جواب: my introduction محترم ڀيڻ مريم شال سدا سلامت هجين۔ اسان سنڌ سلامت جا سمورا ساٿي توهان کي دل جي گهرائين سان ڀليڪار چئون ٿا، توهان کي سنڌ سلامت جو هي اڱڻ سُٺو لڳندو آهي اها اسان جي خوشنصيبي آهي ۔ ته هاڻ سنڌي ڀيڻون پڻ اسان جي سٿ ۾ شامل ٿي رهيون آهن، اسان کي اميد آهي ته توهان پنهنجي مفيد لکڻين سان سنڌ سلامت جي هن اڱڻ تان جيجل سنڌ جي خدمت ڪنديون رهنديون۔ هي ڪجهه گُل جيڪي اسان سڀني ڀائرن طرفان آهن توهان جي نظر ٿا ڪيون۔ ڀيڻ مريم اميد ٿا ڪريون ته هاڻي توهان پنهنجي پياري ٻولي سنڌي ۾ لکڻ جي ڪوشش ڪندا۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: my introduction سنڌ سلامت جي اڱڻ تي سورمي ڀيڻ مريم کي ڀليڪار، جيئن ته هن اڱڻ جو نعرو آهي سنڌ سلامت ساٿ سلامت انڪري اميد آهي ته اسانجي هي ڀيڻ پڻ هن اڱڻ تي علم جا ڏيئا ٻاريندي ۔۔۔۔ ڀيڻ مريم ! اوهان جيڪو سوال ڪيو آهي ۔۔۔ هن هيٺ لنڪ تي وڃي ڏسو، اميد ته اوهان پنهنجي تصوير کي آڻي سگهنديون ۔۔۔ http://www.sindhsalamat.com/showthread.php?t=4004
جواب: my introduction سنڌ سلامت جي سڀني دوستن جي وڏي مهرباني جنهن منهنجي شاندار آجيان ڪئي ادا نثار ابڙو تصوير لڳائيڻ لا ٻڌايو اها ته لڳي وئي پر ظاهر ڪون ٿي تمام مشڪل آهي پليز انهي کي آسان بنايو آئون انگش ۾ آرٽيڪل هتي ڪهڙي نموني لڳايان ؟
جواب: my introduction اميد ته اسانجي هن فورم جي روح روان رشيد صاحب جي يا فقير صاحب جي جيئن ئي نظر پوندي ته اوهانکي ڦوٽو هڻڻ سيکاريندا۔ هڪر عرض! جيئن ته هي اڱڻ سنڌي ٻولي جي خدمت ۽ واڌاري جو نعرو هڻي نڪتو آهي ۔۔۔ انڪري اوهانکي عرض آهي ته اوهان وٽ ڪهڙي به ٻولي جو مواد هجي ته انکي سنڌي ۾ ترجمو ڪري پيش ڪري سگهو ته لک لائق ۔۔۔ انگريزي ۾ مواد اسان وٽ به گهڻو آهي ۽ پوري دنيا جون سائيٽس انگريزي مواد سان ڀريل آهن، ضرورت آهي سنڌي مواد ۽ سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ جي دنيا ۾ عام ڪرڻ جي ۔۔۔ اميد ته اوهان به پنهنجي پياري ٻولي جي خدمت ۾ اسانجو ساٿ ڏينديون ۽ اسانجي حوصله افزائي ڪنديون ۔۔۔ اوهانکي هن فورم بابت ڪا به تڪليف هجي ته ” سنڌ سلامت سکيا فورم“ جي ڌاڳي تي وڃي ڏسندا ته ڪافي ڳالهيون سمجهايل آهن ... ته ڪئين پنهنجون لکڻيون موڪلجن؟ وغيره وغيره رب العالمين اوهانکي پنهنجي حفظ ۽ امان ۾ رکي ۔۔۔ آمين
جواب: my introduction اسان اوهان کي سنڌ سلامت فورم تي خوش آمديد ٿا چئون اسان کي اوهان جي نڪور لکڻين جو انتظار رهندو توهان جي تصوير ان ڪري ظاهر نه پئي ٿئي ته توهان پنهنجي پروفائيل واري پيج تي هي تصوير شيئر ڪئي آهي هي تصوير توهان جي پروفائيل ۾ شيئر ڪيل آهي جيڪا توهان جي ريپلائي ڪرڻ وقت ظاهر نه ٿيندي هاڻي توهان کي گهرجي ته توهان يوزر جو ڪنٽرول پينل ۾ وڃي ڪري تصوير جي ترميم واري آپشن تي ڪلڪ ڪريو ان ۾ پنهنجي مطلوبه تصوير اپ لوڊ ڪريو انشا الله توهان جي تصوير ظاهر ٿيندي ويندي سدائين گڏ
جواب: my introduction ادي مريم سنڌسلامت ۾ شامل ٿيڻ تي اوهان کي دل جي گهرائين سان ڀليڪار چئون ٿا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔