ڏکڻ ڪوريا جي ڪمپني 5 سالن وارن ٻارن لا ننڍڙي اليڪٽرڪ ڪار متعارف ڪرائي آهي. Broon F8 نالي ڪار کي ٻار ٽيبليٽ ذريعي هلائيندا جڏهن ته والدين ان کي پري کان رموٽ ڪنٽرول جي ذريعي هلائيندا. هن ڪار جي قيمت 1000 ڊالر رکي وئي آهي. هن ڪار ۾ ايل ڊي اي هيڊ لائيٽس،فل ٽچ اسڪرين ڪنٽرول.ائنڊرائيد سسٽم وغيره آهي. ڪار ۾ ڊائنامڪ.نارمل ۽ ڪمفورٽ ڊرائيونگ موڊ آهن. هن ڪار ۾ ٻارن جي حفاظت لا مختلف سسٽم لڳل آهن.