ڊسمبر جا ڏينهن جڏهن به وڃڻ وارا ٿيندا آهن ته هو پنهنجو هٿ ڪنهن نه ڪنهن اهڙي حرڪت ۾ ڏيئي ڇڏيندو آهي، جتان کيس ڪو نه ڪو نقصان پهچي. دنيا ۾ هر ماڻهو پنهنجو فائدو ڳوليندو آهي، پر هن جهڙا ڪجهه چريا مڙس ڏسي وائسي ڄاڻي واڻي يا انهن هزار وولٽيج واري تار ۾ هٿ وجهندا آهن. هن پنهنجي زندگي ۾ اها حرڪت ڪجهه سال اڳ مليل خاتون کان الڳ ٿيڻ کان پوءِ شروع ڪئي آهي. هنن جي رمز ڀري زندگي ڪڏهن شروع ٿي ۽ ڪهڙي عروج تي پهتي، اهو وري ڪڏهن ٻئي ڀيري جو ذڪر آهي، پر في الحال ان ڊسمبر رات طرف موٽون ٿا، جيڪا اتفاق سان ان سال چانڊوڪي رات هئي. ان شام هو گهران نڪتا ته ڪا سٺي فلم ڏسڻ لاءِ هئا، پر هميشه جيان اچانڪ روٽ بدلائي اچي ڪلفٽن ”سي ويو“ پهتا. هو سمنڊ ڪناري ڪجهه دير سان پهتا هئا، ڇو ته هنن کي ڪنهن بار بي ڪيو ڊنر جو خيال ٿي پيو ۽ هو هلڪي بک مارڻ لاءِ ريشمي ۽ ڌاڳا ڪباب کائڻ ويهي رهيا. هوءَ جنهن جون اکيون ڊنر دوران هميشه لذيذ کاڌن تي مرڪوز هونديون هيون، تنهن هن جي پيار ڀري مرڪ ڏسڻ کانسواءِ چئي ڇڏيو ”منهنجي زندگي به ههڙن ڌاڳن ۾ الجهيل اٿئي.“ هو کيس پيار مان تڪي رهيو هو ۽ هوءَ مسلسل ڪبابن مان ڌاڳا الڳ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي. ڊسمبر جي سرد رات جو ڳپل حصو ٻئي ڄڻا سمنڊ ڪناري لوئيءَ ۾ ويڙهجي ويهڻ کانپوءِ هن کيس چيو ”ماڻهو چون ٿا مان ڪافر ٿي ويو آهيان، بت پرست ٿي پيو آهيان، پر هنن ته ڪڏهن تو جهڙو بت ڏٺو ئي ناهي.“ هوءَ روايتي عورتن جيان پنهنجي تعريف تي ٻهڪي نه پوندي هئي، ان ڪري هن کيس ڀرپور چنڊ ڏي اشارو ڪندي چيو ”هلو مون کي گهر ڊراپ ڪيو، هاڻي گهڻي دير ٿي چڪي آهي.“ هن هميشه جيان پنهنجي جذبن تي ضبط ڪيو ۽ هن جو حڪم مڃيو. گاڏي جڏهن شاهراهه فيصل تي ڊوڙڻ لڳي ته هن ميوزڪ جو آواز هلڪو ڪندي کائنس پڇيو، ”هڪ ڳالهه ته ٻڌايو، توهان شاديءَ کان اڳ ۾ ڪهڙي ملڪيت منهنجي نالي ڪندئو، ڇو ته مون کي حاصل ڪرڻ ايترو آسان ڪونهي.“ خوبصورت بت جڏهن ڳالهايو ته بت پرستن کان ڇرڪ نڪري ويو، ڄڻ اوچتو ڪو اسپيڊ بريڪر سندس سامهون اچي ويو، ڄڻ اچانڪ کيس نانگ ڏنگي وڌو. هو مني ڪلاڪ جي بقايا ڊرائيو دوران خاموش رهيو ۽ ميوزڪ جو آواز ڪنن جا پردا ڦاڙڻ جي حد تائين وڌائي ڇڏيائين. هو کيس آخري دفعو ڊراپ ڪري آيو، وري ڪڏهن به پِڪ نه ڪرڻ لاءِ-گاڏيءَ جو دروازو کولي هوءَ اڃان لهڻ واري هئي ته هن کيس ٻانهن کان پڪڙي ويهاريو. گاڏيءَ جو دروازو اڌ کليل هو، پر هن گهٽيءَ مان گذرندڙ ماڻهن جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ کيس استاد بخاريءَ جي شاعري ٻڌائي ته: نه گناهه آهيون نه ثواب آهيون، اسين ڏينهن ڏٺي جا خواب آهيون، جي نه پڙهين ته آهيون ڪورا ڪاغذ، جي پڙهين ته ڪيئي ڪتاب آهيون! هو اڃان تائين ڊسمبر جي ان رات ۽ ان بت کي پنهنجي زندگيءَ ۾ گهڙي آيل خوبصورت نانگ سمجهندو آهي. انسانن جي روپ ۾ چرندڙ پرندڙ اهڙا ڪيئي نانگ اسان مان اڪثر ماڻهن جي زندگين ۾ مختلف اسٽيجن تي ايندا رهن ٿا ۽ اسان لاءِ مشڪلاتون پيدا ڪندا رهن ٿا. اهڙو ئي هڪ لنڊي بلا جهڙو نانگ تازو هڪ معصوم شاگرد کي ڏنگي ويو آهي. هن تازو ماس ڪميونيڪيشن مان ماسٽرس ڪئي، پر رزلٽ اچڻ تي کيس خبر پئي ته ان ئي استاد کيس ڏنگي ڪيرائي وڌو آهي، جنهن جي ماضيءَ جي صحافت ۽ ترقي پسندي کان متاثر ٿي هو سندس بيحد عزت ڪندو هو. جديد جوڳي چون ٿا ته اهڙي لنڊي بلا ڪوتاهه قد هوندي به وسان ڪو نه ٿي گهٽائي ۽ موقعو ملڻ تي ٿر جي ٿوهر جهڙو زهر معصوم زندگين ۾ پيوست ڪريو ڇڏي ٿي. ”پر مان ته هن جي وڌ ۾ وڌ عزت ڪندو هئس، ان جي ڏنل هر اسائينمينٽ پوري ڪندو هئس ۽ فيڪلٽي جي اخبار به مان اڪيلي سر ڪڍندو هئس. صرف هڪ ڏينهن هن کي ذاتي ڪم کان جواب ڏنم ته سائين هاڻي منهنجا امتحان مٿان آهن، شام جو پارٽ ٽائيم جاب به ڪريان ٿو، ڪجهه وقت ترسو.“ هن فيڪلٽيءَ ۾ روئڻهارڪو ٿي تڏهن پنهنجي دوستن کي ٻڌايو. جڏهن رزلٽ آئي ۽ هن لُنڊي بلا جهڙي ماستر پن جي ٻيڙي جهڙي سگريٽ مان ڦوڪيل دونهون ڪڍندي کيس مڪار واري مسڪراهٽ سان چيو هو، ”اسان سان هوندين ته اهڙا مزا هوندءِ، اسان به آمريت واري ويڙهه ائين ته ڪو نه وڙهي هوندي نه، ڪا ته اٽڪل سٽڪل ڪري هڻي وڃي هنڌ ڪيو هوندوسين.“ اهڙا ڪيئي ڪوتاهه قد ۽ ڪوتاهه سوچ وارا اسان جي آس پاس پيا ڦرن، جيڪي پنهنجو وارو نٿا ڇڏين ۽ ڌڪ هڻندي دير نٿا ڪن. بلڪل اهڙي اٽڪلي پروفيسر ۽ اين جي او سٿ جيان جنهن جو ڳوٺ ته تازو مها ٻوڏ ۾ ٻڏي ويو، پر سندس سالن کان مڙيئي چرندڙ ڪاروبار چمڪي پيو. هاڻي هو عمر جي ان حصي کي وڃي پهتو آهي، جتي مرد پنهنجي جنسي حوس صرف حسرتن ۾ ئي پوري ڪري سگهندو آهي. پر هو اڃان به عادت کان مجبور اهڙو اسپيڊ بريڪر ٿي بيٺو آهي، جتي ڪيترين ئي محنتي ۽ پرعزم ڇوڪرين جا ڪيريئر يا ته جهڪا ٿين ٿا يا موروڳي تباهه ٿي وڃن ٿا. تازو ئي ٻوڏ پراجيڪٽ ۾ هن جنهن خوبصورت، پر ذهين ڇوڪريءَ سان فلرٽ شروع ڪيو، تنهن بيزار ٿي پنهنجي هڪ سهيليءَ کي ٻڌايو ته ”يار هن پوڙهي پراجيڪٽ مان ته اصل اڙجي ويئي آهيان، وڏو ڏچو آهي هنن ماڻهن سان ڪم ڪرڻ-هڪ ته هنن جي اين جي او به سنڀاليو ۽ ٻيو وري ساڻن عشق به فرمايون.“ ڪجهه ئي وقت کانپوءِ هن پوڙهي پروفيسر جي اين جي او ڇڏي وڃي هڪ ساک واري اين جي جوائن ڪئي ۽ سک جو ساهه کنيو. رڳو اين جي او ئي نه، پر سياست جي ريگستان ۾ به اهڙا خطرناڪ ماڻهو آهن، جيڪي چورن سان به گڏ ته ساڌن سان به سنمک رهن ٿا. اهڙي ئي هڪ ازدها بلا هڪ اڀرندڙ اڳواڻ کي اهو چئي ڌڪ هنيو هو ته هاڻي ملڪ جون ڳجهيون طاقتون توکي ختم ڪرڻ پويان آهن. اهڙي ڪچهريءَ کان فوري بعد ان سياسي اڳواڻ هڪ نامعلوم نمبر واري ڪال اٽينڊ ڪئي. اهڙا نامعلوم نمبر ڳجها ادارا ئي استعمال ڪندا آهن. ڪال ڪندڙ کيس ٻڌايو ته يا ته اسان سان ملي ڪم ڪري يا خراب حشر لاءِ تيار ٿي وڃ.“ اهڙي ڪال اٽينڊ ڪرڻ کانپوءِ هن ساڳي ٻه خطرناڪ ماڻهوءَ سان مشورو ڪيو، جنهن کيس هٿ ملائڻ جو مشورو ڏيندي چيو ته ”ابا هنن جي آڏو ڀٽي جو پٽ به ڪجهه ناهي، ان کي به رستي ويندي گهر اڳيان قتل ٿا ڪري ڇڏين، تون اسان ته هنن لاءِ ڪيوليون ماڪوڙا ٿياسين.“ ٻه طرفي عذاب ۽ ذهني دٻاءُ کان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ ان رات هن تمام گهڻو نشو ڪيو، پر نشي به جڏهن اثر نه ڏيکاريو ته هن ڪمري ۾ دوستن جي موجودگيءَ جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ تمام گهڻيون رڙيون ڪيون، رنو ۽ ڀتين کي ٽڪر هنيا. ڪجهه نانگن جو زهر واقعي به ڏاڍو درد ۽ عذاب ڏئي ٿو، پر ڇا ڪجي اسين اهڙي ته دور ۾ زنده رهڻ لاءِ جو بچيا آهيون، جتي نانگن روپ بدلائي ڇڏيا آهن ۽ جوڳي اصلي نانگن کان واندا ٿي هاڻي پنڻ تي مجبور ٿيا آهن. ماضيءَ جي هڪ ڪن ڦاڙ جوڳي سان رستي ويندي ملاقات ٿي، پڇيومانس ”ڪر خبر ڪي نانگ بلائون هٿ ڪرين ٿو يا ڪونه؟“ اکين ۾ چپيون پيل ان جوڳيءَ پنهنجي لپ جيڏين لپڙ مڇن تي هٿ ڦيريندي چيو ”نانگ آهن ته گهڻا، پر اهي پنهنجي کل مٽائي چڪا آهن، پڙهيل لکيل بوٽ سوٽ وارن نانگن تي اسان جي پير مرشد گوگي چهواڻ جو ڍارو اثر ئي نٿو ڪري. ڇو ته اهي انساني روپ ڌارڻ کانپوءِ به پنهنجي اصلي عادت نٿا ڇڏين. اهي ته وجهه ملڻ تي ٻيو ته ڇڏيو پنهنجا ٻچا به کائي چٽ ڪريو ٿيون ڇڏين.