رسول بخش دائودپوٽه
سينيئر رڪن
هو هوا جي لهر ڪائي
_________________________________
هو
هو هوا جي لهر ڪا
يا پاڻيءَ جي آهي ڪا ڇولي
سڪ جنهن سان ڪين سولي
يا وڃي ٿي برف باري
يا پوه پارو ٿي وڃي ٿي
ڪڪل واري ۾ ڪڏي ٿي
روح کي رانڀوٽه ڏي ٿي
مينهن جي ڪائي ڦڙي هو يا
تيز ڪرڻ جي ڪڻي ڪا
نينهن نرمل ۾ نماڻي
سونهن ساڀيان سڪ سياڻي ........
جي ياد ڪيان سڏڪن وجهي ٿي
جهير جهوري ۾ جياپو
نينهن جو آهي ڪو نياپو
سندرتا ۾ سنڌ ساري ........
ڏکن ۾ جنهن عمر گهاري
ٿي سڏي سڏڙا ڪري
اڀ ۾ منهن کي رکي
چاهتن کي پو چکي
هو هلي هوريان ٿي هرڻي
محبتن جي ماندڪائي
سڪ جي چاڏي هو ولوڙي
ٿي پياري مڌ محبت.......
پولار ۾ ڪو آهي تجلو
ترورن ۾ هو تکي
ٿي اچي مون آس ۾
پيار منهنجي پياس ۾
وهڪرو ٿي واس ۾
آ سيباڻي ڪنهن نه ڄاڻي
هو اندر ۾ پئي جهڄي
ڪنهن لئه هي پيرو کڄي
ڪو بيت آ يا
وائي آ
يا سڪ جو ڪو آهي سڳو
روح رنجش ۾ رڳو
مان رليان
خوب صورت خيال کي
چاهتن جي چال کي .......
رسول بخش دائودپوٽه
_________________________________
هو
هو هوا جي لهر ڪا
يا پاڻيءَ جي آهي ڪا ڇولي
سڪ جنهن سان ڪين سولي
يا وڃي ٿي برف باري
يا پوه پارو ٿي وڃي ٿي
ڪڪل واري ۾ ڪڏي ٿي
روح کي رانڀوٽه ڏي ٿي
مينهن جي ڪائي ڦڙي هو يا
تيز ڪرڻ جي ڪڻي ڪا
نينهن نرمل ۾ نماڻي
سونهن ساڀيان سڪ سياڻي ........
جي ياد ڪيان سڏڪن وجهي ٿي
جهير جهوري ۾ جياپو
نينهن جو آهي ڪو نياپو
سندرتا ۾ سنڌ ساري ........
ڏکن ۾ جنهن عمر گهاري
ٿي سڏي سڏڙا ڪري
اڀ ۾ منهن کي رکي
چاهتن کي پو چکي
هو هلي هوريان ٿي هرڻي
محبتن جي ماندڪائي
سڪ جي چاڏي هو ولوڙي
ٿي پياري مڌ محبت.......
پولار ۾ ڪو آهي تجلو
ترورن ۾ هو تکي
ٿي اچي مون آس ۾
پيار منهنجي پياس ۾
وهڪرو ٿي واس ۾
آ سيباڻي ڪنهن نه ڄاڻي
هو اندر ۾ پئي جهڄي
ڪنهن لئه هي پيرو کڄي
ڪو بيت آ يا
وائي آ
يا سڪ جو ڪو آهي سڳو
روح رنجش ۾ رڳو
مان رليان
خوب صورت خيال کي
چاهتن جي چال کي .......
رسول بخش دائودپوٽه
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: