سنڌ جي سرزمين صدين کان بلند پائي جي عالمن، صوفي، درويشن، اوليائن، ساداتن ۽ مشائخن جو مرڪز رهي آهي. انهن صوفي بزرگن ۽ الله لوڪ درويشن جي باري ۾ وقت به وقت ڪيترائي تذڪره ۽ سوانح حيات تي اعليٰ ڪتاب لکيا ۽ تاليف ڪيا ويا آهن. سنڌ خطي جي بدقسمتي اها رهي آهي جو تاريخ، علم ۽ ادب جا گهڻا ڪتاب غائب ٿي ويا يا ضايع ٿي ويا. اڄ جڏهن اسان تاريخي ڪتاب لکڻ لاءِ حوالا ڳوليون ٿا، تڏهن راويتن تي منبي ڪتابن جو سهارو وٺڻو پوي ٿو. ڪي ڪتاب محفوظ بچيا آهن جن مان اڪثر اڻپورا احوال مليا آهن. اهڙن تذڪرن ۾ هڪ بي مثال ۽ قابل تعريف ڪتاب ”حديقته الاولياءَ“ آهي. جيڪو فارسي زبان ۾ سيد عبدالقادر جو لکيل اهي. سيد عبدالقادر بن سيد محمد هاشم بن سيد محمد جو شمار يارهين صدي هجري جي اعليٰ عالمن، شاعرن ۽ تذڪره نويسن ۾ ٿئي ٿو. سندس باري ۾ گهڻي معلومات نه ٿي ملي. پير حسام الدين راشدي کيس ٺٽوي سڏيو آهي، پر پروفيسر حامد علي خانائي محقق طور کيس نصيرپوري ثابت ڪيو آهي. سندس باري ۾ اوائلي احوال مير علي شير قانع جي ڪتابن ”مقالات الشعراءَ“ ۽ تحفته الڪرام ۾ آيل آهن. پير حسام الدين راشدي سندس باري ۾ لکي ٿوته ”سيد عبدالقادر نثر نويس ۽ شاعر هو. نثر ۾ سندس ڪتابن ”حديقته الاولياءَ پاڻ وٽ موجود آهي ۽ نظم جا فقط اهي نمونا بچيا آهن، جيڪي هن مذڪوره ڪتاب جي ديپاچي ۾ ڪم آندل آهن. مثال طور جمال صورت معنيٰ، کمال دين و دل نهال، دولت وجاھ و کل، حديقه جان زفيض نشا کرم، دو، جهانيان بامايه نشاط و طرب، همدم و نديم يا اهي اشعار جيڪي هن قلندر لعل شهباز، پير پٺي شيخ حئي، پير مراد ۽ سيد علي شيرازي جي شرح حال ۾ درج ڪيا آهن يا شاھ جميل گرناريءَ جي مدح ۾ چيا اٿائين. پروفيسر حامد علي خانائي حوالو ڪتب آڻيندي لکي ٿو ته ”سيد عبدالقادر بن سيد محمد هاشم بن سيد محمد وڏو سالڪ، ولايت ۽ ڪرامت جو صاحب هو. پاڻ پنهنجي دور جو يگانو عالم ۽ شاعر به هو. علم فقه، حديث ۽ تفسير ۾ وڏو عبور حاصل هوس. ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف ۽ مولف هو. سندس مسند درس تان ڪيترن ئي علم حاصل ڪيو. پروفيسر حامد علي خانائي ٻئي هنڌ لکي ٿو ته ” سيد عبدالقادر جي وفات جي باري ۾ ڪابه خبر ڪانه ٿي پوي، ته پاڻ هن فاني جهان مان ڪڏهن رهلت ڪيائين. پر جيئن ته سيد عبدالقادر پنهنجو تذڪرو حديقه الاولياءَ 1016هه ۾ لکي پورو ڪيو ۽ پنهنجي انهيءَ تاليف کي وقت جي امير ۽ صاحب اقتدار شخص خسرو چرڪس ڏانهن منسوب ڪيائين. خسرو، چرڪس سان عبدالقادر جا بهترين تعلقات قائم هئا. خسرو چرڪس جو اقتدار سن 1019هه/1610ع تائين سنڌ مٿان قائم رهيو انهيءَ لحاظ کان اسان جو گمان آهي ته سيد عبدالقادر يارهين صديءَ هجريءَ جي پهرين چوٿائي ۾ وفات ڪئي هوندي. حديقته الاولياءَ تذڪرو سيد عبدالقادر 11 صدي هجري ۾ لکيو، جنهن ۾ سنڌ جي عالمن صالحن، شاعر ۽ بزرگن جو تذڪرو موجود آهي. هن ڪتاب ۾ خاص ڪري ٺٽي جي بزرگن جو تفصيلي بيان آهي. ڪتاب ۾ 44 بزرگن جي زندگي جو احوال موجود آهي. انهن جا نالا هي آهن. شيخ بهاءٌ الدين ملتاني شيخ رڪن الدين، لعل قلندر شهباز، شيخ پنو، شيخ حماد جمالي، شيخ جيو، شام مسرور، سيد علي شيرازي، سيد نظام بکري ، شيخ نوح بکري، مخدوم حسام الدين، مخدوم بلاول، قاضي ڏتو سيوهاڻي، درويش احمد، محمد ولد شيخ هوتي، درويش حسن مقوي، مخدوم ساهڙ لنجار، مخدوم عري درياڻو، مخدوم نوح هالائي، درويش وهيون، مخدوم اسماعيل سومرو، درويش رڪن الدين، درويش راجو، شيخ ڀرڪيو ڪاتيار، درويش چرڪس، شيخ عيسيٰ، درويش مدر، منبو ناريجو،، درويش سهتو، درويش ابراهيم، درويش علاءُ الدين، قاضي مسدو، درويش يحيٰ، قاضي خير الدين، يعقوب پليجو، شيخ جاجڪ، شيخ ڀريو، شيخ عمر بودلو ۽ درويش الو شامل آهن. سنڌي اوليائن بابت هي تذڪرو 1607ع ۾ لکيو ويو. پير حسام الدين راشدي 102 صفن تي مشتمل مقدمو لکيو، فارسي ۾ هي ڪتابن سنڌي ادبي بورڊ پاران 1967ع ۾ پڌرو ٿيو. هن فارسي ڪتابن جو سنڌي ترجمو ڊاڪٽر عبدالرسول قادري ڪيو آهي. هن ڪتاب جي خوبي اها آهي ته هن تذڪري کي سنڌ ۾ تذڪره نويسيءَ جو پهريون ڪتاب سمجهڻ گهرجي، جو هن وقت تائين اسان کي صحيح صورت ۾ دستياب آهي. هن ڪتاب ۾ 11 صدي هجري جي سنڌ ۽ ان کان اڳ جي عالمن ۽ شاعرن جي معلومات ملي ٿي. ڪن عالمن جي معلومات گهڻي آهي ته ڪن جي ٿوري آهي. ليکڪ جو انداز سادو ۽ وڻندڙ آهي. مثال طور اسحاق آهنگر جي شعر جو سڀ کان پهرين ذڪر هن ڪتابن ۾ اچي ٿو. حديقه الاولياءَ جو مولف لکي ٿو ته ” شيخ ڀريو جيڪو اصل ۾ هندو هو ۽ پوءِ مسلمان ٿيو ۽ هڪ مجذوب بزرگ ٿي گذريو آهي. اهو آخري عمر جي حصي ۾ گنجي ٽڪر جي دامن ۾ رهندو هو. هڪ ڀيري شيخ ڀريو هڪ بيت پڙهي رهيو هو، جنهن تي سيد عبدالقادر کائنس معلوم ڪيو ته ڪنهن جو بيت آهي، ان جو پاڻ مرادو چيائين اهو بيت اسحاق آهنگر جو آهي. هن ڪتاب کي لکندي، سيد عبدالقادر حوالي طور ۽ مدد طور ”تحفته الانا“ ۽ تاريخ فيروز شاهي ڪتب آندا آهن.