• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سامونڊي اَڄُ پِڻُ وَايُون ڪَنِ، وَڻِجَارَا وَڃَڻَ جُون

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
jlwr63FunIyH1.jpg

اَڄُ پِڻُ وَايُون ڪَنِ، وَڻِجَارَا وَڃَڻَ جُون
هَلَڻَ هَارَا سُپَرِين، رُئَان تَان نَه رَهَنِ
آئُون جَهلِيندِي ڪَيترَو؟ آيَلِ سَامُونڊِيُنِ
پَڳَهَه ڇَوڙَي جَنِ، وِڌَا ٻَيڙَا ٻَارِ ۾


سُرُ سَامُونڊي


وَايُون = ڳالهيون، صلاحون، سس پس
وَڻجَارَا = سمنڊ رستي واپار ڪندڙ
هَلَڻَ هَارَا = وڃڻ وارا، وڃڻ لاءِ ٿيو بيٺا آهن، بس اجهو ٿا وڃن
سَامُونڊيُن = سمنڊ ۾ سفر ڪندڙ
پَڳَهَه = ٻيڙي کي ٻڌڻ جا رسا
ٻَار ۾ = تار پاڻيءَ ۾، وچ سير ۾، سمنڊ ۾

بيت جو پس منظر

~ اڄ وڻجارا وري سفر تي وڃڻ لاءِ پاڻ ۾ ڳالهيون پيا ڪن.
~ اجهو بس هاڻي وڃڻ وارا آهن، منهنجي روئڻ سان به نٿا رهن.
~ او منهنجي جيجل ماءُ !! مان ڀلا کين ڪيترو جهلينديس.
~ هاڻي ته هنن رسا به کولي ڇڏيا آهن ۽ سندن ٻيڙا ته وچ سِير ۾ پهتا آهن.

سمجهاڻي

مال سان ٻيڙا ڀرجي ويا هن ۽ هاڻي وڻجارا پاڻ ۾ رواني ٿيڻ لاءِ ڳالهيون پيا ڪن.هڪ وڻجاري جي وني بندر تي موجود آهي ۽ هي منظر اکين ساڻ پئي ڏسي. پنهنجي ماءُ کي شڪايت ڪندي روئي ٿي چئي :جيجل امان ڏس نه کين منهنجيون لڙڪن لارون به روڪي نه سگهيون. جيڪر ڪا گهڙي ترسي پون ها ته مان پنهنجي سڪ ته لاهيان ها.او امان تون جهلين ڇو نه ٿي، هو ڏس هنن هاڻي ته ٻيڙن جا رسا به کولي ڇڏيا آهن ۽ وچ سير ۾ وڃي پهتا آهن.

____
محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
 
Back
Top