مولوي احمد ملاح جي شاعري

abdullah jarwar

سينيئر رڪن
آسري ۾ آهيان ايندين نه ايندين چؤ کڻي.؟
درد دوري جي دوا ڏيندين نه ڏيندين چؤ کڻي؟

واسوا وچ جو وٺي سگهندو نه ٻيو ڪو واء سوا.
واء خدا جي واسطي . ويندين نه ويندين چؤ کڻي؟

درد دوري جي دوا. در دوست جي خاڪ پاڪ.
خاڪ پا. خاڪ شفا. کيندين نه کيندين چؤ کڻي؟

سج سڄڻ جا تون ڪرين ٿو. صبح ۽ سانجهي سلام.
پر نياپا نينهن جا نيندين نه نيندين چؤ کڻي؟

آهي “احمد“ عشق ۾َ اڄ عاشقن جو امتحان.
کير بدران وه کلي پيندين نه پيندين چؤ کڻي؟

مولوي حاجي احمد ملاح
 
Back
Top