فدا حسين شيخ ٺٽي جو عروج ڪنهن ڏٺو نه ڏٺو ، پر اسان جي ٽهيءَ جيڪو ڏٺو آهي، انهيءَ جو جواب ڪونهي ڄڻ قدرت لاڙ جي ماڻهن تي خاص مهرباني ڪئي هجي، اهو عجب نظارو، جنهن ۾ درياهه شاهه سو به سنڌو ۽ سمند هڪٻئي کي ڀاڪر پائي سدائين کيڪاريندا هجن، اهو مهراڻ ٺٽي ضلعي جي بلڪل وچ مان وهندو آهي. ڄام تماچي هن ۾، نوري ڪينجهر، دولهه دريا خان ، ڀنڀور، ماهي ڪالي يا ماءُ ڪالي مڪلي، جهوڪ جو شاهه عنايت، شاهبندر ، سنڍو بندر، ماڃر ، مخدوم ضيا، مخدوم معين ٺٽوي ۽ انيڪ اهڃاڻ بشمول حضرت سرويچ، محمد خان مجيدي،مريم مجيدي، يوسف پنجابي، حاجي شاهه آدم هڱورجه ،سيد زمان شاهه، سائين غلام حسين رنگريز، سيد اڪبر شاهه ، نور الدين نفيس سڀ هن ۾ ۽ انهن سڀني الله جي نشانين جا بلا تفريق سجاول جاتي شاهبندر ، ساڪرو يا گهوڙا ٻاري جا عام توڙي خاص ماڻهو ننڍو توڙي وڏو انهن ماڳن ۽ ماڻهن جا وارث آهن، پر خدا ڄاڻي ڪهڙو واءُ وريو ۽ ڪهڙو ڦيرو ڦريو جو ٺٽي جي نه آدم شماري وڌي نه land Revenue نه ئي ڪو Infra structure جيڪي ڪنهن نئين ضلعي ٺاهڻ لاءِ بنيادي ضرورت آهي، وارو وار ڪري ٺٽي کي ٻه اڌ ڪري ڇڏيو ۽ سنڌو درياهه جيڪو وچ مان وهندوهو، انهيءَ کي ضلعي جي حد بندي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو ۽ افسوس ته سنڌي ماڻهن جيئي جيئي جا نعرا هڻي، پنهنجي ئي جسم کي بنا ڪنهن سبب جي وڍ جڻ تي ٽپا ڏنا. ڪن چيو ته تمام ڀلو ٿي ويو، هاڻ ماڻهو ٺٽي وڃي رلندا ڪونه نوڪريون نڪرنديون، پلاٽ قيمتون ڪندا ۽ ترقي جا رستا کلي ويندا، ڪن چيو ته شيرازين جي هڪ هٽي ختم ٿي وئي ۽ هاڻ ملڪاڻي صاحبان ٻه سيٽون والاريندا، ڪنهن چيو ته مرتضيٰ ڀٽو جي ڪيسن ۾ آصف خلاف شاهد طور آيل الطاف خواجه کي اهو ضلعو حوالي ٿي ويندو ۽ وزير ميمڻ پ پ جي ضلع صدر مان جان ڇٽندي جو ٺٽي واري پاسي وڏو ٽپي صاحب ۽ سجاول واري پاسي ننڍو ٽپي صاحب ٺٽي کي بيدردي سان وڍ ڪٽ ڪري پنهنجي ڪتب ۾آڻيندا، جيئن ٺٽي وارن جيڪو ذوالفقار آباد جي مسئلي تي مٿي ۾ سور وجهيو ويٺا آهن، انهن مان جان آجي ٿي ويندي، مجال آهي جو ڪو پيپلو منهن کولي مورڳو جشن ۾لڳي ويا، دل ۾ سوچيم ته ترقي نالو آهي بهتري جو نه صرف روڊ رستن جو ، پر ماڻهن ۽ خصوصن سياسي ماڻهن جي سوچ جو نون وڏيرن ۽ ڪامورن جي لوڌ جي پيٽ ڀرجڻ جو، رڳو ٽي ڏهاڪا پوئتي وڃبو ته توهان اسان کي ٺٽي ضلعي ۾محمد خان سومرو، حميد ميمڻ، جمال خان لغاري، جهڙن ڀلوڙ ۽ باهمت ماڻهو نظر ايندا، جي پنهنجي کٽئي تي زندگي گذار يندا هئا، ڪرپشن ۽ اقربا پروري هنن جي گهر جو گس به ڪونه ڏٺو هو، مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي، ته اسان وٽ جاتي ۾ملڪاڻي صاحب وڏا جاگيردار هئا، پر وٽن ڪُل ٽي جيپون هيون. جنهن کي ڊرائيور پيا هينڊل هڻندا هئا، مون هنن ۾ ڪڏهن به شاهي دعوتون ڪونه ٻڌيون. سواءِ محمد يوسف چانڊيي جي جنهن وٽ ايوب خان شڪار تي ايندو هو. مطلب ته پنهنجون ضرورتون پوريون به مشڪل ٿينديون هئن. حالانڪه MNA, MPA ۽ وزير به رهيا پر انهيءَ هوندي به هنن ڪڏهن به ڪا نوڪري نه کپائي، ڳوٺ جي ماڻهن جي رستن، گٽرن، اسپتالن، اسڪولن ۽ ٻين ترقي جي ڪمن تان مجال آهي جو رپيو به وٺن يا ڪنهن چور سان ڀائيواري ڪن، اوطاقتون هر عام ۽ خاص لاءِ کليل هونديون هيون ۽ غريب غربو پيو ماني کائيندو هو. سيد قادر ڏنو شاهه ته ڇيهه جو سخي هو، جهڙو پاڻ کائيندو هو اهو ٻاهر مهمانن لاءِ ويندو هو. بٺوري واري اعجاز خواجه جي ممتازڀٽو جي دور ۾ بلي بلي هئي پر مجال آهي جو ڪرپشن ڏانهن اک کڻي نِهاري، تنهن هوندي اسان پارا پتل جا انهن ايماندار ۽ مهمان نواز وڏيرن کي دقيانوسي ۽ ترقي روڪ ڪري سڏيندا هئا، چاهي جو منجھن اوچ نيچ موجود هئي، پر اها اڄ به وڌيڪ شدت سان موجود آهي، پر هاڻي جڏهن سندن اولاد ڏسون ٿا ته شرم کان سندن ڪنڌ جھڪي نه جھڪي پر اسان جا جھڪي وڃن ٿا. اهي بک جون پاڙون سنڌ کي ڇا بچائينديون، جيڪي پنهنجي ئي ووٽرن جون قميصون لاهي ڏوڪڙن جا دڳ ڪيون وتن، بقول ڪبير داس جي: ”سادو چليا، ٺڳ رهيا ،ٺڳ ڀي چلڻهار، آئي اسڪي وار، جو ساڄي ڪون جو ٺاڪهي“. تنهن ڪري مون کي ايئن چوڻ ۾ ڪابه اربع خطا ڪونه ٿي لڳي ته جيڪا تبديلي پ پ آندي، انهيءَ ۾ ڪرپشن اقربا پروري، ناانصافي ۽ اکين پور ماڻهن لاءِ شاهي دروازا اهڙا ته کليا آهن جو ڪڏهن به عزت واري ماڻهو ۽ قابليت تي انحصار ڪرڻ وارن جي ڪا گنجائش ڪانهي. سنڌي ماڻهوءَ جي قيمت تي دولت ۾ ٽٻيون هڻندڙ انهن هڙکائو وڏيرن ۾هڪ به ماڻهو ڪونهي جو ڪنهن وطن دوست جو پناهه گاهه هجي. ڪو ٺٽي ۾ قادر ڏنو شاهه شيرازي جهڙو، جنهن قادر بخش جتوئي ۽ حيدر شاهه کي پنهنجي پناهه ۾ رکيو جيڪو شيرين سومرو واري احتجاج جي ڪري ڪنهن ڪرنل جي قتل ۾ گهربل هئا، شاهه محمد شاهه کي جڏهن بدنام زمانه DSP پيرزادو لاڏين جيل ۾ مارڻ لاءِ کڻي آيو ته اهو قادر ڏنو شاهه هو، جنهن ماڻهو وٺي وڃي جيل جو گهيرو ڪيو ۽ تيستائين هن کي ڪڍڻ نه ڏنائين. جيستائين سنڌ هاءِ ڪورٽ سندس Production جو آرڊر نه ڪيو آهي، ڪو سردار عثمان سومري جهڙو جيڪو فيلڊ مارشل ايوب خان کي محفل ۾ سڌيون ٻڌائي ڇڏي، شاهه لطيف ڇا خوب چيو آهي. ”وياسي وينجھار هيرو لعل ونڌين جي تنين سندا پويان، سيهي لهن نه سار ڪٽين ڪٽ لوهار تنين سندي ڀيڻين“ ڳالهه وڃي ڪٿان کان ڪٿي نڪتي، چورن کان وڃي شاهن تي پياسون ۽ ٺلن کان وڃي ڀلن تي پياسون، ڳالهه هلي پئي ٺٽي جي ورهائڻ جي، ڏاهن چيو پئي ته سجاول ضلعو ٿيندو ته پنڌ کٽندا، بند ٽٽندا، ماڻهن جا ڪم جادو جي ڇڙي سان آڙيڪاپ ڪامورا ڪري ڇڏيندا. افسوس ائين نه ٿيو، آڙيڪاپ ڪامورا ته آيا پر وڏيرن ايم اين ايز ، ايم پي ايز ۽ وڏن صاحب لاءِ ڄڻ بڇ جا پٽا ٻڌل بنده. ماڻهن جو حال اڳي کان ابتر، ڪامورن جي ٻيگهي متل، مطلب هر کاتو ٺيڪي تي ڏنل. شهر ڪچرن جا انبار، اسپتالون ڊاڪٽرن کان خالي، اسڪول ماسترن کان خالي، روڊ رستا ڦورن لاءِ فري. مفت پگهار کڻڻ لاءِ شهرن جي چڱن ڀلن ماڻهن جو اولاد ڀنگي طور ڀرتي ٿيل. انهيءَ صورتحال ۾ سمجھو ٿا ته ڪو ٺٽي جو اوج واپس ايندو.يا مورڳو ٺٽو ضلعو ساڻ غير پيداواري سجاول ضلعي جي چمڙن ۽ چٻرن جو آستانو ٿيندو. جنهن ڌرتي جو اديب ۽ ڏاهو مطلب پرست هجي ۽ پارٽي اڳواڻ ناميارا ۽ بخيل به هجن ته نامي گرامي ڦورو به چوندا آهن جتي لوڀي هجن اتي ٺوڳي بک نه مرن. منهنجي نظر ۽ ناقص راءِ مطابق ٺٽو لفظ ٺٺ جي بگهڙيل صورت آهي ۽ ٺٺ معنيٰ گهڻا آسودا، خوشحال ماڻهو جتي جمع هجن،جيئن لاڙي، عام طرح چوندا آهيون ته ڦلاڻي هنن يا ڦلاڻي جي اوطاق تي ماڻهن جو ٺٺ لڳو پيو آهي. ڇاڪاڻ اهو مسلسل درسگاهن مدرسن عالمن ۽ حڪمرانن جو شهر آهي، جتي هزارين ماڻهو گڏ هوندا. انهيءَ ڪري چئبو ته هتي سدائين ٺٺ لڳو پيو آهي، يا ٺٺ متو پيو آهي. اها خوشحالي ڄام نندي کان شروع ٿي. ٺٽي وانگر ٻيو وڏو شهر هو جاتي جي لڳ سينڍو بندر جتان هندستان ۽ ٻين ملڪن سان وڏي وڻج واپار جي آمدرفت ٿيندي هئي ۽ اتي انتهائي امير ترين هندو رهندا هئا ۽ اهڙيون رهائشي جايون سڄي ضلعي ۾ مشهور هيون ۽ مختلف سوين ذاتين وارا ماڻهو جاتي ۾ ۽ انهيءَ جي ارد گرد رهائش پذير هئا. انهيءَ ڪري هن جو نالو ئي پئجي ويو.، جاتي معنيٰ انيڪ ذاتين جو شهر، اسان جي تاريخدانن لکيو ته اهو نالو جت قوم جي ڪري پيو اهو بلڪل غلط دليل آهي، جت عام طرح اوٺاري خانه بدوش ذات آهي ۽ جاتي شهر ۾ ان وقت هڪ به جت نه رهندو هو. هاڻ به ست يا اٺ گهرن کان مٿي ڪونه آهن ۽ جيڪڏهن گهڻائي هئڻ جي ڪري پيو ته پوءِ سڀ کان وڌيڪ ملاح رهن ٿا، اڳ به سڄي تعلقي ۾ ملاح گهڻا هئا ۽ اڄ به، پنجاب ۾ ميان نواز شريف جو ڳوٺ جاتي امرا آهي، ڇا اتي جت گهڻا آهن. خود ميان صاحب به ڪشميري لوهار آهي. ته پوءِ ظاهر آهي ته جاتي امراءَ جو مطلب اتي امير ذاتين وارا ماڻهو رهن ٿا.محقق ته هليا ويا پر موجوده تاريخ جي عاشقن کي اڳيان اچڻ گهرجي جو ٺٽي کي اجاگر ڪري سگهجي. ٻنهي ضلعن جي عوام پنهنجي اندر جھاتي پائي ته چاليهه سال جئي جئي ۽ آوي آوي ڪندي آخر سندن، صحت، هلڻ ڦرڻ، روزگار ۽ تعليم ۾ڪهڙو فرق آيو آهي، وڌيڪ شهر ويران ٻهراڙيون سڃاڻپ کان ٻاهر ٿيون آهن، يا نه؟ اهي رئيس وڏيرا جيڪي هڪ هڪ گاڏي رکندا هئا انهن وٽ ڊزن کان به وڌيڪ گاڏيون. ٻنين ۽ پاڻي تي قبضا وڌيا آهن يا گهٽيا آهن. سڀ سٺيون نوڪريون پنهنجي گهر ۾ رکي سندن ووٽرن کي ڪوڙا آرڊر ڏئي ڳوٺ ڳوٺ شهر شهر ذليل ڪيو آهي يا نه؟ جن MPA, MNA کي ڪراچي ۾ فليٽ به ڪونه هو. انهن وٽ ڊفينس ۾ ٻه ٻه ٽي ٽي بنگلا ڪٿان آيا، جيڪڏهن اهڙي قسم جا نمائندا چونڊڻا آهن ته پوءِ ٺٽي ۽ سجاول جي ماڻهن کي ڪٿي به پناهه نه ملندي. آخر عام ماڻهو ڪيترا ڏينهن اکيون بند ڪندو ۽ چپ سبندو ۽ انهن نام نهاد بکين خاندانن کي ڪيستائين پاليندو ۽ جيڪڏهن سلسلو بنا پڇا ۽ حساب ڪتاب ائين هلندو رهيو ته پوءِ پنهنجي وڍئي جو ويڄ نه طبيب جڏهن عوام، سنڌي ڪامورو ۽ پڙهيل نوجوان جي پنهنجي ڌرتي، تاريخ ۽ ماڻهن کان لاتعلق رهندو ته ٺٽي جي تاريخ ڪهڙي لکبي.مرشد لطيف ڇا خوب فرمايو آهي. ”سي ساهيڙيون سارين تون، سيل جنين جو سچ ماروءَ ري ۾ مچ، سيهو ڀانئج سون کي“.
اسان جي لالچي ۽ منافق قيادت اسان جي تاريخي شهرن کي بي يارو مددگار بڻائي ڇڏيو آهي، پر اسان جي عوام به ته بيوقوف آهي جو هر ڀيري انهن ماڻهن جي پويان لڳندي اهي جيڪي سدائين دوکو ئي ڏيندا رهيا آهن.