اسان وٽ جي هلي ايندين

نظم

اسان وٽ جي هلي ايندين
محبت جون مٽيون پيندين

اسان سڪ جا سڪايل هون
جي سڪ ڏيندين ته خوش هوندين

اسان وٽ ميٺ محبت آ
محب ۾ جو تون ملندين.......

نه نفرت ڪيون اسان ڪنهن سان
اسان ڏي جي ڏسي کلندين...

عزت ڏيون اسان هر ڪنهن
اسان وٽ يار جي ايندين...

محبت منهنجو ايمان آ
جي عشق انسان تون ٿيندين

رسول بخش دائودپوٽه
 
Back
Top