ڪراچي، سنڌي ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
60 جي ڏهاڪي جي آخر۾ سنڌي، ڪراچيءَ ۾ ڳوليو نه لڀندا هئا جنهن جو مان پاڻ گواهه آهيان ـ جنرل يحى خان جي دور ۾، مان ڪراچيءَ ۾ ريڊيو پاڪستان سنڌي نيوز ۾ ڪم ڪندو هوس ـ ون يونٽ ٽٽڻ جي موقعي تي، سنڌي قوم پرست شاگرد اڳواڻ ڪراچي، سنڌ کي موٽائي ڏيڻ جا سخت مخالف هئا جن ۾ مسعود نوراني، يوسف ٽالپر، يوسف لغاري وغيره شامل هئا ـ سائين جي ايم سيد جو بيان به اخبارن ۾ آيو هو ته اسان کي 800 ڪروڙ روپيا ڏيو ته ڄامشوريَ وٽ ڪراچيءَ جي عيوض نئون گاديءَ جو هنڌ اڏيون ـ رسول بخش پليجيَ نه رڳو ڪراچي سنڌ کي موٽائڻ ڏيڻ جي مخالفت ڪئي هئي پر ان خلاف پمفلٽ به ڪڍيائين ۽ مظاهرو به ڪيو هئائين ـ
اها تاريخي حقيقت آهي ته اڪيلو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو مکيه ليڊر هو جنهن ڪراچي، سنڌ کي موٽائي ڏيڻ جو زوردار مطالبو ڪيو هو۽ ان جو حامي هو ـ سندس اهو احسان سنڌين کي سدائين ياد رهندوـ
 
Back
Top