• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سامونڊي وَانءُ وَڃِي وَائُٺِ، هِنئَڙَا ! مَاڳُ پِرِيُن جَو

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
jvPiJ9CWlkxKa.JPG


وَانءُ وَڃِي وَائُٺِ، هِنئَڙَا ! مَاڳُ پِرِيُن جَو
چُمِيَو چُمُ چَائُٺِ، هُوءَ جَا سَندِي سَڄَڻَين


سُرُ سَامُونڊي

وَانءُ = وَنئُه، وَڃُ
وَائُٺ = جاچ ڪر، ڳول، تلاش ڪر، واءُ سواءُ لهه
هنئَڙَا = او مَنَ، او دل
مَاڳُ = جڳهه، هنڌ، رهڻ جي جاءِ
چَائُٺ = چانئُٺ
سَڄَڻَين = پرين جي، محبوبن جي، ساجن جي

بيت جو پس منظر


~ او دل !! وڃ وڃي ڳول ته محبوب ڪهڙي جاءِ تي ٿا رهن.
~ جڏهين ڳولي لهين ته چائٺ کي چميون ڏئي اچجان.

سمجهاڻي

ٻاهرئين ملڪ ڪمائڻ لاءِ ويل هڪ پورهيت واپس اچڻ ۾ وڏي دير لڳائي آهي. کيس ڪيئي سال لنگهي ويا آهن، هو اڃان نه موٽيو آهي.سندس وني، محبوبه ڏاڍي بي چين ۽ بي قرار آهي. هوءَ رويو پنهنجيءَ دل کي پئي چئي ته ڪيڏو پريشان آهين پاڻ به ۽ منهنجو جيءُ به جهوريوڌو اٿئي. ڀلا هينئن ڪر جو وڃ وڃي محبوب کي ڳولهه ته ڪهڙي جاءِ تي ٿو رهي؟
جڏهين ڳولهي لهين ته نهايت ادب سان پاڻ به، ۽ منهنجي طرفان به سندس چائٺ کي چميون ڏئي اچجان.

____
محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
Back
Top