجيءَ حسن جي تخليق تي نظر ڪرڻ جي فرصت بہ نہ آهي.. شايد هو تنهنجيءَ آرائينءَ جي جهول کان، ڪنهن قحبہ خاني ۾، ڪنهن حسين ترين جسم جي تربت تان مرجھايل گل چونڊڻ پسند ڪندا! اخر تون ڪنهن لاءِ ٿو لکين؟ پر جي مان انسان جي بک ڏک، اهنج ايذاءُ جي باري ۾ لکان، تڏهن بہ تہ مونکي اهوئي تعليم يافتہ سرمائيدار ۽ مٿيون وچولو طبقو پڙهي سگھندو! نہ، نہ! اهڙيءَ ادبي تخليق کي انهن مان ڪوبہ نہ پڙهندو، ڪوبہ نہ، باقي هڪ فيصدي بہ نہ! تڏهن مان ڪنهن لاءِ لکان؟ هيءَ راتوڪيءَ بک وارو بروهي تہ پڙهي ڪونہ ڄاڻي ۽ جي ڄاڻي بہ تہ، هنجي بک منهنجي تخليق جي مطالعي مان تہ نہ لهندي! قلم قلم، قلم! هن وقت ساري مشرق ۾ قلم ڪائي معني نٿو رکي.. قلم انسان جي بک مٽائي نٿو سگھي.. جي انهيءَ بک کي مٽائڻ لاءِ تون حالات سان ٽڪر نٿو کائين، اي قلمڪار! تون بہ زندگيءَ جي عظيم ترين گنهگارن مان آهين ۽ تاريخ جي روز حساب وقت تون بہ ڪنهن معافيءَ جو مستحق نہ آهين.. ...شيخ اياز... ...جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي... ...ص: 35...