خيرپور جي ايس ايس پي ناصر آفتاب کي جس هجي جنهن جي ڏينهن رات جي محنت سبب خيرپور جو امن بحال ٿيو آهي. مونکي ياد آهي ته ڪجهه مهينا اڳ جڏهن ڳوٺ رات دير سان پئي ويس ته منهنجي ڀاء ۽ منهنجي وڏڙن جيڪي ڳوٺ ۾ رهندا آهن مونکي منع ڪئي ته خيرپور جو امن موڪلائي ويو آهي، هتي ڪوبه محفوظ ناهي انڪري دير سان نه ايندا ڪيو. ضلعي ۾ چورين، ڌاڙن، قبيلائي جهيڙن، ڦر لُٽ ۽ اغوا جون ڪيئي وارداتون ٿي چڪيو هيون.
ناصر آفتاب ڪجهه ئي ڏينهن ۾ سڀ ڪجهه بدلائي ڇڏيو آهي، جيل ڀرجي ويا آهن، چور يا ته نمازي ٿي ويا آهن يا علائقاڇڏي ڀڄي ويا آهن. قبيلائي ۽ برادري جي جهيڙن ۾ به ٺاپر آهي. سڀ ڪجهه مڪمل ٺيڪ ته ناهي پر پوء به امن بحال ٿيو آهي. گذريل هفتي ڳوٺ ويس ۽ پڇيم ته جي دير ٿي وڃي ته پوءِ ... !!!! جواب مليو ته بي فڪر ٿي گهم ڦر .....
ناصر آفتاب اهو ثابت ڪيو آهي ته جيڪڏهن پوليس آفيسر سچائي ۽ ايمانداري سان ڪم ڪري ته عوام آرام جي ننڊ سمهي سگهي ٿو.